دبئي ۾ پاڪستانين جا ملڪيتن ھجڻ جا انڪشاف ٿيا آھن. ان رپورٽ ھن مھانگائي ۽ بيروگاري جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل عوام کي حيران ڪري ڇڏيو آھي جيڪا رپورٽ گذريل ڪجھه ڏينهن کان پاڪستان سميت سڄي دنيا جي 70 عالمي صحافتي تنظيم ”آرگنائيزڊ ڪرائم اينڊ ڪرپشن رپورٽنگ پروجيڪٽ“ پاران ”دبئي انلاڪ“ جي جاچ بابت پڌري ڪئي وئي ھئي جنھن پرنٽ اليڪٽرونڪ ۽ سوشل ميڊيا تي ڌم مڃائي ڇڏي آھي ان سلسلي ۾ مٿين جانچ ڪرڻ واري تنظيم انھن سيڙپڪارن جا نالا ۽ انهن سان لاڳاپيل حقيقتون سامهون آڻي اھو تاثر ڏنو آھي حڪمران طبقي سان وابسته ماڻھن اشرافيه ڪيئن پنھنجي ملڪ مان پئسو ڪڍي ٻين ملڪن ۾ جائيدادون خريد ڪيون آھن. عوام کي ھاڻ انھن جي عمل مان خبر پئي آھي ته سياستدانن جي قول ۽ فعل ۾ فرق آھي ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ لاءِ ھر اليڪشن ۾ ھو وڏا واعدا ڪندا آھن ايستائين ھو پنھنجا ڪپڙا وڪڻن جي ڪوڙي دعوا ڪري ووٽ وٺي ويندا آھن ساڳي ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ لاءِ دنيا جي سيڙپڪارن کي ھتي سرمايو لڳائڻ لاءِ منٿون ڪن ٿا پر پنھنجو سرمايو دبئيم لنڊن، سئيزرلينڊ ۽ ڪينيڊا کڻي وڃن ٿا
او سي سي آر پي، ظاهر ڪيو آهي ته دنيا جي اميرن جي ملٽي بلين ڊالر جي ملڪيت وچ اوڀر ۾ واقع آهي جانچ ڪندڙ اداري دبئي جي شهر متحده عرب امارات ۾ 400 ارب ڊالرن جي پرڏيهي اثاثن جي ڊيٽا ليڪ ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته پاڪستانين جي 12.5 بلين ڊالرن جون ملڪيتون دبئي ۾ آھن ھن جانچ ايئن سمجھجي ته پاناما ليڪس ۽ پنڊورا باڪس کان پوءِ محب وطني جي دعويدارن جي نيتن جو ايڪسري ڪڍي عوام کي ٻڌايو آھي توھانجي ملڪ جا شاطر سياسي ماڻھو ۽ عسڪري ادارن جا اڳوڻا آفيسر پنھنجي ملڪ ۾ ڪو ڪارخانو کولي توھان لاءِ نوڪري جو ذريعو ٺاھڻ ۽ پنھنجي ملڪ کي ترقي ڏيڻ بجاءِ ٻاھرين ملڪن ۾ پئسو سيڙائي رھيا آھن پر توھانجي جي اڳيان محب وطني جا واڳن وارا ڳوڙھا ڳاڙي بيوقوف بنائي ووٽ وٺي رھيا آھن.
ڄاڻايل دبئي ليڪس رپورٽ اھو ڏيکاريو آھي ته پاڪستاني سياستدان ۽ اشرافيه ڪيتري قدر دولتمند آهي، جيڪو ملڪ ڏيوالي جي ڪناري تي آهي پر وڏا ماڻھو پئسو ٻين ملڪن ۾ پراپرٽين جا مالڪ آھن 17 هزار پاڪستانين 23 هزار ملڪيتون خريد ڪيون آهن جن ۾ 17 هزار پاڪستاني سياستدان، اڳوڻا حڪمران، پارليامينٽ جا ميمبر، اڳوڻا عسڪري اداري جا رٽائرڊ آفيسر ۽ سندن مائٽ شامل آهن ڏٺو وڃي ته ڄاڻايل دبئي ۾ موجود ملڪيتن جا تفصيل واشنگٽن جي هڪ اين جي او حاصل ڪيا جنهن ۾ پاڪستان سميت 58 ملڪن جي 74 ميڊيا تنظيمن جي صحافين شرڪت ڪئي ريئل اسٽيٽ سيڪٽر سان لاڳاپيل هي مالي اسڪينڊل ”دبئي انلاڪڊ“ جي نالي سان تڏھن سامهون آيو آهي ۽ هڪ اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي جڏهن پاڪستان جي معيشت ڏيوالي ٿيڻ جي ويجھو اچي چڪي آهي ۽ سياستدان ڪجهھ ارب ڊالرن ۾ پنهنجا سمورا اثاثا عالمي ادارن وٽ گروي رکڻ ۽ عالمي برادري جي حوالي ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويٺا آهن ٻئي پاسي ان ملڪ جي ماڻھن جا 11 کان 12 ارب ڊالرن جون ملڪيتون دبئي ۾ آھن.
اھو ھڪ وڏو سوال آھي ان تي سخت ڪم ڪرڻ جي ضرورت آھي ڇوته ڪافي ماهرن جو اندازو آهي ته پاڪستاني ماڻھن جا گھٽ م گھٽ 20 ارب ڊالرن کان وڌيڪ ملڪيتن جا اثاثا پرڏيھه ۾ آھن دبئي ليڪس ۾ جن ماڻهن جا نالا سامهون آيا آهن انهن ۾ رياست جا اڳوڻا سربراه پارليامينٽ جا ميمبر، اڳوڻو وزيراعظم ۽ اهم سياسي شخصيتون شامل آهن، ان سان گڏ اڳوڻو فوجي جنرل ۽ سول سرونٽ به شامل آهن. ”دبئي ليڪس“ جا انڪشاف منظر عام تي اچڻ کان پوءِ مالي ۽ غير مالياتي اسڪينڊل جي ڪهاڻين ۾ ڦاٿل ماڻهن کي هڪ ٻيو موضوع ملي ويو آهي، دبئي ۾ ملڪيتون رکندڙن ۾ نه رڳو پاڪستاني آھن پر انھن ۾ بحرين سعودي عرب ۽ روس سميت ڪيترن ئي ملڪن جا شهري به شامل آهن، ڏٺو وڃي ته دبئي ھن وقت بين الاقوامي واپار جو هڪ اهم ۽ وڏو مرڪز آهي، جنهن سبب هر ملڪ جا شهري ريئل اسٽيٽ جي عالمي واپار ۾ دلچسپي وٺن ٿا، ضروري ناهي ته سڀني ماڻهن جي دولت ناجائز دولت مان ٺهيل هجي پر جن اهم ماڻهن جا نالا سامهون آيا آهن انهن ۾ انهن ماڻهن جا نالا به شامل آهن جن جو ڪيريئر صرف پاڪستان ۾ سرڪاري نوڪرين تائين رهيو آهي صنعت ۽ واپار جي شعبي سان لاڳاپيل ماڻهن جو اهڙو ڪو مثال نه آهي، جن پنهنجو ڪاروبار ملڪ کان ٻاهر منتقل ڪيو هجي، ان کان اڳ به پاناما ليڪس سڄي دنيا جي سياستدانن کي ھڪ وڏو لوڏو ڏنو هو ۽ ڪيترن ئي ملڪن جي سربراهن کي حڪومت کان ٻاهر ڪڍيو ويو هو جنهن ۾ اسان جو ملڪ پاڪستان به شامل آهي پر پاناما پيپرز جي انڪشاف کان پوءِ به ڪا سنجيده جاچ نه ٿي ۽ ان کي به سياسي دز ۾ لٽيو ويو ان ڪري اڳوڻي حڪمرانن پاران قومي وسيلن جي ڦرلٽ ڪرڻ جي ڏوه ۾ ڪوبه دائمي ايڪشن نه کڄي سگھيو ھو ان وقت به اھو مطالبو ڪيو ويو هو ته پاناما پيپرز ۾ 400 کان وڌيڪ ملوث جن پاڪستانين جا نالا ھئا انهن سڀني جي جاچ ڪئي وڃي، پر ائين نه ڪيو ويو، ان جو مطلب رڳو اهو آهي ته اسان جي ملڪ ۾ هر موضوع تي سياستدانن ۾ سياسي ويڙھ ۽ رساڪشي موجود آھي ان ڪري ھر حقيقي مسئلي کي به سياسي انتقام طور مشھور ڪري احتسابي عملن تي اثر انداز ٿي انھن کي تقميل تائين ھلڻ نه ڏنو ويندو آھي ان ڪري ھاڻ ضرورت ان ڳالھه جي آھي ته اهڙن سمورن ماڻهن جو احتساب اوليت جي بنياد تي ٿيڻ گھرجي جيئن بليڪ مني جي ڀرمار کي روڪي ترقي جو سڌو نزول پنھنجي ملڪ تي ڪجي.
ان کان اڳ به پاناما ليڪس سڄي دنيا جي سياستدانن کي ھڪ وڏو لوڏو ڏنو هو ۽ ڪيترن ئي ملڪن جي سربراهن کي حڪومت کان ٻاهر ڪڍيو ويو هو جنهن ۾ اسان جو ملڪ پاڪستان به شامل آهي پر پاناما پيپرز جي انڪشاف کان پوءِ به ڪا سنجيده جاچ نه ٿي ۽ ان کي به سياسي دز ۾ لٽيو ويو ان ڪري اڳوڻي حڪمرانن پاران قومي وسيلن جي ڦرلٽ ڪرڻ جي ڏوهه ۾ ڪوبه دائمي ايڪشن نه کڄي سگھيو ھو ان وقت به اھو مطالبو ڪيو ويو هو ته پاناما پيپرز ۾ 400 کان وڌيڪ ملوث جن پاڪستانين جا نالا ھئا انهن سڀني جي جاچ ڪئي وڃي، پر ائين نه ڪيو ويو