جي ميراثي مڱڻا آئون پڻُ منجهان تن

تحرير:شهباز پيرزادو

سنڌُ ڌرتي سرن جي سرزمين آهي جنهن جي هر مظهر ۾ ڪيئي سُر ۽ ساز آهن ،  سنڌ جي سمورن طبعي ڀاڱن تي هر نظر وجهبي ته هڪ شئي اسان کي هر ڀاڱي ۾ پنهنجي منفرد رنگ ۽ ڍنگ سان نمايان نظر ايندي سو آهي راڳ .. شاه لطيف جي شاعري عام ماڻهن تائين پهچائڻ ۾ جيترو محققن ۽ اهل ادب ماڻهن پنهنجو پورهيو ڏنو آهي اوترو ئي ڪمال استاد منظور علي خان جي راڳ جو به آهي جو اسان وٽ اڄ به کوڙ ماڻهو آهن جن جي شاهه لطيف سان واقفيت استاد منظور علي خان جي راڳ وسيلي ٿي ..راڳ  شاعري کي عام ڪرڻ سان گڏوگڏ ،  سياسي پرچار جو وسيلو به رهيو آهي انڪري دنيا جي هر موسيقي منجهان ان قوم جي ،  تهذيب   ڪلچر ۽ ثقافتي رنگن جي خوشبو به  ايندي آهي  بلڪل اهڙي طرح  سنڌي موسيقي منجهان به  تصوف جي خوشبو ايندي آهي ۽ تصوف جي پرچارڪن جي ڊگهي لسٽ منجهان هڪ سهڻو ،  منفرد ۽ باڪمال راڳي استاد سهراب فقير به هو جنهن سنڌ جي زمين مان ڳوهيل فڪر يعني تصوف جي پيغام کي پوري دنيا ۾ پهچايو ….

سهراب فقير جو جنم 1934 ع ۾ ٽالپر وڏا ضلعي خيرپور ميرس ۾ حمل فقير جي گهر ۾ ٿيو جيڪو پڻ راڳ ويراڳ سان سلهاڙيل هو. والد جي  شخصيت جو اثر فقير سهراب مٿان اهڙو پيو جو هي راڳ جي دنيا ۾ نکري نروار ٿي بيٺو ۽ پوري دنيا اندر سنڌي موسيقي جي نمائندگي ڪيائين .

فقير سهراب اسڪولي تعليم ڪونه ورتي پر عشق جي سفر کيس اهڙو ته علم عطا ڪيو جو کيس تمام گهڻي شاعري درست تلفظ سان ياد هوندي هئي ،  هن جا ڳايل ڪلام اڄ به ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪن ٿا هن شاهه لطيف ،  خوش خير محمد هيسباڻي ،  غمدل فقير ،  سچل سائين ،  اعجاز سائين کي ڏاڍي بهترين نموني سان ڳايو ۽ سنڌي راڳ راڻي جي اهڙي ته جديد ۽ منفرد شڪل ڳائي ڏيکاري جيڪا اڄ ڏينهن تائين ڪير فنڪار ڳائي ناهي سگهيو .سهراب فقير دولت جي لالچ کان پاڪ ۽ وسيلن ڏي واجهائڻ بنا  پوري حياتي سفر ڪيو هن وڏيون وڏيون آڇون اهو چئي ٺڪرائي ڇڏيون ته مان عام ماڻهن جو راڳي آهيان مونکي ڪنهن به دولت شهرت جي ضرورت ناهي پر تاريخ سندس مٿي تي جيڪا عظمت جي مهر هنئي آهي سا ڪنهن به ايوارڊ کان گهٽ ناهي …

فقير سهراب پنهنجي گائڪي جو سمورو سفر عشق کي سيني ۾ سانڍي ڪيو انڪري هو راڳ ۾ پاڻ مڃرائي ويو. اڳ ايوارڊن ۽ شليڊن جي تمام وڏي اهميت هوندي هئي ماڻهو سمجهندو هو ته هي ايوارڊ منهنجي محنت جو نتيجو آهي هاڻي وانگر ايوارڊ ياري دوستي ۽ لاڳاپن جي بنيادن تي ڪونه ملندا هئا ان دور ۾ هڪ دفعي سچل سائين جي ميلي ۾ سهراب فقير کي سچل ايوارڊ ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو هو ان خوشيءَ  کي سيني ۾ سانڍي ئي نه سگهيو هو ۽ کيس اسٽيج تي ئي هرٽ اٽيڪ ٿيو هو  ۽ کيس هلندڙ پروگرام مان اسپتال نيو ويو هو. هي ڳالهه ڪرڻ جو مقصد فقير سهراب جي اندر ۾ موجود عشق جي سمنڊ ک بيان ڪرڻ ڪوشش هئي  جنهن عشق کيس ايترو ته مدهوش رکيو جو جڏهن کيس ايوارڊ ڏيڻ لاءِ  گهرايو ويو ته سندس دل بي قابو ٿي پئي .

استاد سهراب فقير  خوش خير محمد هيسباڻيءَ  جو طالب هو ،  هن کي ڳائڻ سان گڏ طبلو وڄائڻ ۽ هارمونيم وڃائڻ تي به مهارت حاصل هئي هن سنڌي ،  اردو ،  سرائيڪي،  ٻولين ۾ ڪلام ڪيا  جنهن جي باقائدي شروعات 1975ع کان ڪيائين هن جي شخصيت انهن فقيرن وانگر هئي جيڪي طمع جي تنوار ناهن ڪندا ۽ بک تي رهڻ باوجود به زندگيءَ  سان پيار ڪندا آهن ،  استاد سهراب فقير  ،  نائجيريه ،  فرانس ،  برطانيه ،  اٽلي ،  ڊينمارڪ ،  سعودي عرب ،  ايران ،  توڙي جرمني ۽ بيلجيم ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو ۽ انهن سمورن ملڪن ۾ سنڌي راڳ ۽ سنڌي ڪلاسيڪل شاعري کي متعارف ڪرايائين ….

هونئن ته هر سال فقير سهراب جي ورسي اسلامي مهيني  4 ذوالعقد تي ٿيندي آهي پر  هن سال ثقافت کاتي  سهراب فقير يادگار ڪاميٽي طرفان هڪ شاندار پروگرام  18 مئي تي ٿي رهيو آهي جنهن ۾ ادبي ڪانفرنس ،  ايوارڊ ورهائڻ جي تقريب ۽ صوفياڻي راڳ جي محفل ٿيندي جنهن ۾ سنڌ جا نالي وارا راڳ فن جو مظاهرو ڪندا . فقير سهراب جي اولاد ۾ سلامت سهراب فقير ۽ رجب سهراب فقير هر سال پنهنجي والد کي ياد ڪرڻ لاءِ  راڳ جون محفلون ڪرائيندا آهن ۽ هو ٻئي پاڻ به صوفي راڳ جي دنيا ۾ وڏو نالو ڪمائي چڪا آهن پر ان هوندي به هنن وٽ عاجزي ۽ نياز نوڙت وڏي پئماني تي موجود آهي . اڄ سڄي سنڌ کي مذهبي انتها پسندي توڙي ٻين قومي مسئلن جي ڦاسايو ويو آهي ان صورتحال ۾ اهڙي قسم جا ميڙاڪا اصل ۾ وطن جي تشخص کي بيان ڪرڻ جو هڪ وسيلو آهن جتي ڌرتيءَ  جي اصلوڪي نظريي ۽ اصلوڪن شاعرن توڙي اصلوڪن راڳين  جي فن فڪر تي  ڳالهايو ويندو. هي پروگرام تصوف جو اصل مظهر هوندا آهن جتي يڪتاري سان سنڌي راڳ ڳائي سرن جي ڌرتيءَ  جي فرض ادائگي ٿيندي آهي اهڙي ميڙاڪي ڪرڻ تي سهراب فقير جي خاندان ۽ سندس سهڪارين کي جس هجي

“جي مِيراثِي مَڱڻا، آئُون پُڻِ مَنجهان تَنِ،”

“ڪِي ڪَهُه منهنجي ڪَنِ، اِرس مَنجهارا اُنِ جي..

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.