ڪجهه سالن کان آمريڪا ۽ چين ۾ هلندڙ واپاري جنگ ۾ هي نئون محاذ کلي ويو آهي. آمريڪي صدر جو بائيڊن جي انتظاميه گذريل هفتي برقي (اليڪٽرڪ)گاڏين، سولر پينلز، اسٽيل ۽ ٻين چيني جي تعمير ٿيل شين تي محصول اڳي کان وڌائي ڇڏيو آھي.وائيٽ هائوس جي مطابق، اھو قدم،جنھن سان چيني برقي گاڏين تي 100 سيڪڙو ٽيڪس لڳو آهي، آمريڪي شهرين جي روزگار جي تحفظ لاءِ غير منصفاڻي واپاري معاهدي جو جواب آهي.
چين انهن قدمن تي سخت تنقيد ڪئي آهي، جن جو اعلان اڳ ئي ڪيو ويو هو. تجزيه ڪارن جو چوڻ آھي تھ اھي قدم علامتي اھميت رکن ٿا ۽ اھڙي عمل جو اصل مقصد مشڪل صدارتي اليڪشن ۾ جو بائيڊن لاءِ فائدو حاصل ڪرڻ آھي.
ياد رهي ته اهڙن قدمن کان اڳ جو بائيڊن جي مخالف اميدوار ۽ اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪيترن ئي مهينن کان سخت تنقيد ڪئي وئي آھي تھ جوبائيڊن پاران اليڪٽرڪ گاڏين جي حمايت آمريڪا جي آٽو انڊسٽري کي تباهه ڪري ڇڏيندي ھي عمل ان جو جواب آھي.
وائيٽ هائوس موجب اڱاري تي اعلان ڪيل قدمن سان 18 بلين ڊالر جي درآمدات متاثر ٿيندي،ڇاڪاڻ جو چيني اليڪٽرڪ گاڏين جي درآمد تي 25 سيڪڙو کان 100 سيڪڙو تائين محصول وڌندو. ان سان گڏ چيني سولر پينلز جي ٽيرف ۾ پڻ 25 کان 50 سيڪڙو تائين وڌارو ڪيو ويو آهي .
ٻئي طرف اسٽيل ۽ ايلومينيم جي شين تي ٽيڻ تي ٽيڪس وڌايو ويو آھي.جيڪو 7.5 سيڪڙو مان وڌي 25 سيڪڙو ھوندو..آمريڪي وائيٽ هائوس پاران اعلان ڪيل قدمن کان اڳ، ڊونالڊ ٽرمپ جي دور ۾ چيني شين تي ٽيرف لاڳو ڪيا ويا، جن جو سبب ” ناانصافي وارن معاھدن “ کي قرار ڏنو ويو ھو.
جو بائيڊن جي انتظاميه انهن قدمن جو جائزو ورتو ڇاڪاڻ ته ، ڪيترن ئي ڪاروباري انگن اکرن موجب ، ٽيڪس سبب عام آمريڪي شهري لاءِ قيمتون وڌيڪ ھيون. پر ھاڻي صدر جو بائيڊن وري اڳوڻي ٽيڪس کي گھٽ ڪرڻ بدران ان کي وڌائي ڇڏيو آھي.اھڙي فيصلي سان ڊيموڪريٽس ۽ ريپبلڪن جي واپار بابت موقف ۾ ڊرامائي تبديلي نظر اچي رھي آھي.ڇاڪاڻ جو آمريڪا عالمي واپاري معاھدن جي فائدن جو علمبردار رھيو آھي.
ڊونلڊ ٽرمپ اليڪٽرڪ گاڏين جي صنعت کي هٿي وٺرائڻ جي عمل تي جو بائيڊن تي تنقيد ڪئي ھئي. ھن جو چوڻ هو ته اهو قدم آمريڪي صنعت کي تباهه ڪري ڇڏيندو، ھن وقت ٻنھي اميدوارن وچ ۾ نومبر ۾ ٿيندڙ صدارتي چونڊن جي حوالي سان اهم قرار ڏنو پيو وڃي.آمريڪا طرفان چيني اليڪٽرڪ گاڏين تي اڳ ۾ ئي لاڳو ٽيڪس سبب انهن گاڏين جو وڪرو ٻڙي ٿي ويو آهي.
جڏهن ته ٻئي طرف يورپ ۽ ٻين ملڪن ۾ چيني گاڏين جو وڪرو مسلسل وڌي رهيو آهي.آرٽميس انويسٽمينٽ مئنيجمينٽ جي نتاشا ابتهاج جو چوڻ آهي ته ڪاروباري دنيا انتظار ڪري رهي آهي ته ڇا يورپ پڻ آمريڪا سان ھڪجھڙا رکندڙ فيصلا ڪري ٿو يا نھ .ياد رهي ته يورپي يونين ۽ برطانيا ۾ ان ڳالهه تي بحث جاري آهي ته ڇا چيني ٺهيل برقي گاڏين جي درآمد کي گهٽائڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن يا نه.نتاشا جو چوڻ آهي ته آمريڪي فيصلو چيني سيڙپڪارن يا ڪمپنين لاءِ حيران ڪندڙ نه آهي، خاص ڪري چونڊن کان اڳ واري وقت ۾ اھڙي ڪنھن قدم جو امڪان ھو. ڇاڪاڻ جو اھي ٻئي اميدوار چين جا ڪنھن بھ طرح حامي نھ آھي.
بهرحال آمريڪا ڏانهن چيني درآمد ٿوري ٿئي ٿي اصل ۾ وڌيڪ دلچسپي يورپ جي فيصلي ۾ آھي تھ اھي ڇا ٿا ڪن ؟ آمريڪا ۽ چين 2018 کان واپار ميدان ۾ جي ھڪ ٻئي سان آمھون سامھون آھن.ان وقت ڊونالڊ ٽرمپ جي انتظاميه چيني درآمدي شين مان ٻھ ڀاڱي ٽي حصي تي 360 ارب ڊالرن جو محصول لاڳو ڪري ڇڏيو ھو.جيڪڏھن چين ان جو جواب ڏنو، هڪ تڪرار پيدا شروع ٿي ويندو.جيڪو 2020 ۾ ڪجهه گهٽجي ويو ھو. جڏهن ٽرمپ ڪجهه شين تي محصولن ۾ گهٽتائي ڪئي ۽ چين آمريڪا کان خريداري کي وڌائڻ جو واعدو ڪيو ھو.
چين جو واعدو تھ پورو نه ٿيو ھو، پر چيني شين تي لاڳو ڪيل محصولن آمريڪي حڪومت کي 200 بلين ڊالر تائين سرمايو حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪئي ھئي. بهرحال، هن سرمائي جو گهڻو حصو آمريڪي شهرين جي کيسي نڪتو ھو. انھن شھرين کي فرنيچر، بوٽن يا ٻين شين خريد ڪرڻ لاءِ اڳ کان وڌيڪ قيمت ادا ڪرڻي پئي.آڪسفورڊ اڪنامڪس آمريڪا جي تازي قدمن کي ’علامتي دڙڪو‘ قرار ڏنو آهي، انڪري جو ان سان صرف 0.1 سيڪڙو مهانگائي وڌندي۽ ترقيءَ تي بھ ڪو گهڻو فرق نه پوندو.