معصوم نينگري پريا ڪماري کي اڍائي سال ٿيا آهن ته اها اغوا ٿيل آهي. ان جي بازيابي جا مظاهرا اڃا هلي ئي رهيا آهن ته هاڻي وري پني عاقل ۾ معصوم ٻالڪ حسنين جي آزادي لاءِ مظاهرا شروع ٿي ويا آهن. ياد رهي ته حسنين کي ڪجهه ڏينهن اڳ ڏوهارين هڪ واپاري جي گهر مان رات جو ڦرلٽ ڪرڻ کانپوءِ ننڊ ۾ ستل ان ٻالڪ کي به کڻي هليا ويا جنهن جو اڃا تائين پتو نه پئجي سگهيو آهي. اسان کي ان معصوم ٻالڪ جي فوري بازيابي گهرجي.
اها ڪيڏي نه حيرت جي ڳالهه آهي ته سنڌ ۾ لاقانونيت باقاعدي حاوي آهي ۽ حڪومت ڏوهارين ۽ ڌاڙيلن جي نيٽ ورڪ آڏو بلڪل هيڻي بڻيل آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو هتي ٻارن کي اغوا ڪري ڏينهن جا ڏينهن، هفتن جا هفتا، مهينن جا مهينا ۽ سالن جا سال ته ڏوهاري پاڻ وٽ رکي سگهن ٿا ۽ حڪومت کي آخر ۾ ڏوهارين ۽ ڌاڙيلن کي لکين رپيا ڏياري يرغمالي بازياب ڪرائڻ جو رستو وڃي بچي ٿو. پر حڪومت ڏوهارين ۽ بدي جي طاقتن تي حاوي نظر نه ٿي اچي جيڪا ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي.
ان اشو تي اسان الائي ڪيترا ايڊيٽوريل لکيا آهن، ان مسئلي جا ڪارڻ به ٻڌايا آهن ۽ حل به پيش ڪيا آهن، تجويزون ۽ صلاحون به ڏنيون آهن پر ايڏانهن ڪا سنجيده ۽ فيصلائتي اڳڀرائي نه پئي ٿي. ڌاڙيلن خلاف سخت آپريشن جون دعوائون ته ڪيون پيون وڃن پر اغوائن جا واقعا جيئن جو تيئن ساڳي رفتار سان ٿي رهيا آهن. آپريشن جو ٻڌي ڌاڙيلن عارضي طور به وارداتن کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ تيار نظر اچن ڄڻ اهو پيغام ڏيندا هجن ته اهي نام نهاد آپريشن اسان جو وار به ونگو نٿا ڪري سگهن ڄڻ انهن کي اهڙن آپريشنن جو نه ڪو خوف آهي ۽ نه ئي ڪا پرواهه آهي.
اها صورتحال حڪومت لاءِ حقيقي معنيٰ ۾ ڏسجي ته چئلنيج کان گهٽ ناهي پر سوال اهو آهي ته ڇا حڪومت کي ان چئلينج سمجهي به ٿي يا نه. اهو آهي اصل مسئلو اسان کي ته حڪومت جي هڪ ڊگهي پس منظر کي ڏسندي بلڪل به نه ٿو لڳي ته اها ڏوهارين، ڌاڙيلن، ڦورن ۽ دهشت گردن کي زندگي ۽ موت جو مسئلو سمجهي ڪري ان کي منهن ڏيڻ جي سوچيندي به هوندي ڇاڪاڻ ته اسان کي حڪومت جي ان پاسي اها سنجيدگي ۽ ارادو ئي نظر نه ٿو اچي. اسان کي ملڪي تاريخ ۾ اڻ حوالي سان نيشنل ايڪشن پلان وارو هڪ ئي آپريشن نظر اچي ٿو جنهن حقيقي معنيٰ ۾ پنهنجي طاقت سان دهشت گردن ۽ ڦورن کي نيست ۽ نابود ڪري ڏيکاريو هو. اهو 2013ع ۾ نواز شريف جي وفاقي حڪومت ۽ چيف آف آرمي اسٽاف راحيل شريف جو دور هو.
جيڪڏهن حڪومت جي پاليسي ۾ دهشتگردن، ڌاڙيلن، ڦورن ۽ هر قسم جي ڏوهارين لاءِ ”زيرو ٽالرينس“ هجي ته ڪو سبب ناهي ته اهڙو آپريشن روز جو معمول هجي. اسان وٽ اها ڳالهه انتهائي افسوس وچان محسوس ڪئي ويندي آهي ته خود حڪومت ۽ پوليس ڏوهارين ۽ ڌاڙيلن جي پٺڀرائي ڪندي آهي. جيڪڏهن حڪومت هاڻي به دهشت گردن، ڌاڙيلن ۽ ڦورن جي خلاف زيرو ٽالرينس پاليسي اختيار ڪري ته ڪو سبب ناهي ته حڪومت کين منهن نه ڏئي سگهي.
سو حقيقت ته اها ئي آهي ته ڏوهارين ۽ ڌاڙيلن کي خود حڪومت جي پاليسين ۽ پٺ ڀراين ئي پاڻ تيحاوي ڪري ڇڏيو آهي جو هاڻي چاهيندي به حڪومت تڪڙا نتيجا حاصل نه ٿي ڪري سگهي. پني عاقل ۾ معصوم ٻارن کي سندن وارثن آڏو ديده دليري سان اغوا ڪري کڻي هليو وڃڻ لاقانونيت واري سماج جو چٽو آئينو آهي جيڪو ڏسجي ته هاڻي ناقابل برداشت ٿيندو پيو وڃي. اهو ئي ڪارڻ آهي ته هاڻي عوام پاڻ ڏوهارين، ڦورن ۽ ڌاڙيلن سان سڌوسنئون مقابلو ڪرڻ لڳو آهي. ڪراچي ۾ ڦورن کي ماڻهو پاڻ پڪڙي مارڻ لڳا آهن، بگٽي قبيلي جي هڪ نوجوان کي ماريو ويو ته اهو قبيلو هٿيارن سوڌو سنڌ جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن سان مقابلي لاءِ نڪري پيو. سو اهو ممڪن ناهي ته عوام جو صبر هميشه قائم رهندو، اهو هاڻي لبريز ٿيڻ لڳو آهي.اسان عوام کي قانون هٿ ۾ کڻڻ لاءِ نه پيا همٿايون پر ردعمل جو هڪ امڪاني انديشو ڏيکاري رهيا آهيون ته جيڪڏهن لاقانونيت ايئن ڊگهي وقت تائين قائم رهي ته عوام پاڻ قانون ۽انصاف کي هٿ ۾ کڻندو ۽ ايئن ٿيوته ان جي ذميوار حڪومت ئي ٿيندي.
پنو عاقل شهر ۾ ئي ڏسو ته معصوم ٻالڪ جي اغوا تي ڪيڏو تاءُ آهي، في الحال ته اهي هڙتال ۽ احتجاج ڪري رهيا آهن ۽ حڪومت تي دٻاءُ وجهي رهيا آهن ته اهي معصوم ٻالڪ کي فوري طور تي آزاد ڪرائين پر جيڪڏهن پولس ان ۾ ناڪام رهي ته ممڪن آهي ته اهو احتجاجي هجوم پاڻ ٻالڪ جي بازيابي لاءِ نڪري پئي، سو اهڙي نوبت اچڻ کان اڳ حڪومت کي پنهنجي رٽ قائم ڪرڻي پوندي۽ ڌاڙيلن، ڏوهارين، ڦورن ۽ دهشت گردن خلاف زيرو ٽالرينس ڏيکاريندي سندن گهيرو تنگ ڪري ۽ نيشنل ايڪشن پلان جهيڙو آپريشن ڪري ڏوهارين کي مڪمل طور تي نابود ڪري. نيشل ايڪشن پلان جهڙي آپريشن جي تقاضا جي معنيٰ اها ناهي ته لازمي طور فوجي آپريشن ئي ڪجي پر ان جو مطلب ته اهڙو سگهارو ۽ نتيجي جوڳو آپريشن ڪيو وڃي پوءِ ڀلي پوليس پاڻ ئي اهڙو ڪري ڏيکاري.
اسان کي صرف ۽ صرف امن کپي. هڪ اهڙي حڪومت گهرجي جيڪا حقيقي معنيٰ ۾ عوام جي جان، مال ۽ عزت جو تحفظ ڪري سگهي ۽ اهڙو نظام ٺاهي ڏيکاري جيئن ڪنهن کي ڪنهن جو معصوم ٻار اغوا ڪرڻ جي همت نه ٿئي. پوليس جو اهڙو سگهارو نيٽ ورڪ قائم ڪيو وڃي جيئن وارداتن کان اڳ ئي ڏوهاري، ڦورو، ڌاڙيل ۽ ڏوهاري پڪڙي سگهجن. جيڪڏهن وڌندڙ آبادي سان پوليس جي تعداد ۽ انجي بجيٽ ۾ واڌ ضرورت هجي ته ان لاءِ به حڪومت کي اوليتي بنياد تي سوچڻ گهرجي ٻي صورت ۾ ملڪ جي اها حالت ٿيندي جو عوام پاڻ ئي قانون ۽ انصاف کي هٿ ۾ کڻندو.