سامونڊي پٽيءَ ۾ رهندڙ ماڻهن کي خطرو، سائنسدانن خبردار ڪري ڇڏيو!

هڪ تحقيق ۾ خبر پئي آهي ته پيئڻ جي پاڻي سان ملندڙ سامونڊي سمنڊ جو پاڻي ماڻهن ۾ بلڊ پريشر جو سبب بڻجي سگهي ٿو ۽ دل جي مرضن ۽ اڌ رنگ جا خطرا به وڌائي سگهي ٿو.
فلوريڊا انٽرنيشنل يونيورسٽي جي سائنسدانن سڄي دنيا مان 74 هزار کان وڌيڪ ماڻهن تي ڪيل ڪيترن ئي مطالعن جو جائزو ورتو ۽ نتيجو ڪڍيو ته اهي ماڻهو جن جو پيئڻ جو پاڻي وڌيڪ لوڻياٺو هوندو آهي، انهن ۾ بلڊ پريشر جا امڪان وڌيڪ هوندا آهن.
تجزئي موجب لوڻياٺو پاڻي پيئڻ ايترو ئي خطرناڪ ٿي سگهي ٿو، جيترو غير فعال رهڻ.
سائنسدانن موجب خاص طور سامونڊي علائقن ۾ سمنڊ جو پاڻي پيئڻ جي پاڻي کي متاثر ڪري رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.