شرافت جي پردي ۾ لڪيل بدبو دار ڪردار

شازيه شاهه

ھو حاجي صاحب جي نالي سان مشھور ھيو ڇو ته سڄي خاندان ۾ واحد حاجي هو جنھن پنج عمرا ۽ ٻه ڀيرا حج ڪيا ھئا. چھري تي اڇي ڏاڙهي اڇا ڪپڙا پاتل ھوندا ھيس ۽ نيڪي جو درس ڏيڻ پنھنجو اولين فرض سمجھندو ھيو. ڪنھن نياڻي جي مٿي تي رئو نه ڏسي تي ھن جي مٿي تي ھٿ رکي ھن کي اسلامي درس ڏيڻ کان ڪونه لنوائيندو ھيو. ھن جي ڳالهين ۾ عورت لاءِ عزت مان ۽ مرتبو ڏسي پاڙي جون مايون ھن وٽ اچي پنھنجا مسئلا ونڊينڊيون هيون.

حاجي صاحب کي ھڪ ئي نياڻي ھئي جيڪا پيءُ جي درس ۽ تربيت کان متاثر ٿي برقعو پائيندي ھئي. نوجوان ھئي ڪاليج ۾ پڙھڻ جي اجازت الاھي منٿون ڪرڻ کان پوءِ ملي ھيس. ڪاليج ۾ پنھنجي ساهيڙين کي ڏسي ھن کي به شوق جاڳيو ته فيس بڪ انسٽال ڪيان پر پيءُ جو خوف ھيس ته بابا ڪڏھن به اجازت ڪونه ڏيندو. ھن پنھنجي ساهيڙي سان شوق جو اظھار ڪيو ته ھن چيس ته ان ۾ ڪھڙي وڏي ڳالهه آھي تون پنهنجي نالي سان آئي ڊي نه ٺاھه بلڪ ڪنھن ٻئي جي نالي سان آئي ڊي ٺاھي آرام سان فيس بڪ استعمال ڪري سگهين ٿين.

ھن اھو ئي ڪيو، پنھنجي آئي ڊي تي ڪنھن ٻي ڇوڪريءَ جو فوٽو رکيو جيڪا تمام گھڻي خوبصورت ھئي ۽ نالو به ھن ٻيو رکيو. ھن پنھنجي پيءُ کي به ايڊ ڪيو ته جيئن بابا جون پوسٽون به ڏسي سگھان. نئون شوق ھيس ساھيڙي منع به ڪيس ته پيءُ کي ايڊ نه ڪر پر ھن نه مڃيو. ھوءَ پنھنجي بابا جون پوسٽون پڙھي خوش ٿيندي ھئي ۽ فخر ڪندي ھئي ته ھو ھڪ نيڪ ۽ صالح پي جي ڌيءَ آھي سندس پيءُ جي پوسٽن ۾ عورت متعلق کوڙ ساريون نصيحتون ھونديون ھيون. عورت ڪنھن غير مرد سان نه ڳالهائي، عورت گھر جي چار ديواري ۾ محفوظ آهي، پردي جو خاص خيال رکي اھڙي قسم جون پوسٽون جنھن کي ڪڏھن ڪڏھن پڙھي ھن جي ڌيءُ ڊڄي به ويندي ھئي ڇو ته ھوءَ پنھنجي ڪلاس فيلوز جيڪي مرد ھيا انھن سان ڪم سانگي ڳالهائيندي ھئي ۽ ھو سڀ ھن سان ايڊ به ھيا.  خير وقت گذرندو رھيو ھڪ ڏينھن اوچتو ھن جي فيس بڪ جي انباڪس ۾ ھن جي پيءُ جي آئي ڊي تان ھڪ ميسيج آيس. ھوءَ تمام گھڻي ڪنفيوز ٿي وئي ته ڪٿي بابا کي خبر ته نه پئجي وئي خير ڊڄندي ڊڄندي انباڪس کوليو جنھن ۾ آءِ لو يو ۽ ٻيا تمام واھيات قسم جا ميسيجز ھيا. ھي سڀ ڏسي ھن جي ڌيءُ سڪتي ۾ اچي وئي ۽ سندس پيءُ لاءِ جيڪا عزت ۽ احترام ھيس سي  ٽٽي پرزا پرزا ٿي ويس.

ھيءَ ھڪ فرضي ڪھاڻي آھي جيڪا ھن معاشري جي عڪاسي ٿي ڪري. اسان اڪثر ڏسندا آھيون ته ظاھري طور شريف ۽ سلجھيل ماڻھو جنھن لاءِ عورت احترام جوڳي هوندي آهي پر اھي ئي ماڻھو اندر ۾ جانور ھوندا آھن. اسان انھن ميڊيا پرسنز کي تنقيد جو نشانو بڻائيندا آھيون جيڪي پنھنجا فوٽوز ۽ ويڊيوز سوشل ميڊيا تي رکنديون آهن اسان لاءِ اهي ٽڪ ٽاڪرز واھيات ۽ گنديون آھن پر انھن کي ڏسندڙ ۽ لعنت ملامت ڪرڻ وارا شريف لڳندا آهن. ظاھري طور لعنت ڏيندڙ انباڪس ۾ نمبر وٺڻ وارا اسان لاءِ معاشري جا عزت دار ماڻھو ھوندا آھن. اسان جي معاشري کي سچ چوان ته منٽو جھڙي ھڪ ٻئي ليکاري جي ضرورت آھي جيڪي معاشري جي لڪيل گند کي سامھون آڻي. ۽ ڪپڙن ۾ موجود اگهاڙي وجود کي آئينو ڏيکاري .

عورت ٽڪ ٽاڪرز جو اسان جي معاشري تي وڏو احسان آهي جو انھن جي ڪري شرافت جي لبادي ۾ لڪيل بدبودار ڪردار دنيا جي سامھون ٿا اچن. ھي بظاھر جنھن کي اسان فحش ۽ بدڪردار سڏيو ٿا اھي ئي اصل ذميوار آھن لڪيل گند کي دنيا جي سامهون آڻڻ جي. ھي جيڪي ماسڪ ۾ پنھنجي اصليت لڪائين ٿا سي پاڻ ئي گند آهن. سو گند ۾ عورت ٽڪ ٽاڪرز ۾ نه پر گندي سوچ جي فرسوده نظام ۾ آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.