اچو ته هن پيغام کي عام ڪريون ته ”سنڌو تهذيب جي سرزمين تي ڪا به عورت ڪاري ناهي“

ڪجهه ڏينهن اڳ  پاڻ ايڊيٽوريل لکيو هو ته ” سنڌ اسيمبلي قانون سازي ڪري ته  سنڌو تهذيب جي سرزمين تي ڪا به عورت ڪاري ناهي.“ مهين جي دڙي جي دؤر  ۾ عورت کي ”مڌر گاڊيس“ جو رتبو مليل هوندو  هيو. ان ايڊيٽوريل تي ميڊم مهتاب اڪبر راشدي ردعمل ظاهر ڪندي چيو هو ته ”اهو بيحد مضبوط  موقف آهي جنهن کي انتهائي سنجيدگي سان اڳتي وڌائڻ جي ضرورت آهي.“

اسان جو ان حوالي سان خيال آهي ته اڄ جي دور جي روشن خيال ۽ ترقي پسند سول سوسائٽي  جنهن ۾ وڏي تعداد عورت اڳواڻن جي آهي تن ان سوچ ڏانهن عملي، ڪامياب ۽ فيصلائتي اڳڀرائي ڪري ڏني آهي جنهن جو انتهائي تازو مثال وومين ايڪشن فورم قائم ڪيو آهي. رپورٽون آهن ته وومين ايڪشن فورم جي اڳواڻ ۽ نامياري ليکڪه ۽ دانشور عرفانه ملاح ۽ امر سنڌوءَ جي اڳواڻي ۾ سڄاڻ ۽ متحرڪ عورتن جو هڪ قافلو ”ڪارو ڪاري جو دستو نامنظور“ جا نعرا هڻندي حيدرآباد کان ٽنڊو مستي جي ڳوٺ ٻٽو چانڊيو ، روبينه چانڊيو جي آخري آرامگاهه تي پهچي قبرستان ۾  جنازي  نماز پڙهي ۽ سندس قبر تي اجرڪ، پوتيون ۽ گل رکيا ۽ روبينا  خالده چانڊيو جي امڙ سان تعزيت ڪئي. ان موقعي تي سڄاڻ ۽ متحرڪ عورت اڳواڻ امر سنڌو، ڊاڪٽر عرفانه ملاح، حسين مسرت، شهناز شيخ، راڌا ڀيل، ڪرشنا ڪولهي ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جون هي سڄاڻ عورتون هن سماج جي ماڻهن جا ذهن بدلائڻ ٿيون چاهين. انهن جو مطالبو هو ته روبينا خالده چانڊيو جي معاملي ۾ جرڳو ڪرائيندڙن ۽ جرڳي ۾ شامل سڀني ڌرين خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، عورتن تي تشدد بابت موجود قانونن تي سختي سان عملدر آمد ڪرايو وڃي ۽ عورتن جي تحفظ لاءِ مؤثر پاليسي جوڙي وڃي. هن معاملي ۾ اسان وومين ايڪش فورم کي به اها صلاح ڏينداسين ته اهو فورم پنهنجي جدوجهد ۾ ان پيغام کي به شامل ڪري جنهن ۾ سنڌ اسيمبلي تي زور ڀريو ويو آهي ته اها قانون سازي ڪري ته سنڌو تهذيب جي سرزمين تي ڪابه عورت ڪاري ناهي. اسان سمجهون ٿا ته يقينن وومين ايڪشن فورم جو به اهو ئي نظريو آهي. ٻيو ته ان موقف ۾ سڀ ڪجهه اچي وڃي ٿو.

اسان سمجهون ٿا ته وومين ايڪشن فورم پنهنجي عمل سان ان موقف ڏانهن ئي پيش قدمي ڪئي آهي. اها روبينه خالده چانڊيو جنهن کي ڪاري قرار ڏئي ڪري  بنا غسل ۽  ڪفن جي دفنايو ويو تنهن کي وومين ايڪشن فورم جي فخر لائق عورت اڳواڻن رد ڪيو ۽ روبينه خالده جي تربت تي وڃي نه رڳو سندس  مالڪي ۽ وارثي ثابت ڪئي پر اهو به ٻڌايو ته هيءَ ڪاري ناهي، پر ضرورت ان ڳالهه جي به آهي ته اهو موقف ۽ ڪيس  عوامي آواز ميڊيا سميت سنڌ جي هر ترقي پسند جماعت ۽ تنظيم سنڌ حڪومت جي آڏو به رکي ۽ مٿس زور ڀري ته اها قانون سازي ڪري ته سنڌو تهذيب جي سرزمين تي ڪابه عورت ڪاري ناهي. اهڙو آواز وومين ايڪشن فورم کي به اٿارڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته اسان جو خيال آهي ته جيڪڏهن سنڌ اسيمبلي اهڙي قسم جي قانون سازي ڪندي ته پوءِ ئي عورتن کي مڪمل  تحفظ ملي سگهندو.

ان موقف ۾ سنڌ حڪومت جي پاليسي به عورتن جي تحفظ ۾ وڌيڪ چٽي ٿي ظاهر ٿيندي ۽ اهو به پيغام ملندو ته سنڌ اسيمبلي به سنڌو تهذيب جي ورثي جي نمائندگي ٿي ڪري. سنڌ اسيمبلي جيڪڏهن ان قسم جي قانون سازي ڪري وجهي ٿي ته  اها يادگار ۽ تاريخي قانون سازي ليکي ويندي. پر اهڙي  اڳڀرائي لاءِ سنڌ جي سڀني روشن خيال ۽ ترقي پسند ڌرين کي اڳتي اچڻو پوندو ۽ عورتن جي تحفظ لاءِ سنڌ اسيمبليءَ  تي زور ڀرڻو پوندو، تڏهن ئي ممڪن آهي ته سنڌ اسيمبلي جي ڪنهن ميمبر کي اهو خيال اچي.

تنهن ڪري پنهنجو ۽ ميڊم مهتاب اڪبر راشدي جو اهو خيال آهي ته ان موقف کي سنجيدگي سان اڳتي وڌائڻ جي ضرورت آهي. هونئن به اسان ڏٺو ۽ پڙهيو آهي ته ڪاروڪاري ڪيس جو معاملو صرف غيرت جو ناهي پر ان غيرت جي آڙ ۾ ڪرپشن، ملڪيتن تي قبضا ۽ ٻيون سماجي برايون به ڪيون وينديون آهن ان معاملي تي ڪيترائي ڪتاب به لکيا ويا آهن. محمد علي پٺاڻ جي ڊراما سيريز ”اڇي رات، ڪارو چنڊ“ به ان موضوع تي يادگار ٽي وي سيريز هئي جنهن ۾ ڪاروڪاري جي واقعن جا اصل لڪيل پسمنظر بيان ڪيا ويا هيا. جن ۾ سڱابنديون ختم يا ڪرائڻ لاءِ عورتن تي ڪاري جو الزام هڻي مفاد ماڻيا ويندا آهن. ڪارو ڪاري جا بيان ڪيل اهي  سماجي پسمنظر به سنڌ اسيمبلي کي اهو مواد مهيا ڪن ٿا ته اهي ڪارو ڪاري جي ڪيس کي  سماجي ڪرپشن جو هڪ وڏو حصو سمجهي ان کي قانوني طور تي ڏوهه قرار ڏين ۽ جيڪڏهن ممڪن هجي ته اهڙي قانون سازي به ڪئي وڃي ته جيئن فهميده کي ڪاري قرار ڏئي ڪري کيس گولين سان پروڻ ڪيو ويو هو تيئن ئي فهميده جي قاتلن کي به سرعام گوليون هنيون وڃن تڏهن ئي ان  جو عبرت ناڪ نتيجو نڪرندو. اهڙي حڪومتي روايت انگريزن جي دور ۾ قائم ٿي هئي ۽ تاريخ ٻڌائي ٿي ته ان کان پوءِ وڏي عرصي تائين سنڌ ۾ ڪاروڪاري جو ڪو ڪيس ظاهر نه ٿيو هو.

سو ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عورتن جي تحفظ لاءِ اهڙي سخت قانون سازي ڪئي وڃي  نه صرف قانون سازي ڪئي وڃي پر ان تي ڪارروائي کي به يقيني بڻايو وڃي جنهن جو فقدان آهي. اسان کي اميد آهي ته اهڙي ڪنهن قانون سازي لاءِ  ميڊم مهتاب اڪبر راشدي به پنهنجي حصي جو پارلياماني ڪردار ادا ڪندي ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر طور ڪنهن اجلاس ۾ اهڙي موقف کي سنجيدگي  سان اڳتي وڌائيندي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.