سنڌ جي سياسي تاريخ هميشه جدوجهد، قربانين ۽ عوامي حقن لاءِ ٿيندڙ تحريڪن سان ڀرپور رهي آهي۔ هن ڌرتيءَ تي جمهوريت لاءِ وڏيون قيمتون ادا ڪيون ويون آهن، جن مان سڀ کان وڏو مثال شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت آهي۔ 27 ڊسمبر 2007ع تي جڏهن بينظير ڀٽو دهشتگردي جو نشانو بڻجي شهيد ٿي، ته اهو صرف هڪ سياسي اڳواڻ جو قتل نه هو، پر جمهوريت، برداشت ۽ سياسي رواداري تي حملو هو۔ ان سان گڏوگڏ اهو هڪ اهڙو موڙ هو، جنهن کان پوءِ پاڪستان جي سياست کي نئين رخ تي هلڻ جو موقعو مليو۔
بينظير ڀٽو جي شهادت کان پوءِ پاڪستان پيپلز پارٽي کي وفاق توڙي سنڌ ۾ حڪومت ڪرڻ جو موقعو مليو۔ ان وقت ملڪ اندر سياسي انتقام، جبر ۽ آمريت جي تلخ يادون اڃا تازيون هيون۔ پر آصف علي زرداري، جيڪو پاڻ به سالن تائين سياسي انتقام جو شڪار رهيو، اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ هڪ مختلف انداز اختيار ڪيو۔ هن "مصالحت جي سياست” کي هٿي ڏني، جنهن جو مقصد ملڪ ۾ سياسي استحڪام پيدا ڪرڻ هو۔ ان دور جي هڪ وڏي خاصيت اها هئي ته سڄي حڪومتي عرصي دوران ڪو به سياسي قيدي موجود نه هو۔ اهو پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ هڪ اهم ۽ مثبت مثال طور ڏٺو وڃي ٿو۔ آصف علي زرداري جي قيادت هيٺ پيپلز پارٽي انتقامي سياست کان پاسو ڪندي پنهنجي مخالفن کي به برداشت ڪرڻ جو مظاهرو ڪيو۔ ان وقت نه رڳو سياسي پارٽين کي آزادي سان ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو، پر ميڊيا ۽ سول سوسائٽي به نسبتاً آزاد ماحول ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو۔ پر افسوس جو اڄ جي صورتحال ان کان بلڪل مختلف نظر اچي رهي آهي۔
هاڻوڪي سياسي حالتن ۾، خاص طور تي سنڌ اندر، پيپلز پارٽي تي اهو الزام لڳي رهيو آهي ته اها پنهنجي سياسي مخالفن سان گڏوگڏ پنهنجي اندر اختلاف راءِ رکندڙ ماڻهن خلاف به انتقامي ڪارروايون ڪري رهي آهي۔ جيڪا پارٽي ڪڏهن برداشت ۽ مفاهمت جي علامت سمجهي ويندي هئي، سا هاڻي تنقيد کي برداشت ڪرڻ بدران سخت ردعمل ڏيئي رهي آهي۔ تازو پيش آيل واقعو، جنهن ۾ اڳوڻي وفاقي وزير ۽ جي ڊي اي اڳواڻ غلام مرتضيٰ جتوئي کي دعوت ڏيڻ تي غلام حيدر مري خلاف ڪارروائي ڪئي وئي، ان صورتحال کي وڌيڪ سنگين بڻائي ڇڏيو آهي۔ دريا خان مري ۾ غلام حيدر مري جو پيٽرول پمپ سيل ڪرڻ ۽ دڪان ڊاهي پٽ ڪرڻ نه رڳو قانوني سوال پيدا ڪري ٿو، پر سياسي انتقام جي تاثر کي به مضبوط ڪري ٿو۔ ضلعي انتظاميا ۽ پوليس جي ڪارروائي، جنهن ۾ مبينا طور ڪڙو پڻ چاڙهيو ويو، عوامي سطح تي سخت ردعمل جو سبب بڻي آهي۔ سوشل ميڊيا تي وڏي پيماني تي حڪومت تي تنقيد ڪئي پئي وڃي ۽ صارفين مطالبو ڪري رهيا آهن ته ان واقعي جو نوٽيس ورتو وڃي ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي۔ هي واقعو صرف هڪ فرد يا هڪ علائقي تائين محدود ناهي، پر اهو هڪ وڏي سياسي رجحان جي نشاندهي ڪري ٿو، جنهن ۾ اختلاف کي برداشت ڪرڻ بدران دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي۔
فنڪشنل ليگ جي اڳواڻ راشد شاهه راشدي جو بيان به ان ڇڪتاڻ کي وڌيڪ وڌائي ٿو، جنهن ۾ هن حڪومت کي خبردار ڪيو ته جيڪڏهن عوامي مسئلا حل نه ڪيا ويا ته روڊ بند ڪرڻ سميت سخت احتجاجي قدم کنيا ويندا۔ هن واضح ڪيو ته عوام سان ٿيندڙ ناانصافيون وڌيڪ برداشت نه ڪيون وينديون ۽ جيڪڏهن صورتحال بهتر نه ٿي ته سڄي صوبي ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو۔ اهڙن بيانن مان ظاهر ٿئي ٿو ته سنڌ جي سياسي فضا تيزي سان تڪرار ڏانهن وڌي رهي آهي۔ جيڪڏهن هن صورتحال کي سنجيدگي سان نه ورتو ويو، ته اهو رڳو سياسي بحران تائين محدود نه رهندو، پر سماجي بيچيني ۽ انتظامي بحران کي به جنم ڏئي سگهي ٿو۔ جي ڊي اي اڳواڻن جي هنگامي پريس ڪانفرنس ۾ به واضح طور چيو ويو ته غلام حيدر مري خلاف ڪارروائي انتقامي آهي۔ انهن جو چوڻ هو ته جتوئي ڀائرن کي آجياڻو ڏيڻ به ڏوھ بڻجي ويو آهي، جيڪو جمهوري قدرن جي خلاف آهي۔ انهن اهو به چيو ته اهڙين ڪاررواين سان نه رڳو سياسي آزادي متاثر ٿئي ٿي، پر اهو پيغام به وڃي ٿو ته حڪومت تنقيد کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ناهي۔ اهو پڻ چيو ويو ته جتوئي خاندان ۽ انهن جي همدردن کي ڪوڙن ڪيسن ۽ پوليس گردي سان جهڪائي نٿو سگهجي ۽ جيڪڏهن اهڙيون ڪارروايون جاري رهيون ته اهي عدالت جو دروازو کڙڪائيندا۔ اهو سڀ ڪجهه ڏسندي اهو سوال پيدا ٿئي ٿو ته ڇا اها ساڳي پيپلز پارٽي آهي، جيڪا ڪڏهن جمهوريت، برداشت ۽ مفاهمت جي علمبردار هئي؟
جيڪڏهن پيپلز پارٽي پنهنجي تاريخي ورثي تي نظر وجهي، ته ان کي اهو احساس ٿيندو ته ان جي اصل طاقت عوامي حمايت ۽ اخلاقي برتري ۾ هئي، نه ڪي انتظامي طاقت يا دٻاءَ ۾۔ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو هميشه عوام سان سڌي رابطي، سياسي شعور ۽ جدوجهد کي ترجيح ڏني۔ اڄ جيڪڏهن پارٽي ان رستي کان هٽي ڪري انتقامي سياست ڏانهن وڃي ٿي، ته اهو نه رڳو ان جي سياسي ساک کي نقصان پهچائيندو، پر جمهوريت لاءِ به خطرو بڻجي سگهي ٿو۔سنڌ جهڙي حساس صوبي ۾، جتي اڳ ئي بيروزگاري، غربت، مهانگائي ۽ بنيادي سهولتن جي کوٽ جهڙا مسئلا موجود آهن، اتي سياسي ڇڪتاڻ صورتحال کي وڌيڪ خراب ڪري سگهي ٿي۔ حڪومت جو فرض آهي ته اها عوامي مسئلن تي ڌيان ڏئي، نه ڪي سياسي مخالفن کي نشانو بڻائي۔ سوشل ميڊيا تي وڌندڙ تنقيد به ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته عوام هاڻي وڌيڪ باشعور ٿي چڪو آهي۔ ماڻهو رڳو سياسي نعرا نه، پر عملي ڪارڪردگي ڏسڻ چاهين ٿا۔ جيڪڏهن حڪومت پنهنجو رويو تبديل نه ڪيو، ته اهو عوامي ردعمل کي وڌيڪ تيز ڪري سگهي ٿو۔
اهڙي صورتحال ۾ ضروري آهي ته پيپلز پارٽي پنهنجي پاليسين تي نظرثاني ڪري ۽ پنهنجي تاريخي ڪردار ڏانهن واپس موٽي۔ اختلاف راءِ کي برداشت ڪرڻ، سياسي مخالفن سان عزت سان پيش اچڻ ۽ قانون جي حڪمراني کي يقيني بڻائڻ ئي هڪ مضبوط جمهوريت جي بنياد آهي۔ ساڳئي وقت، مخالف ڌرين کي به ذميواري سان ڪم ڪرڻ گهرجي۔ احتجاج هر ڪنهن جو حق آهي، پر اهو پرامن ۽ قانون جي دائري ۾ هجڻ گهرجي۔ جيڪڏهن سياسي ڌريون پاڻ ۾ ڳالهين جو در کولين، ته ڪيترائي مسئلا بغير تڪرار جي حل ٿي سگهن ٿا۔ سو اهو چوڻ مناسب ٿيندو ته سنڌ ۽ پاڪستان جي مستقبل جو دارومدار سياسي بردباري، مفاهمت ۽ قانون جي بالادستي تي آهي۔ جيڪڏهن سياسي قيادت پنهنجي ذاتي يا پارٽي مفادن کان مٿي ٿي ڪري قومي مفاد کي ترجيح ڏئي، ته نه رڳو موجوده بحران ختم ٿي سگهي ٿو، پر هڪ مضبوط ۽ مستحڪم جمهوريت جي بنياد به پئجي سگهي ٿي۔