سنڌ ۾ وڌيل انتشار ۽ بي وس بڻيل امن

تحرير:"راز"علي گل ڀٽو

دنيا ۾جڏھن معاشرن جي جوڙجڪ ھڪ عدد کان مٿي وڌي ملڪن ۽ رياستن جووجود ورتو۔ تڏھن کان وٺي امن ۽ انتشارجي وجودن تي بحث مباحثا ۽ انھن جي حل لاءِ  غور ويچار ٿيندو رھيوآھي۔امن ۽ انتشار جو وجود ھونئن ته ڄڻ انساني وجود سان گڏوگڏ ساماڻو آھي۔امن ۽ انتشار جا ڌرتيءَ  تي پھريان ٻه پيروڪار ھابيل ۽ قابيل ھئا۔جن مان ھابيل امن ۽ قابيل انتشار جا اڳواڻ ياداعي ھئا۔ان ڏينھن کان وٺي امن جا چاھيندڙ ڄڻ ھابيل جا چاھيندڙ ۽ انتشارپسند قابيل جا پوئلڳ قبيلي جا آھن۔شروع ۾جڏھن انسان گروھن ۾رھڻ سکيو يا شروع ڪيو تڏھن کان کاڌ خوراڪ جي وسيلن جي حاصلات ۾ برتري حاصل ڪرڻ لاءِ  انتشارپسندن امن جي داعين سان کنئونس ڪرڻ شروع ڪئي۔

اھڙي ريت ھڪ ڌر دفاعي۽ ٻي ڌر اڳرائيءَ  واري ويڙھاند جي ابتدا ڪئي۔جيڪا صورتحال انساني معاشرتي۽معاشي ترقيءَ  سان گڏوگڏ اڳتي وڌندي رھي آھي۔ قبيلن ٽولن يا گروھن وارن معاشرن ۾ڪي امن پسند يا خود پنھنجي مفادن جي فائدي لاءِ  ٻن مقابل گروھن ۾امن ۽ ٺاهه جي نالي۾ٺھراءُ وارو ڪردار ادا ڪندا ھئا۔ انھن حالتن ۾جيڪڏھن ٽياڪڙ امن پسند ۽ خيرخواهه ھوندا ھئا ته اھي ٻنھي ڌرين يعني امن پسند ۽ انتشار پسندن وچ ۾امن جي ديوار بڻبا ھئا۔جيڪڏهن وچ وارا مفاد پرست ۽ ڦڏي باز ھوندا ھئاته اھي پنھنجن مفادن جي پورائي لاءِ انتشار پسند ڌر ياقبيلي کي پيا اندروني ھشي ۽ ٽيڪ ڏيندا ھئا۔ جيئن ٻئي ڌريون ويڙھاند ۾رڌل ھجن ۽ ھشي ڏيڻ وارن جا مفاد محفوظ رھن۔ اھڙي طرح ٻئي ڌريون امن ۽ انتشار جي نالي ۾مفت انساني رت ھارينديون ھيون۔جن ۾اڳتي ھلي جڙتو مذھبي عقيدن ۽ رسمن جي اڳواڻن به ٻرنديءَ  تي تيل ھاريو۔

اڳتي ھلي امن ۽ انتشار جا گھڻا وسيع سبب پيدا ٿيندا ويا۔مذھبي ۽ سياسي ڏاڍن مڙسن جوڳٺ جوڙ به ساڳي ڪرت جو ڪاروھنوار ٿي پيو۔ ڇو ته انتشاري ڌرين جا گڏيل ۽ ساڳيا مفاد ھوندا آھن۔حقيقي امن پسند قوتون ھڪٻئي جون ھم خيال ھونديون آھن۔دنيا مختلف وقتن۾ڌار حصن ۾ورھايل رھي آھي۔جن ۾جھنگ جو دؤر پٿر جودؤر ۽ لوھ جي دؤرکان پوءِ  صنعتي انقلاب ۽ ايٽمي دؤرشروع ٿين ٿا۔انھيءَ  وچ ۾دنيا امن۽ انتشار جي نالي ۾ڌرين ملڪي ڌڙن ۽ حصن ۾ورھائبي رھي آھي۔دنيا جي ترقي ۽ گروھي ترقيءَ  سان امن۽ انتشار جو مقصد به وسيع ٿيندورھيوآھي۔امن بحال رکڻ ۽ انتشارکي گھٽائڻ لاءِ  علائقائي ۽ عالمي طورتي تنظيمون جڙنديون ۽ ڊھنديون يا خاموش ٿينديون رھيون۔پر مقصد ھرحال ۾ساڳيو معاشي مفادن جي پورائي لاءِ طاقت جو حصول رھيو۔جھڙي طرح دنيا ۾خارجي طورتي ملڪن وچ ۾  امن ۽ انتشارجي ھڪٻئي تي ھلان رھي آھي۔جنھن جومقصد طاقت جي حصول لاءِ  سرحدي جھيڙن جو رواج عام ٿي پيو۔گڏوگڏ ٽولن گروھن ۽ جٿن ۾اندروني طورتي به اڳواڻن درميان طاقت ۽ اڳواڻيءَ  جي حاصلات لاءِ  ڪشمڪش جاري رھندي آئي آھي۔جڏھن دنيا ۾جديد جمھوري صنعتي ۽ اشتراڪي طاقتن ترقي ورتي ته دنياوري به امن ۽ انتشار جي نالي سان عالمي طور ٻن طاقتور گروھن ۾ورهائجي وئي۔ھڪ ڌر اتحادي يا اولھه جي طاقت جنھن ۾مغربي يورپ ايشيا ۽ آفريڪا جا ڪجهه  حصا آمريڪا جي اڳواڻيءَ  ۾ نيٽوٺاهه جي نالي سان وجود ۾آيو۔ دنيا جو ٻيو حصو اوڀر وارو يورپ وچ اوڀر ۽ ايشيا جا ڪجهه  ملڪ روس جي اڳواڻيءَ  ۾وارسا معاھدي تحت اشتراڪيت جونالو اختيار ڪيو۔اڳتي ھلي ٽين دنيا اسلامي ڪانفرنس عرب ليگ آفريڪي اتحاد ۽سارڪ جھڙيون تنظيمون به جڙي ويون۔جيڪي روس جي ٽٽڻ کان پوءِ  گھڻي قدر خاموش ٿي ويون آھن۔ھاڻي امن جي نالي ۾مفادن جي گوءِ ۾آمريڪا سڀني کان اڳتي آھي۔دنيا ۾اڄڪلھ جيڪا ويڙھاند ھلي ٿي اھا عالمي طور يوڪرين فلسطين ۽ڪشمير جون وڏيون ويڙھاندون آھن۔جن سان پڻ امن جي نالي سان انتشار پيدا ٿي رھيو آھي۔انھن جنگين ۾استعمال ٿيندڙ ھٿيار مقامي ۽ ننڍن ڏوھارين کي به ھٿ اچي ٿا وڃن ۔جن سان مقامي ڏوھن ۾ واڌارو ٿيو آھي۔صديون گذرڻ کان پوءِ  به ڪوپل پھر ڏينھن ھفتو يا مھينو ناھي گذريو جنھن ۾انساني رت زمين تي نه ھاريو ھجي ۽ انتشار پيدانه ٿيو ھجي۔گروھي ۽ ذاتي مفادن لاءِ  انتشارجي امن سان جنگ جاري آھي۔

ھن جديد دؤر جي ويجھڙن ڏھاڪن ۾ترڪي لبنان سري لنڪا اسان جي ملڪ جھڙين حالتن سان منھن ڏئي آيا آھن۔ھينئر اسان پرڏيهي حالتن کان بعد ۾ ملڪ جي اندروني امن ۽ انتشار تي نظر وجھون ٿا ته اسان وٽ آزاديءَ  کان وٺي اڄ تائين اندروني حالتون ڪي مثالي ناھن رھيون۔پر ستر جو ڏھاڪو موجوده حالتن کان بھتر ھيو۔موجوده حالتن جي شروعات افغانستان ۾آمريڪا ۽ روس جي ويڙھ۾پاڪستان جوٽپ ڏئي ڦاسي پوڻ وڏي خام خيالي ھئي۔ان کان پوءِ  ٻارنھن سؤ ڪلوميٽرن جي سرحد کي افغان پناهه گيرن لاءِ  کولي ڇڏي۔جنھن مان ستر لکن کان وڌيڪ ماڻھون ملڪ ۾ بنا روڪ ٽوڪ داخل ٿيا۔جن جوسيلابي وھڪرو1947وانگر ڪشمورکان ڪراچيءَ  تائين پکڙجي ويو۔جن کي جتي وڻيو اتي ويھي رھيا۔ جن مقامي روزگار تي ھٿ صاف ڪرڻ کان علاوه سمگلنگ ھٿيارن ۽ نشيدار شين جو ڌنڌوشروع ڪري ڏنو۔انھن شين کي ڏوھارين تائين پھچائڻ جي ڇوٽ ڏني وئي جيڪا اڃان جاري آھي۔

ان ڏينھن کان وٺي يعني اسي واري ڏھاڪي کان وٺي سموري سنڌ افغانين لاءِ نشي دار ھيروئن، آئيس، چرس، آفيم ۽ ھٿيارن جي کليل جوءَ بڻجي وئي۔سنڌ ۽ ملڪ ۾ نشي جو واھپو ۽ وھنوار وڌي ويو آھي۔جيڪوھاڻي پئسي ۽ اثررسوخ وارن ماڻھن لاءِ  سولو ۽ نفعي وارو ڪاروبار ٿي چڪوآھي۔ٻئي طرف افغاني ھٿيارن جي بي روڪ پھچ ڏوھارين کي طاقتور بڻائي سنڌ۽ڏکڻ پنجاب کي اغوا جي صنعت بڻائي ڇڏيوآھي۔جديد ھٿيارن جي زور تي ڌاڙيل ھاڻي ھزارين پوليس ۽ رينجرس کان به زورٿي ويا آھن۔اغواڪار سھوليت ڪار ۽ ڌاڙيل عوام۽قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان ھاڻي روايتي ھٿيارن بجاءِ جديد ھٿيارن سان وڙھي انتشار پيدا ڪري رھياآھن۔اھي ھٿيار جيڪي قانون لاڳوڪندڙ اعلي ادارا رياستي سرحدن جي حفاظت لاءِ  ڪتب آڻيندا آھن۔حيرت جي ڳالھه آھي ته سوين ميلن جي سرحد کان اندر ڪچي ۾بي خوف ٿي ڏوھارين تائين اھي جديد ھٿيار پھچائيندڙ سھوليت ڪار ڪير آھن؟جيڪي رياست ۽ قانون کان به ڏاڍا آھن۔ڌاڙيلن جا لنگهه ۽ وستيون ڪي ھزارن ميلن ۾ته ناھن ۔جن تائين سرڪار جا طاقت ور اھلڪار نٿا پھچي سگھن۔جيڪي عام ماڻھوءَ تي ته ڪڙڪي ٿا پون۔جڏھن وچ واري واپاريءَ  کان سواءِ جائز ۽ قانوني واپار نٿوٿي سگھي ته سھوليت ڪارن جي شموليت ۽ سھوليت کان سواءِ ايڏو ناجائز ڌنڌو ڪيئن ٿو ھلي سگھي؟ ھينئر سنڌ ۽ ڏکڻ پنجاب۾ انتشار اڳيان امن بيوس آھي۔ھاڻي باقي رھي ٿوفوجي جوانن جو استعمال سو ملڪ ۾ڄڻ حڪومتي ڪمزوري ظاھر ڪري ٿو۔جيڪڏھن پوليس ۽ رينجرس کي جديد ھٿيار ڏئي سياسي اثر رسوخ کان آجو ڪري ڏوھارين جا گھٽ گھيڙ بند ڪري ميدان اھلڪارن جي حوالي ڪيووڃي ۽سھوليت ڪارن جي نڙيءَ  تي به ننھن ڏجي ته امن جا ڳيرا ڪچي ۽ پڪي ۾آزاديءَ  سان اڏامي سگھن ٿا۔ھينئر ملڪ جو سياسي انتشار ملڪ جي امن تي برا اثر وجھي رھيو آھي۔سرڪاري ڪامورا ملڪ جي سياسي ۽ ڏوھاري انتشار کي ھڪ ئي وقت منھن ڏيڻ ۾ڏکيائي محسوس ڪري رھيا آھن۔سياسي ڌرين به پنھنجي صفن ۾به ڏاڍا مڙس۽ دڙڪيدار عناصر شامل ڪري رکيا آھن۔اھو رواج به ختم ڪرڻو پوندو۔

اھوسڀ ڪجهه  سياسي ڌرين جو پاڻ ۾ڳالھيون ڪرڻ سان ئي ممڪن آھي۔ملڪي سلامتي ۽ ترقي لاءِ  ھوڏ ڇڏي ھاڪاري رويو ڌارڻو پوندو۔جنھن سان ھرڪنھن لاءِ  سھوليتون به پيدا ٿينديون۔ موجوده حالتن ۾ ھڪ ئي وقت سياسي۽ امن امان جي محاذن تي ھڪ ئي وقت ڪم ڪرڻ حڪومت لاءِ  به مشڪل ٿولڳي۔سياسي۽ڏوھاري محاذن تي قانوني رستواختيارڪري پنھنجي۽پرائي وارو خيال ڇڏي ڪم ڪجي ته ڪومسئلوناھي جوحل نه ٿي سگھي۔غيرجانبدار ٿي قانوني قدمن کڻڻ سان ڪي پنھنجا پراوا رسن ٿاته انھن تي ملڪي مفاد کي ترجيح ڏيڻ کپي۔ڇوته ملڪ سڀني کان اھم آھي۔

۔ملڪي سلامتي ۽ ترقي لاءِ  ھوڏ ڇڏي ھاڪاري رويو ڌارڻو پوندو ۔جنھن سان ھرڪنھن لاءِ  سھولتون به پيدا ٿينديون۔ موجوده حالتن ۾ ھڪ ئي وقت سياسي۽ امن امان جي محاذن تي ھڪ ئي وقت ڪم ڪرڻ حڪومت لاءِ  به مشڪل ٿولڳي۔سياسي۽ڏوھاري محاذن تي قانوني رستو اختيار ڪري پنھنجي۽پرائي وارو خيال ڇڏي ڪم ڪجي ته ڪومسئلوناھي جوحل نه نڪري سگھي.۔غيرجانبدار ٿي قانوني قدمن کڻڻ سان ڪي پنھنجا پراوا رسن ٿا ته ڀلي رسن ، انھن تي ملڪي مفاد کي ترجيح ڏيڻ کپي ۔ڇوته ملڪ سڀني کان اھم آھي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.