پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور ۾ ٽڪ ٽاڪ خراب ڪرڻ تي ماستر آپي مان نڪري ويو ۽ وحشياڻو تشدد ڪري شاگردن جون ٻانهون ڀڃي ڇڏيائين.
افسوسناڪ واقعو گورنمينٽ هاءِ اسڪول غريب آباد پشاور ۾ پيش آيو، جوابدار سيف الله ٽڪ ٽاڪ خراب ڪرڻ تي شاگردن تي تشدد ڪيو.
پوليس موجب ماستر وڊيو ٺاهي رهيو هو ته شاگردن پاڻ ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو، شاگردن جي ڳالهين وڊيو ۾ خلل پوڻ تي استاد آپي مان نڪري ويو ۽ کين تشدد جو نشانو بڻايو.
ماستر جي تشدد سان شاگرد سخت زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال نيو ويو، جڏهن ته پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.
Prev Post
You might also like