ڇا امن مارچ کي مثبت موٽ ملندي

تحرير: غلام حسين لغاري

سنڌ جي ڳنڀير مسئلن جهڙوڪ ڌاڙيل راڄ زمينن تي ٿيندڙ رياستي ولار سنڌ پرست ڏاهن پروفيسر اجمل ساوند استاد هدايت لوهار الله رکيو نندواڻي صحافين جان محمد مهر ۽ ناظم جوکيو نياڻي فاطمه ڦرڙو ۽ ٻين جي پرتشدد قتل معصوم نياڻين پريا ڪماري فضيلا سرڪي ۽ ٻين جي آزادي سميت هندو نياڻين کي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري مذهب تبديل ڪرائڻ خلاف سنڌ جي ستن سياسي سماجي پارٽين هرهڪ نيشنل پارٽي سنڌ وحدت،  عوامي جمهوري پارٽي، عوامي تحريڪ سنڌ، ايس يو پي، عوامي ورڪرز پارٽي، وطن دوست جمهوري پارٽي ۽ ڪميونسٽ پارٽي پاڪستان پاران امن مارچ جو انعقاد ڪيو ويو جيڪو تاريخ ۾ پهريون وڏو احتجاج ڏسڻ ۾ آيو جنهن ۾ سنڌ جي نياڻين جو وڏو انگ به شريڪ ٿيو. هن مارچ ۾ سياسي سماجي پارٽين کان سواءِ استاد پورهيت وڪيل سول سوسائٽي جي تنظيمن صحافين ليکڪن اديبن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري سنڌ جي مسئلن تي سخت ڳڻتي ۽ ايڪتا جو اظهار ڪيو ۽ حڪومت کان ڪجهه مطالبا ڪيا۔هي مارچ اولڊ ڪئمپس کان شروع ٿيو جيڪو حيدر  چوڪ گول بلڊنگ کان ٿيندو پريس ڪلب پهتو جتي مارچ عام جلسي جي شڪل اختيار ڪئي ۽ اڳواڻن خطاب ڪيو

سنڌ ۾ ظلم جبر ڏاڍ جو ذڪر ڪبو ته جڏهن کان سنڌ ۾ هڪ پارٽي جو تسلط ۽ راڄ قائم ٿيو آهي تڏهن کان سنڌ ۾ لاقانونيت منهن ڪڍيو آهي رڳو فاطمه ڦرڙو نه پر ماضي ۾ ٻيون به نياڻيون قتل ٿيون آهن جن جا خون انهي ڪري لڙهي ويا جو سنڌ جا طاقتور هٿ ۽ ڌريون اهڙن قاتلن جي پوئواري پئي ڪئي آهي۔صحافين ۾ جان محمد مهر اڪيلو ناهي هن کان اڳ دادو جو صحافي عظيم لغاري نوشهروفيروز جو عزيز ميمڻ سميت وڏي انگ ۾ ٻيا به صحافي شهيد ٿي  چڪا آهن جن جي به مالڪي نه ٿيڻ ڪري سندن خون لڙهي ويا۔اسان ته رڳو استادن ۽ صحافين جي خونن جي ڳالهه ڪريون ٿا پر گذريل ڏيڍ ڏهاڪي ۾ سون جي انگ ۾ بيگناهه ڪونڌر ۽ نياڻيون ڪسجي چڪيون آهن جن جي خونن سان نه رياست انصاف ڪيو نه وري عدالتن ئي ڪو عدل ڪيو آهي۔افسوس اهو آهي جو قاتل ۽ انهن جا سهولتڪار اقتداري ايوانن ۾ ويٺل هجڻ ڪري اهي انصاف ۾ سدائين رڪاوٽ بڻيل رهن ٿا۔ڌاڙيلن جون فيڪٽريون الڳ آهن جن ۾ ڌاڙيل تيار ٿين ٿا کين نيٽو جا هٿيار به پهچن ٿا۔ آڱرين تي ڳڻجڻ جيترا ڌاڙيل رياست کان ڏاڍا آهن۔ڏاڍا ڪيئن ٿا ٿي سگهن سوچڻ جي ڳالهه آهي۔ڏاڍا انهي ڪري آهن جو کين پئدا ڪندڙ ڏاڍا ۽ طاقتور آهن جيڪي کين مارائڻ ڪيئن چاهيندا۔

سنڌ ۾ هن وقت ڏهڪاءُ واري صورتحال آهي هر ماڻهو پاڻ کي غير محفوظ ٿو سمجهي۔ٻهراڙين مان شهرن ڏانهن لڏپلاڻ ٿي رهي آهي جنهن سان سنڌ جي زراعت کي ڪاپاري ڌڪ پهتو آهي۔زمينون آباد ڪرڻ لاءِ  هاري ۽ مزدور اڻلڀ ٿي چڪو آهي۔اناج سايون ڀاڄيون به گهٽ لهڻ ڪري مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي۔ سردارن وڏيرن ۽ رياستي ادارن پاران زمينن جي ٿيندڙ غيرقانوني ولار به سنڌ جي زراعت کي نقصان پهچايو آهي جنهنڪري به بيروزگاري ڪر کنيو آهي جو زمينن تان بيدخل ٿيڻ بعد هاري پورهيتن لاءِ  شهرن ۾ روزگار جا وسيلا گهٽ آهي.

حيدرآباد امن مارچ ۾ شامل سياسي سماجي اڳواڻ سول سوسائٽي جا نمائندا، اديب، صحافي، وڪيل، صوبائي توڙي وفاقي حُڪومت کان پڇڻ ٿا چاھين ته ڌاڙيلن کي جديد ھٿيار پھچائيندڙ ڪير آھن؟ پريا ڪماري سميت ڌاڙيلن وٽ يرغمال ڪيل ماڻھن کي اڃان تائين آزاد ڇو ناهي ڪرايو ويو؟ ڌاڙيلن جا سھولتڪار ڪير آھن؟امن ريلي ۾ شامل سنڌ جي گھڻگھرن مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ ۾ڌاڙيل راڄ بابت اعليٰ عدالتي ڪميشن جوڙي وڃي ۔

امن مارچ ۾ اهو به چيو ويو بلڪه مطالبو ڪيو ويو ته عدالت طرفان قبيلائي جرڳن ڪرڻ تي پابندي وجھڻ جي باوجود  29 جو لاءِ  2019ع تي قبائلي سردارن کي جرڳن جا اختيار ڏيندڙ سنڌ ايپيڪس ڪميٽي جي غير قانوني حُڪم کي واپس ورتو وڃي.پريا ڪماري سميت ڌاڙيلن وٽ قيد سمورن معصوم بيگناه شهرين کي فوري طور بازياب ڪرائڻ لاءِ  جلد کان جلد عملي اپاءُ ورتا وڃن. پوليس کاتي مان سياسي مداخلت ختم ڪرڻ سان گڏ نااھل، سفارشي، ڪرپٽ ۽ راشي آفيسرن کي نيڪالي ڏئي ايماندار آفيسر مقرر ڪري پوليس کاتي ۾ سڌارا آڻڻ سان گڏ جديد ھٿيار، بڪتر بند گاڏيون ۽ ٻيون ضروري سھولتون ڏئي ڌاڙيلن خلاف اثرائتو آپريشن ڪيو وڃي.پوليس جي سپاهين جي پگهار وڌائي شهر کان ٻاهر ڊيوٽي تي ويندڙ پوليس اهلڪارن کي کاڌ خوراڪ ۽ ٻيون بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن. پوليس ڪانسٽيبل کي ڊيوٽي جي مناسبت سان بنا ڪنھن رشوت ۽ سفارش جي ٽرانسپورٽ الائونس به ڏنا وڃن.

تعليم جي پيشي سان لاڳاپيل استاد الله رکيو نندواڻي، اجمل ساوند ۽ صحافي جان محمد مهر سميت ڌاڙيلن ھٿان شھيد ٿيندڙ سپاھين ۽ عام ماڻھن جي قاتلن کي گرفتار ڪري سخت سزائون ڏئي عبرت جو نشانو بنايو وڃي.اهڙي طرح خالي پيل سرڪاري زمينون عسڪري ۽ غير ملڪي ڪمپنين کي ڏيڻ بدران مقامي هارين ۾ ورهائي وڃي ۽جاگيرداري نظام کي عملي طور ختم ڪيو وڃي. سنڌ جي حصي جي پاڻي تي ڌاڙو ھڻڻ لاءِ ارسا ايڪٽ ۾  ترميم ڪرڻ وارو غير قانوني آرڊينسس  واپس وٺي سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃيستن پارٽين ۽ سندن اڳواڻن کي جس هجي جن سنڌ جي امن جي بحالي ۽ ڳنڀير مسئلن تي امن مارچ جو انعقاد ڪرايو جنهن ۾ عوامي شرڪت ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي آهي ته سنڌ جو عوام سنڌ جي مسئلن تي گڏ آهي ۽ سنڌ ۾ امن غربت جو خاتمو  چاهي ٿو۔هن وقت بال اقتداري ڌرين ۽ رياستي ادارن جي هٿ ۾ آهي ته اهي هن امن مارچ کي ڪهڙي ٿا موٽ ڏين۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.