ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران 17هين گريڊ جي آفيسر رياضي ۾ بيچلر آف آرٽس (بي اي) جي ڊگري وٺڻ جو بيان ڏئي ڇڏيو، جنهن تي جج حيران ٿي ويو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ هائوسنگ سوسائٽي جي ليز بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ڪوآپريٽو سوسائٽي ۾ ليز پلاٽن جي الاٽمينٽ رد ڪرڻ خلاف درخواست تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڪوآپريٽو سوسائٽي جي رجسٽرار کي طلب ڪري ورتو.
ٻڌڻي دوران ڪوآپريٽو سوسائٽي جو رجسٽرار محرم علي تعليمي قابليت پڇڻ تي عدالت کي مطمئن نه ڪري سگهيو.
جسٽس صلاح الدين پنهور پڇاڻو ڪيو ته توهان ڪهڙي کاتي جا ملازم آهيو؟ محرم علي ساند جواب ڏنو ته مان لوڪل گورنمينٽ ۾ 17هين گريڊ جو آفيسر آهيان، جسٽس صلاح الدين پنهور پڇيو ته توهان جي تعليمي قابليت ڇا آهي؟ جنهن تي محرم علي جواب ڏنو ته مان ميٿ (رياضي) ۾ بي اي ڪئي آهي.
جسٽس صلاح الدين پنهور حيراني جو اظهار ڪندي پڇاڻو ڪيو ته رياضي ۾ بي اي ڪهڙي يونيورسٽي مان ٿيندي آهي، وري محرم علي ساند چيو ته شاهه لطيف يونيورسٽي مان پرائيويٽ ۾ بي اي ڪئي آهي.
عدالت جي پڇڻ تي 17هين گريڊ جو آفيسر ميٿس جي اسپيلنگ ئي نه ٻڌائي سگهيو، جنهن تي عدالت ۾ ٽهڪڙا پئجي ويا.
سنڌ هاءِ ڪورٽ هائوسنگ سوسائٽي جي ليز بابت ڪيس جي ٻڌڻي 22 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
#sindhhighcourt #SHC #justicesalahuddinpanhwar