پاڪستان جو عثمان چند پئرس اولمپڪس لاءِ ڪواليفاءِ ڪرڻ ۾ ناڪام

دوحا ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان جو عثمان چند پئرس اولمپڪس لاءِ ڪواليفاءِ ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويو .
عثمان چند دوحا ۾ اسڪيٽ شوٽنگ ڪواليفائيرز ۾ چوٿين پوزيشن حاصل ڪئي جڏهن ته ڪواليفائيرز جڏهن ته ڪواليفائيرز جي ٻن ٽاپ پليئرز اولمپڪس لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي.
عثمان چند شروعاتي 36 شاٽس کانپوءِ ٻي پوزيشن تي موجود هو پر هن 37 کان 40 هين شاٽ ۾ ٻه ٽارگيٽ مِس ڪري ڇڏيا، ٽارگيٽ مِس ٿيڻ سبب هو ٻي چوٿين پوزيشن تي هليو ويو.
عثمان پاران 40 مان 34 ٽارگيٽ ورتا جڏهن ته چوٿين پوزيشن تي اچڻ کانپوءِ عثمان ميڊل لاءِ آخري ويهه شاٽس مان ٻاهر ٿي ويو هو.
واضح رهي ته پئرس اولمپڪس لاءِ هنيئر تائين پاڪستان جي ٽن شوٽرز ڪواليفاءِ ڪيو آهي جڏهن ته ڪشمالا طلعت، جي ايم بشير ۽ گلفام جوزف پئرس اولمپڪس لاءِ ڪواليفاءِ ڪري چڪا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.