علي ڳڙهه انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي جي اهتمام هيٺ عيد ملن تقريب

ڪراچي (پ ر) علي ڳڙهه انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي جي اهتمام هيٺ عيد ملن تقريب رٿي وئي، جنهن ۾ سر سيد يونيورسٽي جي رجسٽرار ڪموڊور (ر) سيد سرفراز علي، ڪموڊور (ر) سليم صديقي، اي آءِ ٽي جي آءِ ٽي ڪميٽي جي ڪنوينر فرخ نظامي، روسائي ڪليات، مختلف شعبن جي سربراهن کانسواءِ علي ڳڙهه مسلم يونيورسٽي اولڊ بوائز ايسوسيئيشن جي ميمبرن ۽ عهديدارن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي خيالن جو اظهار ڪندي سر سيد يونيورسٽي جي چانسلر جاويد انوار چيو ته زندگي جي هر لمحي کي شڪر، صبر ۽ تحمل سان گذارڻ جي روحاني تجربي جو نالو خوشي آهي، عيد جون خوشيون به هڪ اهڙي ئي روحاني تجربي جو انعام آهن، عيدالطر رڳو هڪ مذهبي تهوار نه پر خوشي جي اظهار جو هڪ وڏو ڏينهن به آهي، جيڪو اسان کي امن ۽ ڀائيچاري کي هٿي جو درس ڏئي ٿو، اڄ جڏهن معاشرو ورهائجي رهيو آهي، اهڙي صورتحال ۾ اهڙو موقعو فراهم ٿي وڃڻ ته دوست گڏجي ڪجهه لمحا خوشي سان گذارين يقينن ڪنهن انعام کان گهٽ ناهي. اڄوڪي دور ۾ عام ماڻهو لاءِ زندگي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ڏکيو ٿيندو پيو وڃي.
ان موقعي تي ملازمن جي داد رسي لاءِ چانسلر جاويد انوار پگهارن جي اسڪيل تي نظرثاني جي منظوري جو به اعلان ڪيو.
علي ڳڙهه انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي جي ڪنوينر انجنيئر محمد ارشد خان چيو ته معاشري مان سهپ ختم ٿيندي پئي وڃي، اختلاف نظريي سان هجڻ گهرجي، ذاتي مفاد ۽ انا کي اداري جي مفاد تي ترجيح ڏيڻ اداري کي تباهه ڪرڻ جهڙو آهي، شڪايتون ڳالهين سان حل ڪرڻ سان انسان نقصانن کان محفوظ رهي ٿو.
ان کان اڳ علي ڳڙهه انسٽيٽيوٽ جي پرنسپل شاهد جميل استقباليه تقرير ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.