الخدمت اڪيڊمڪ اسڪالرشپ تحت ملڪ جي هزارين شاگردن کي اسڪالرشپس ڏنيون ويون

لاهور (پ ر) الخدمت فائونڊيشن تحت اڪيڊمڪ اسڪالر شپ آزاد ڪشمير جي اهتمام هيٺ ساليانو ڪنوينشن ٿيو، جنهن ۾ يونيورسٽي آف آزاد ڪشمير جي ڊين ۽ ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر عبدالرئوف، الخدمت فائونڊيشن پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل سيد وقاص جعفري، الخدمت ايجوڪيشن پروگرام جي نيشنل ڊائريڪٽر ڊاڪٽر جبران بلوچ، الخدمت آزاد ڪشمير ريجن جي صدر ڪرنل (ر) ظفر عباسي ۽ الخدمت فائونڊيشن اسلام آباد جي صدر حامد اطهر ملڪ سميت تعليم جي شعبي سان واسطو رکندڙ شخصيتن، شاگردن ۽ شاگردياڻين شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي الخدمت اڪيڊمڪ اسڪالرشپ حاصل ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي سرٽيفڪيٽ ۽ پوزيشن هولڊر شاگردن کي شيلڊز ڏنيون ويون.
سيد وقاص جعفري خطاب ڪندي چيو ته الخدمت فائونڊيشن پاڪستان سميت آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ ذهين ۽ باهمت شاگردن ۽ شاگردياڻين کي هائير ايجوڪيشن جا موقعا فراهم ڪري رهي آهي، هيل تائين سڄي ملڪ ۾ 5 هزار 269 شاگردن کي 43 ڪروڙ 60 لک رپين جون اسڪالرشپس فراهم ڪيون ويون آهن ۽ الخدمت اڪيڊمڪ اسڪالرشپ حاصل ڪندڙ ڊاڪٽر، انجنيئر، ايسوسيئيٽ انجنيئر، گريجوئيٽ اسڪالر تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ عملي زندگي ۾ پنهنجي خاندانن جي سار سنڀال ۽ پاڪستان جي خدمت ڪري رهيا آهن. ڪرنل (ر) ظفر عباسي چيو ته الخدمت فائونڊيشن آزاد ڪشمير ۾ 100 شاگردن ۽ شاگردياڻين کي اسڪالرشپ فراهم ڪري رهي آهي. پروگرام ۾ فلسطين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي فلسطيني رومال به پيش ڪيا ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.