ڪراچي واسين لاءِ بُري خبر، ڪي اليڪٽرڪ بجلي اگهن ۾ واڌ جي درخواست ڏئي ڇڏي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ڪي اليڪٽرڪ طرفان بجلي جي اگهن ۾ واڌ جي درخواست نيپرا ۾ جمع ڪرائي وئي آهي.
ڪي اليڪٽرڪ طرفان نوَ مهينن يعني جولاءِ 2023ع کان مارچ 2024ع تائين جي ماهوار ايڊجسٽمينٽ جي درخواست داخل ڪئي آهي، جنهن ۾ ست مهينن جي ماهوار ايڊجسٽمينٽ ۾ واڌ ۽ ٻن مهينن جي ماهوار ايڊجسٽمينٽ ۾ لاٿ جي درخواست ڪئي وئي آهي.
ڪي اليڪٽرڪ طرفان ست مهينن جي ماهوار ايڊجسٽمينٽ ۾ في ايونٽ 18 رپيا 86 پئسا واڌ ۽ ٻن مهينن لاءِ لاٿ جي مد ۾ 29 پئسا جي درخواست ڪئي وئي آهي.
نيشنل پاور اليٽرڪ ريگوليٽري اٿارٽي ( نيپرا ) ڪي اليڪٽرڪ جي درخواست تي نوَ مئي تي ٻڌڻي ڪندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.