بشام ۾ چيني انجنيئرن تي حملي ۾ ملوث چار دهشتگرد گرفتار

پشاور ( ويب ڊيسڪ ) بشام ۾ چيني انجينيئرن تي حملي ۾ ملوث چئن دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
سي ٽي ڊي پشاور موجب، بشام ۾ چيني انجينيئرن تي آپگهاتي حملي جي جاچ ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، حملي ۾ ملوث چئن دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
سي ٽي ڊي اختيارين جو چوڻ آهي ته گرفتار دهشتگردن جو واسطو پابندي مڙهيل تنظيم ٽي ٽي پي سان آهي، سندن نيٽ ورڪ ۾ شامل ٻين دهشتگردن جي سڃاڻپ به ڪئي وئي آهي.
ياد رهي ته 26 هين مارچ تي چيني انجينيئرن جي گاڏي تي آپگهاتي حملو ٿيو هو جنهن جي نتيجي ۾ پنج چيني انجينيئر مارجي ويا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.