ٽانڪ ۾ سڪيورٽي فورسز جو آپريشن، 4 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) ٽانڪ ۾ سڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران 4 دهشتگرد مارجي ويا آهن.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر جو موجب، سڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي ٽانڪ ضلعي ۾ آپريشن ڪيو.
آءِ ايس پي آر موجب، سڪيورٽي فورسز جي ڀرپور اثرائتي ڪارروائي دوران چار دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگرد علائقي ۾ دهشتگردي جي ڪيترين ئي ڪارروائين ۾ ملوث هئا.
آءِ ايس پي آر موجب، سڪيورٽي فورسز آپريشن دوران وڏي انگ ۾ هٿيار ۽ بارودي مواد به هٿ ڪري ورتو.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته علائقي جي مقامي ماڻهن سڪيورٽي فورسز جي آپريشن جي ساراهه ڪئي.
آءِ ايس پي آر موجب، سڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.