وياج جي شرح بابت اسٽيٽ بئنڪ وڏو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان مانيٽري پاليسي جو اعلان ڪري ڇڏيو.
اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب وياج جي شرح 22 سيڪڙو تي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
اسٽيٽ بئنڪ وياج جي شرح ٻن مهينن لاءِ برقرار رکڻ جو اعلان ڪيو آهي.
مرڪزي بئنڪ جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ مهانگائي گهٽجي رهي آهي، مستقبل ۾ وڌيڪ گهٽجندي.
اسٽيٽ بئنڪ موجب ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي، ناڻي مٽاسٽا جا ذخيرا مستحڪم ٿي رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.