پاڪ – سعودي معاشي لاڳاپا نئين دور ۾ داخل ٿي چڪا آهن : وزيراعظم

رياض ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪ- سعودي معاشي لاڳاپا نئين دور ۾ داخل ٿي چڪا آهن.
وزيراعظم شهباز شريف سعودي عرب جي دوري تي موجود آهي جتي هن سعودي جي واپار واري وزير ماجد القصبي سان ملاقات ڪئي، ان ان موقعي تي وقافي وزير عطا تارڙ، مصدق ملڪ ۽ ڄام ڪمال پڻ موجود هو.
سعودي جي واپار واري وزير سان گفتگو ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪ-سعودي واپار وڌائڻ لاءِ ڀرپور قدم کنيا ويندا، خاص سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل ( ايس آءِ ايف سي ) پرڏيهي سيڙپڪاري کي هٿي ۽ سيڙپڪارن جي سهولتن جي فراهمي لاءِ پوري ريت متحرڪ آهي.
ان موقعي تي ماجد القصبي چيو ته ولي عهد جي هدايتن تي پاڪستان کي سيڙپڪاري ۽ واپار لاءِ ترجيح ڏئي رهيا آهيون، سعودي عرب جي ڪاروباري ۽ واپاري برادري ۽ سيڙپڪارن جو وفد جلد پاڪستان جو دورو ڪندو.
هن چيو ته ايندڙ هڪ کان ڏيڍ سال دوران معاشي ۽ واپاري لاڳاپن کي نين بلندين تي وٺي وڃڻ لاءِ هدفن جو تعين ڪيو پيو وڃي.
سعودي جي واپاري واري وزير وڌيڪ چيو ته ٻنهي ملڪن جي نوجوانن ۾ پاڪ-سعودي دوستي جي جذبا وڌيڪ اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.