حڪومتي پاليسي تي پورو لهندڙ آبادگارن کي سبسڊي ڏيڻ تي غور

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب حڪومت طرفان ڪڻڪ واري معاملي تي نئين حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پنجاب حڪومت، حڪومتي پاليسي تي پورو لهندڙ آبادگارن کي چار سئو کان ڇهه سئو رپيا في مڻ سبسڊي ڏيڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي.
ذريعن موجب، حڪومت وٽ ايندڙ سيزن تائين 23 لک ٽن ڪڻڪ موجود آهي ۽ آبادگارن وٽ جيڪا ڪڻڪ آهي اِها برساتن سبب گهميل آهي، انڪري گهميل ڪڻڪ جو ذخيرو ڪرڻ ممڪن ناهي.
خوراڪ کاتي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت هاڻي آبادگارن کي في مڻ سبسڊي ڏيڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته حڪومت ڪڻڪ جي بين الصوبائي چرپر تان پڻ پابندي ختم ڪري ڇڏي آهي، پابنديءَ جي خاتمي جو باظابطا اعلان جلد ڪيو ويندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.