پي ٽي آءِ طرفان شير افضل پِي اَي سِي چيئرمين هوندو يا نه؟ عمران خان ٻڌائي ڇڏيو

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ باني عمران خان چيو آهي ته پارٽي طرفان پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين لاءِ فلحال ڪو نالو فائنل ناهي ڪيو ويو.
اڊيالا جيل ۾ صحافين جي سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته هن کي معاملي تي مشاورت ڪرڻ ئي نه پئي ڏني وڃي، اڄ مشاورت مڪمل ٿي ويندي.
شير افضل کي پي اي سي چيئرمين بڻائڻ يا نه بڻائڻ بابت سوال جي جواب ۾ چيو ته سندس چوڻ هو ته هو پي اي سي چيئرمين شپ تي مشاورت کانپوءِ جواب ڏيندو.
هڪ سوال جي جواب ۾ عمران خان چيو ته فلحال پي اي سي لاءِ ڪو به نالو فائنل ناهي ڪيو ويو، سڀاڻي تائين نالو فائنل ڪري وٺنداسين.
صحافي سوال ڪيو ته اوهان ڪنهن کي به نامزد ڪريو ٿا ته پارٽي قيادت نٿي مڃي، پارٽي اندر ڇا هلي رهيو آهي؟ جنهن تي عمران خان چيو ته اسان شير افضل مروت جو نالو ڏنو هو پر اڃا مشاورت ڪري رهيا آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.