حڪمرانن کي عوام جو ڪو به خيال ناهي: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد (پ ر)قومي عوامي تحريڪ جي سربراهھ اياز لطيف پليجي خانپور مھر مان اغوا ٿيل معصوم نينگر راشد علي ۽ عمرڪوٽ ڀرسان ڌنار  نينگر علي جي قتل واقعي جي سخت مذمت ڪندي جوابدارن جي فوري گرفتاري جو مطالبو ڪيو آھي. اياز لطيف پليجي چيو آهي ته سنڌ ۾ لاقانونيت جي ڪري انتھائي درندگي ۽ سفاڪي جا واقعا پيش اچن ٿا. خانپور مھر جي 10 سالن جي نينگر راشد علي کي ھڪ ڪروڙ روپيا ڀنگ لاءِ اغوا ڪيو ويو. وارث ڀنگ نه ڏئي سگھيا ته معصوم ٻار کي قتل ڪري سکر ۾ اڇلايو ويو. عمرڪوٽ مان ڌنار نينگر 2 ڏينھن کان گم ھو. ٻنھي واقعن کان مقامي انتظاميا به واقف ھئي پر ڪو به قانون حرڪت ۾ نه آيو. ڪنھن وزير کي خيال نه آيو. سنڌ تي مسلط ڪيل حڪمران سنڌ جا وسيلا لٽڻ ۾ مصروف آھن، انھن کي عوام جو ڪو به خيال ناھي. اياز لطيف پليجي چيو ته سکر ۽ لاڙڪاڻو ڊويزن جا ضلعا ڌاڙيلن جي رحم ۽ ڪرم تي آھن. ڏينھن ڏٺي ماڻھو اغوا ڪيا وڃن ٿا. قتل ڪيا وڃن ٿا. ڦرون ڪيون وڃن ٿيون. پ پ حڪومت انھي لاقانونيت اڳيان پنھنجون اکيون بند ڪري ڇڏيون آھن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.