حڪومت ۽ ادارن کي خبر آھي ته پريا ڪماري ڪنهن وٽ يرغمال آھي: عوامي جمهوري پارٽي

حيدرآباد(رپورٽر) عوامي جمهوري پارٽي جو ڏهون مرڪزي ڪنويشن حيدرآباد پريس ڪلب جي نيو آڊيٽوريم هال ۾ ڪوٺايو ويو. ڪنوينشن ۾  مرڪزي عهديدارن جي چونڊ  ڪئي وئي، جنهن ۾ سال 2024/25 لاءِ مرڪزي صدر خادم ٽالپر، جنرل سيڪريٽري سيد لال شاھه، خزانچي شير چانڊيو ۽ آفيس سيڪريٽري ڪليم ملڪ کي چونڊيو ويو، جڏهن ته مرڪزي ڪميٽي جي ميمبرن ۾ ڪرم حسين وساڻ، دريا خان شيخ، امير گل ڪٽوهڙ، شاھه محمد انڊڙ،  ڏيٺومل، ڊاڪٽر اسلم پرويز، نظير قريشي، علي احمد لغاري، رحمت ڪنول آخوند، آڪاش چانڊيو، فضا قريشي، حسين جروار، قاسم ميرجت، نور نبي راهوجو، دين محمد ڪلھوڙو، قربان پنهور، رشيد سڌايو، شنڪر مهشوري، پوڙهو مل، نثار چنا، سعيدا گوپانگ، گلاب رائي، مڪيش ڪمار، نبي بخش عباسي، مير راڄپر، سعيد پنهور، اسحاق گاڏهي، جاويد ڀٽي، آزاد جوڻيجو، امير راڄپر، ذوالفقار راڄپر، هاشم سومرو، زمان جوکيو، پنهل چانڊيو، ڌڻي بخش بليدي، محمد نواز، ڄام وسيم، واجد علي، عاشق چاچڙ، انور سومرو، مظهر ڳاهو، ڪرشن، در محمد ٻرڙو، منظور ڇڄڙو ۽ محمد صلاح چانڊيو کي چونڊيو ويو. مرڪزي عهديدارن جي چونڊ بعد نئين مرڪزي صدر خادم ٽالپر ۽ ٻين عهديدارن خطاب ڪندي چيو ته ملڪ ۾ تازو ٿيل عام چونڊون ڍونگ هيون، سنڌ مٿان پ پ جي صورت ۾ عذاب مسلط ڪيو ويو آھي. سنڌ ۾ پ پ جا چونڊيل نمائندا ۽ پوليس اهلڪار ڌاڙيلن جا سرپرست ۽ سهولتڪار بڻيل آھي. سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ قائم آھي، هر ڏينهن عام ماڻھو کان وٺي واپاري طبقي جي ماڻھن کي اغوا ڪري وڏي رقم ڀنگ طور طلب ڪئي وڃي ٿي. ڀنگ نه ڏيڻ تان وارثن کي پنهنجي پيارن کي لاش موڪليا وڃن ٿا. هنن چيو ته اڍائي ورهين کان معصوم پريا ڪماري اغوا ٿيل آھي، حڪومت توڙي ادارن کي خبر آھي ته پريا ڪماري ڪنهن وٽ يرغمال آھي پر ان باوجود پريا ڪماري کي بازياب نٿو ڪرايو وڃي، جنهن سبب سنڌ جي ڌرتي ڌڻي هندو برادري ۾ عدم تحفظ جو احساس ڦهليل آھي. هنن چيو ته سنڌ حڪومت جي نااهلي سبب لکين معصوم ٻار اسڪولن کان ٻاهر آھن، تعليمي نظام بهتر ڪيو وڃي. هنن چيو ته وفاقي حڪومت پاران سنڌ کي حصي جو پاڻي نه ڏيڻ سبب لکين ايڪڙ زمين غير آباد آھي، 3 ڪروڙ سنڌي ماڻھو خوراڪ جي کوٽ جو شڪار آھن، سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين ڪارپوريشن جي نالي تي مختلف ادارن کي ڏئي سنڌي ماڻھن کان زمين ڦري وئي آھي. هنن چيو ته ملڪ جي اصل قوتن کي ملڪ جي بقا لاءِ سنڌ کي حق ڏيڻا پوندا. ان موقعي 10 قراردادون پيش ڪري گهر ڪئي وئي ته 1991ع پاڻي ٺاھه تي عمل ڪري پاڻي جو حق ڏنو وڃي, ڪارپوريشن جي نالي تي کسيل زمينون واپس ڪيون وڃن، ڌاڙيل ڪلچر جو خاتمو ڪيو وڃي، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ايماندار آفيسر مقرر ڪيا وڃن، منشيات جو خاتمو ڪيو وڃي، تعليم جي واڌاري لاءِ تعليمي ايمرجنسي تي ان جي روح مطابق عمل ڪيو وڃي ۽ صحت جون سهولتون يقيني بڻايون وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.