شاهدن تي دٻاءُ؟ معصوم نياڻي فاطمه ڦرڙو جو خون لڙهڻ جو خدشو

ڪراچي/راڻيپور(عوامي آواز نيوز+محسن ٻٻر) راڻي پور جي پير اسد شاهه جي حويليءَ ۾ زيادتيءَ بعد تشدد ڪري قتل ڪيل ٻارڙي فاطمه ڦرڙو جو خون لڙهڻ جو خدشو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته ڪيس جا شاهد پنهنجي بيانن تان ڦري ويا آهن. ڪيس جي شاهدن سونيا، اجالا، نسيم ۽ صغير پهريان پوليس ۽ ميڊيا آڏو بيان ڏنو هو ته فاطمه ڦرڙو تي هنن جي سامهون تشدد ٿيو هو. پر هاڻي پوليس ڳجهي نموني بيان وٺي خيرپور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ جمع ڪرايا آهن، جن ۾ هنن چيو آهي ته فاطمه تي سندن سامهون تشدد نه ٿيو هو. فاطمه ڦرڙو جي وارثن جي وڪيل صفدر ڪناسري ٻڌايو ته جوابدار ڌر پهريان فاطمه جي وارثن تي دٻاءُ وڌو، هو جڏهن سندن ڌمڪين ۽ لالچ ۾ نه آيا ته هنن شاهدن تي دٻاءُ وجهي شاهدن جا بيان ڦيرايا آهن. هن ٻڌايو ته جوابدار حنا شاهه جي وڪيل سندس ضمانت لاءِ هن وقت جيڪي قسم ناما جمع ڪرايا آهن، انهن سان ڪو فرق نه پوندو پر جيڪڏهن شاهدن عدالت جي ڪٽهڙي ۾ اچي اهو بيان ڏنو ته ڪيس تي اثر پوندو. فاطمه جي سوٽ جو چوڻ آهي ته ڪيس جي شاهدن کي جوابدارن جا بااثر وارث پنهنجي گاڏين ۾ ڪنهن هنڌ کڻي ويا هئا، جتي سندن قسم ناما تيار ڪيا ويا، جيڪي بعد ۾ عدالت ۾ جمع ڪرايا ويا. هن ٻڌايو ته شاهدن جوابدارن سان ٺاهه ڪندي پنهنجا بيان ڦيرايا آهن. هاڻي ڪيس جي ٻيهر ٻڌڻي 3 مئي تي رکي وئي آهي.

نوٽ: هيءَ خبر، روزاني عوامي آواز، سومر 29 اپريل2024ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.