حڪمرانن جي خيالي دنيا ۽ ملڪ جي دولت لٽڻ جي موسم

تحرير: انور ساجدي

پاڪستان جا جيڪي  به حڪمران هوندا آهن  اهي خيالي دنيا ۾ رهندا آهن، سندن قول ۽ فعل، اعلانن ۽ عملن جو حقيقت سان ڪو به واسطو نه هوندو آهي،گھڻو ڪري 2005ع ۾ جنرل پرويز مشرف هڪ اجلاس سڏايو ۽ اهو خيال پيش ڪيو ته ڪوئيٽا ۾ پاڻي جي کوٽ ختم ڪرڻ  لاءِ پٽ فيڊر ڪئنال مان ڪوئيٽا تائين پاڻي ڇڪيو وڃي،کيس چيو ويو تھ ھڪ تھ پٽ فيدر جو پاڻي بنهھ گھٽ آھي،ٻيو اھو تھ ان کي ست ھزار فوٽن تائين پمپ ڪري چاڙھڻو پوندو.تڏھن اھو پاڻي ڪوئيٽا تائين پھچي سگھي ٿو. صدر صاحب کي اها خبر نه هئي ته ڪولپور جي اوچائي سمنڊ جي سطح کان 7000 فوٽ مٿي آهي.

تازو ئي جناب صدر آصف علي زرداري پيغام ٻڌايو آھي ته هو تاجڪستان مان پاڻي بلوچستان آڻيندو ۽ اتي جي لکين ايڪڙ زمين کي سيراب ڪري  ملڪ جي غربت کي ختم ڪندو.پرويز مشرف وانگر آصف علي زرداري کي اها به خبر نه هئي ته هندو ڪش جي سطح تائين، پامير يا هماليه جي بلندين تائين پاڻي پهچائڻ ۽ اتان کان پختون خواهه ۽ پنجاب مان گذاري ڪري اھو پاڻي بلوچستان جي ميدانن تائين پهچائڻ ممڪن نھ آھي.

هڪ ته زرداري صاحب وٽ ايترا  وسيلا نه آهن ۽ ٻيو اهو ته هي رڳو هڪ خيالي پلاءُ کانسواءِ ڪجھھ نھ  آهي. موجوده دور ۾ ڪرنل قذافي هزارين ڪلوميٽر پائيپ وڇائي زير زمين درياهه وڇايو ھو، جنهن جو پاڻي بن غازي تائين پهچائڻو هو، پر اهو طرابلس تائين نوبت ئي نھ آئي. ڇاڪاڻ ته قذافي جو تختو اونڌو ڪيو ويو هو،سعودي عرب تازو دنيا جي مهانگي منصوبي جو اعلان ڪيو آهي تھ اھو سمنڊ جو پاڻي مٺو ڪري زير زمين  پائپ جي ذريعي  12 هزار ڪلوميٽر ڊگهو مصنوعي درياهه ٺاهيندو.  سعودي عرب وٽ بيشمار وسيلا آهن، هو اهو پاڻي زراعت لاءِ استعمال ڪندو، ڇو ته سعودي عرب جي ٽي ڪروڙ سعودي آبادي لاءِ هر سال 25 ارب ڊالر کاڌ خوراڪ جي درآمد تي خرچ ڪيا وڃن ٿا، جڏهن ته اها رقم مصنوعي درياهه جي ڪل خرچ جو 20 ھون حصو آھي.جيڪو فائدي جو سودو آھي. سعودي عرب کي انديشو آهي ته ان جي تيل جي آمدني جلد ئي پنهنجو قدر وڃائي ڇڏيندي، تنهنڪري اهو آمدني جا ٻيا ذريعا ڳولي رهيو آهي.

اسان  جي نٽ کٽ وزاراعظم ميان شهباز شريف ريڪوڊڪ بابت اجلاس جي صدارت ڪندي اعلان ڪيو هو ته ريڪوڊڪ کان گوادر تائين 800 ڪلوميٽر ڊگهي ريلوي لائين وڇائي ويندي ۽ ان سان گڏ گوادر ۽ ريڪوڊڪ کي روڊ ذريعي به ڳنڍيو ويندو، جڏهن  وزيراعظم اھو اعلان ڪري رھيو ھو تھ  خبر آئي ته سنڌ ۾ هڪ مسافر ٽرين ڪنيڪشن جوڙڻ واري اوزار ٽٽڻ سبب ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي ۽ وڏو حصو حادثي جي شڪار ٿيڻ کان ذري گھٽ بچي ويو.  جڏهن ھڪ رياست انگريزن جي دور جي ريلوي لائن ٻيھر تعمير نٿي ڪري سگھي تھ پوءِ اھا 800 ڪلوميٽر ريلوي لائين ڪيئن وڇائي سگهي ٿي؟ ها جيڪڏهن ريڪوڊڪ ڪمپني پنهنجي وسيلن سان اھا لائين  چاھي تھ تعمير ڪري سگهي ٿي. ان سان ان کي بيشمار فائدا ٿيندا،.ڇو ته جيڪڏهن اها هر مهيني 6 لک ٽن خام مال ڪڍي ٿي ته اهو مواد آسانيءَ سان تيز رفتاريءَ گوادر پهچي سگهي ٿو. جڏهن ته ان  ۾ اضافو بھ ٿي سگھي ٿو.

وزير اعظم تقرير جي جوش  ۾ اهو وساري ڇڏيو ته گوادر بندرگاهه هن وقت غير فعال آهي ۽ ان کي فعال بڻائڻ لاءِ وڏي پئماني جي ضرورت آهي، اهڙي طرح ريڪوڊڪ کي ناگ سان روڊ ذريعي ڳنڍڻ جو منصوبو آهي، ناگ کان پنجگور، ڪيچ  ۽ گوادر جي روڊن جي  حالت ٺيڪ ناهي، جيڪڏهن ان تي هزارين ڳرا ٽرالر هلندا ته پوءِ سمجهو ته اھي روڊ  بھ ختم ٿي ويندا.  ڇا ايترا وسيلا نه آهن ته ڪو ٻيو روڊ ٺاهيو وڃي، مون کي  ته اهي اعلان  ۽ ڪم خيالي ۽ شيخ چلي جا خواب لڳن ٿا. حڪمران ڄاڻن ٿا تھ ” نھ نَو مڻ تيل هوندو نھ ئي راڌا نچندي“

باقي ڪجهھ ڪرڻو آھي تھ اھو بئرڪ گولڊ کي خود ئي ڪرڻو آهي، ها جيڪڏهن سعودي عرب ان منصوبي ۾ شامل ٿي ويو ته نئين روڊ ۽ ريلوي لائين جا منصوبا  عمل ۾ اچي سگهن ٿا، بھرحال ريڪوڊڪ تائين وڏي مقدار ۾ پاڻي پهچائڻ ناممڪن آهي. اھي جيڪي غير سنجيدا اعلان  آھن اھي اهڙا منصوبا آهن جن جو زميني حقيقت سان ڪو به واسطو نه آهي.اھي ڳالھيون ان جو مظهر آهن ته اسان جا حڪمران ۽ ملڪ کي هلائڻ وارا طاقت جا عنصر ڪيترا سنجيده ۽ سمجهدار آهن، انهن جي حالت ڏسي ڪري بھ  عام ماڻهو سمجهي سگهي ٿو ته ٻيڙي  ٻڏي رهي آھي.  پر اڳوڻا يا هاڻوڪا حڪمران ان تي ڪي گھڻو  پريشان نه آهن، ڇاڪاڻ ته انھن کي ھن  ملڪ ۾ رهڻو نھ آھي.هنن ايتري دولت گڏ ڪئي آهي، جو سندن ايندڙ نسل به کائيندو تھ  اها دولت ختم نه ٿيندي، بلڪھ قارون ۽ مصر جي فرعونن، نمرود جيان اھي بھ شايد احرامن  ۾ سندن مميز سان سان گڏ برآمدي ٿئي.

نه رڳو حڪمران پر بيوروڪريسي سميت جعلي اشرافيا به ملڪ کي ڦري لٽي پرڏيهه ۾ اچي آباد ٿي چڪي آهي، جنهن جو تازو مثال ميان نواز شريف، جي ٻن پٽن جو آھي جن برطانوي شهريت ورتي آهي، جتي سندن دولت اربين پائونڊن تائين پهچي وئي آهي، لنڊن ۾ واقع  360 ملڪيتن جي ٽرسٽي مريم نواز شريف  آهي، جنھن جي پنهنجي شهريت بھرحال برطانوي ناهي پر سندس پٽ جنيد صفدر مستقل رهائش اختيار ڪري چڪو آهي. اڳوڻو وزيراعظم شوڪت عزيز آمريڪي شهري آهي هو لنڊن ۾ رهي ٿو، اڄڪلهه سخت بيمار آهي ۽ هٿ ڪيل  پئسا علاج کانسواءِ ڪنهن ڪم نٿا اچن، سندس اڪيلو پٽ فوت ٿي ويو آهي، ٻڌو پيو وڃي ته جنرل ڪياني وٽ آسٽريليا  جي شهريت آهي. ڪافي عرصو اتي رهڻ بعد هو واپس راولپنڊي آيو آھي  ڇاڪاڻ ته اتي جي موسم هن لاءِ موزون نه هئي، ٻيو مثال بحريا ٽائون جي مالڪ ملڪ رياض  جو آهي، جيڪو اربين ڊالرن جي ڦرلٽ ڪري پرڏيهه فرار ٿي ويو آهي، سندس ڦرلٽ جا ڪيترائي واقعا  روزاني ڊان طرفان مختلف وقتن تي شايع  ڪيا آھن، هڪ تازو واقعو جيڪو 23 ارب جي ماليت جو آهي تازو  ڊان ۾شايع ٿيو  آھي. ھن بحريا ٽائون کي  ڪراچي کان ڄامشوري تائين وڌايو آهي،نھ رڳو اھو  پر ڪراچي کي پاڻي فراهم ڪندڙ ڪي-4 جي زمين تي پڻ سندس قبضو آهي. ھن جابلو نئين ندين تي قبضو ڪري 20 ڊيم بھ بڻائي ڇڏيا آھن.ڄڻ سنڌ جي زمين پڻس جي ملڪيت ھجي.اڄ تائين ڪنھن کائنس ناھي پڇيو تھ ڀائو اوھان ندين نالين ۽ ٻيلن تي قبضو ڪئين  ڪيو آھي ؟ سنڌ سرڪار اکيون ٻوٽي ڇڏيون آهن، ملڪ صاحب  جي عمر 75 سال ٿي چڪي آهي،ھو  دبئي ۾ ويٺو آهي، ھو لنڊن وڃي نٿو سگهي.ڇاڪاڻ جو اتي مٿس  مني لانڊرنگ جي ڪيس سبب پابندي آهي، ان ڪري هو پاڪستان مان لٽيل  دولت ذريعي پرڏيهه ۾ سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي.صدر زرداري اڄ ڪل ان جي لاءِ ان ڪري ڪوشش نھ ڪري رھيو آھي جو ھو کيس آسرو ڏئي ڪري عمران خان سان ملي ويو ھو. عمران خان کيس قائل ڪري ورتو ھو تھ هو ايندڙ 20 سال لاءِ حڪمران ھوندو ملڪ رياض ان جو ٿي ويو ۽ مار کائي ويو.جن ماڻھن زبردست لٽ مار ڪئي اھي ھاڻي عمر جي آخري حصي ۾ آھن.پر ڪنھن کي پڪ نھ آھي تھ اھي جلد مرڻ وارا آھن.

هڪڙو ھو عاصم سليم باجوه  جنھن آمريڪا ۾ پاپا جونز جي فرنچائز هڪ ارب 20 ڪروڙ ڊالرن ۾ خريد ڪئي، هن وٽ وڌيڪ پئسا بھ هوندا، اهي ڪيترا هوندا،اھو بھ ھميشھ لاءِ آمريڪا جو ٿي ويو .جڏن کان منشا گروپ جي سربراھ پئرس ۾ ھڪ ھوٽل خريد ڪيو آھي، سندس دل به اتي لڳي وئي آھي.شايد ھو آخري ڏينهن پڻ اتي ئي گذاريندو. ظاهر آهي ته پوري ايليٽ پنهنجي ملڪ سان لاڳاپا ٽوڙي چڪي آهي،تھ  پوءِ اھي هن ملڪ کي بچائڻ لاءِ ڪھڙي ڪوشش ڪندا.ڪيترا ئي اھڙا اڳواڻ آهن جن کي اقتدار ملي تھ اھي  اچن وڃن ٿا  نه تھ اھي پنھنجي ديس ۾ هليا وڃن ٿا. اهي حڪومت ۾ انڪري اچن ٿا ته جيئن وڌيڪ ناڻو گڏ ڪري سگهن، انهن جو مستقل نعرو آهي ته  اڃان کپي .اڃان کپي.ٻڌ آھي تھ 22 ھزار بيوروڪريٽس غير ملڪي شھري آهن، تھ پوءِ ڪير رھي ٿو وڃي ؟ اھي ماڻھو سموري ٻيڙي ٻوڙي ئي ويندا.جيستائين رياست ۾ رت جو هڪ ڦڙو  به هوندو، تيستائين اھي  نچوڙيندا رهندا،اھي ماڻھون تھ ڪچي ۽ پڪي جي ڌاڙيلن کان خراب آھن.اھي شايد ڪنهن تي رحم بھ کائين پر ھي ڪنهن تي به رحم نه کائيندا  آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.