سياسي راز ۽ رمز کي سمجهڻ لاءِ سياست جي ماضي،حال ۽ مستقبل جي رازدارين کي سمجهڻو پوندو. اها ڳالهه سو سيڪڙو بنا ڪنهن وڌاءُ جي هتي سامهون رکجي ٿي ته پاڪستان پيپلز جو اقتدار مختصر هجي يا هن وقت صدر پاڪستان آصف علي خان زرداري جي دور وارو ڊگهو اقتداري دور هجي،ڪنهن به سندس مخالف قوتن کان برداشت ڪونه پيو ٿئي. آصف علي خان زرداری پنهنجي جنهن سياسي حڪمتي عملي ۽ عام چونڊن ۾ اليڪشني سياست کي سمجهداري سان هلائي پيو سو سندس پارٽي جي مدمقابل قوتن جي وس جي طاقت ناهي رهي. ڳالهيون دليل طور آڻڻ لاءِ کوڙ ساريون آهن،جيڪي صدر پاڪستان آصف علي خان زرداري جي قيادت هجڻ سبب غير جمهوري قوتن اڳيان رڪاوٽ بڻيل آهن،انهن ڳالهين منجهان هڪ ڳالهھ صوبن کي 18 ترميم ڏياري خودمختياري ڏيارڻ هڪ وڏو مثال طور آهي.
سنڌ ۾ مسلسل پيپلز پارٽي جو پارليامنٽ ذريعي اقتدار ۾ هجڻ،مسلسل وفاقي حڪومت جو پارليامنٽ ذريعي سامهون ٿي اچڻ،پنجاب،بلوچستان،ڪي پي ڪي،آزادڪشمير،گلگت ۽ سنڌ ۾ مسلسل عوامي حڪومتن جو هجڻ صدر پاڪستان آصف علي خان زرداري جي سياسي حڪمت عملي جو نتيجو چئجي ته غلط نه ٿيندو. سياسي،عوامي ۽ انتخابي قوت حاصل نه ڪري سگهڻ سبب اقتدار کان ٻاهر ويٺل قوتون ڪنهن ڳجهي هٿ وسيلي سنڌ ۾ اقتدار تي اچڻ چاهڻ ٿيون.انهن ڳجهن هٿن کي جيڪي موجوده پارليامنٽ خلاف ميدان تي لٿل آهن،۽ پارليامنٽ ۾ ويٺل ذميوارن کان نون صوبن ۽ انتظامي يونٽن واريون ٿيوريز مارڪيٽ ۾ آڻائي خبر ناهي ته نئون ٽيلر ڪھڙو ڪرائڻ چاهين ٿا۽ اهو ٽيلر ڪنهن جي رضامندي هوندو؟نئين صوبائي ورهاستن واري بحث ۽ انتظامي يونٽن واري رينگٽ پارلياماني تسلسل ۽ جمهوري نظام حڪومت واري اعتماد کي غير يقيني صورتحال ۾ اچي آڻي بيهاريو آهي.
حيرت جي ڳاله اها آهي ته گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ملڪ جي مٿان اندروني يا بيروني قوتن،چاهي اهي مالياتي هجڻ يا پاڙيسري هجڻ پڻ انهن جا سدائين خدشا اهي هوندا آهن، ته پاڪستان ۾ سياسي استحڪام جي غير يقيني واري صورتحال سواليه ڪر کڻي بيهي ٿي.جنهن سبب ڪري ملڪ جي پهريون ادارتي ۽ پوء معاشي صورتحال بهتر ڪونه پئي ٿئي.پاڪستان پيپلزپارٽي قيادت مجنوعي طور تي ۽ صدر پاڪستان آصف علي خان زرداري جي شخصي سڃاڻپ سياسي مفاهمت واري فارمولي سبب ملڪ جي پارليامنٽ کي وڏي سگھ ملي آهي.انهي ڊگهي پارلياماني تسلسل ڪجهه غير جمهوري ۽ عوامي قوتن کي سوڙهو ڪري وڌو آهي، جنهن سبب هن کي اقتدار تائين پهچڻ ڏکيو ٿي پيو آهي.انهي سموري رازداري پويان چوري اقتدار تائين رسائي آهي.جڏهن ته انهي رمز يا رازداري اڳيان رڪاوٽ زرداري ڊاڪٽرائن چئجي ته غلط نه ٿيندو.
پي ٽي آءِ قيادت يا سندن منشور ۾ صوبن خلاف نفرت جي بنياد تي صوبائي ورھاست يعني نوان صوبا ٺاهڻ واري منصوبابندي نظر اچي رهي آهي.ڪي پي ڪي جي وڏي وزير جي حيثيت ۾ سهيل آفريدي ڪارڊ ڪي پي ڪي مان اچي پنهنجي عوامي احتجاج واري تحريڪ سنڌ مان شروع سواء پيپلز پارٽي جي اقتدار واري چادر چوري ڪرائڻ جي ٻيو ڪجهه به ناهي. سهيل آفريدي ڪارڊ جي استعمال سان اها غير سياسي حرڪت فقط پيپلز پارٽي قيادت ۽ سنڌ حڪومت خلاف ناهي،انهي حرڪت سان ڳالهه وفاق،پنجاب ۽ ڪي پي ڪي سميت مجموعي جمهوري عمل جي لپيٽ ۾ نتيجا نڪرڻ واري هوندي.
مجموعي مشاهدو ۽ سياسي مطالعو ٻڌائي ٿو ته امين گنڊاپوري واري ٽيلر وانگر هي ڪارڊ به بجاء سياسي طور اڀرڻ جي سياسي طور ۽ ڪي پي ڪي مان حڪومتي طور اسڪرين تان غائب ٿي ويندو. اسلام آباد جون جيڪي خبرون سامهون اچي رهيون آهن سي پڻ جمهوري نظام لاءِ ڪو سٺو سنوڻ ڪونه آھن. باقي ملڪ تي نيشنل،ريجنل ۽ انٽر نيشنل پاليسين سبب مداخلتون گھڻو ڪجھ ڪرڻ جا اشارا ڏئي رهيون آھن.ان سلسلي ۾ سياسي طور،حڪومتي طور ۽ ادارتي قيادتن جي سربراهي ۾ غور ويچار ڪرڻ،قومي تشخص،رياستي بچاء،ادارتي هم آهنگي،قيادتن جو قومي وقار ۽ قومي مفادن جي جي بنياد تي هڪ ٿي بيهي يڪجهتي جو مظاهرو ڪرڻ لاءِ ڪو قومي ڊائلاگ ڪرڻو پوندو.قومي مزاق،رياستي مزاق،ادارتي ايڊوينچر مطلب ته قومي ڪلچر تي ڪو سوڍو ٿيڻ نه کپي.انهن عملن سان قومن جي سڃاڻپ سواليه نشان تي اچي ويندي آهي.اهڙن غير سياسي حرڪتن،غير جمهوري عمل سان رياستون ڏهاڪو سالن تائين Unstability جو شڪار ٿي وينديون آهن.
ملڪ ۾ نام نهاد سياسي اسٽيڪ هولڊرز ۽ خود موجودہ حڪومت جي عهدن تي ويهي سنڌ صوبي کي ڪيترن ئي صوبائي ٽڪرن يا انتظامي يونٽن ۾ ورهائي اقتدار جو خيال رکندڙ سڌو سنئون رياست مخالف ڄڻ ته ايجنڊا جو حصو هجن جهڙا ڪم ڪن پيا.تاريخ جو مطالعو ۽ مشاهدو رکندڙ سمجهڻ ٿا ته اهڙا عمل نه ته ملڪي جمهوري نظام لاءِ بهتر آهن،۽ نه ئي رياستي ادارن جي حق ۾.
رياست ادارن جي استحڪام سان ئي بهتر لڳندي آهي،پر هتي خود حڪومتن ۾ هوندي،حڪومتن کان ٻاهر ويهي ٻين جي خواهشن تي ھلندڙ ڪردار ادارن خلاف ڪم ڪن پيا.
هن سموري صورتحال ۾ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ملڪ ۾ هلندڙ ڪمزور جمهوري،پارلياماني ۽ سياسي حڪومت کي هلڻ ڏنو وڃي.وقت ۽ پنھنجي واري جو انتظار ڪيو،عوامي،پارلياماني طاقت ذريعي اقتدار تائين رسائي جتي سياسي استحڪام جو اشارو هوندي،اتي رياست ۽ رياستي ادارن جي بهتري جو جواز به پڻ. ان ڪري ان چوڻ ۾ ڪو حرج محسوس ڪونه ٿا ڪيون ته ملڪ جي،رياست جي ۽ ادارن جي قيادتن کي سوچڻو پوندو ته تہ رياست،ادارن ۽ ملڪ سان سچا ڪير آهن.باقي اهي ڪارڊ کيڏڻ جو هي وقت ناهي. هن وقت به ملڪي پارلياماني اتحادي مان پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ قيادت جدا ٿيڻ ٿيون ته اهو ملڪي سياسي ۽ پارلياماني اتحاد جو وڏو امتحان برابر هوندو.
اهو ياد رکڻ کپي ته هن وقت پاڪستان مخالف قوتون وڏي سازشي منصوبن تي ڪم ڪندي اسانجي ملڪي قيادتن کي ريجنل ۽ انٽر نيشنل معاملن تي مليل ڪاميابين تي خوش ناهن. آمريڪا،ايران ڳالهين ۾ اسلام آباد معاهدو،هوڏانهن پاڪستان سعوديه دفاعي معاهدي کانپوءِ مڪه معاهدو جهڙا کوڙ قومي،علائقائي ۽ ٻين الاقوامي قدم دشمن قوتن کان برداشت ڪونه پيا ٿين. ان سلسلي ۾ هنن جو پهريون نشانو،سپريم ڪمانڊر صدر پاڪستان آصف علي خان زرداري کي ايوان صدر مان ٽارگيٽ ڪيو ويو آهي.پارلياماني حڪومت جي تسلسل کي نشانو ڪري ٽيڪنوڪريٽ حڪومتي ڍانچو آڻي پنهنجا مفاد پورا ڪرڻ پڻ چئي سگهجي ٿو.