سيد سعيد امروٽي ، سنڌ جو اصل روح 

ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ سولنگي

   سنڌ جي مٽي ۾ به ڏاڍي عجيب مٽي آهي. ان مٽي مان رڳو فصل ناهن ڦٽندا، پر انسان به ڦٽندا آهن. اهڙا انسان جيڪي پنهنجي وجود سان زماني کي روشن ڪري ڇڏيندا آهن ۽ جيڪي پنهنجي اخلاق، علم، ادب، صحبت ۽ خدمت سان ھڪ پوري دور جي نمائندگي ڪندا آهن. سنڌ جا ننڍا ننڍا ڳوٺ ۽ واهڻ،  درگاهون، اوطاقون ۽ ڪچا رستا اڄ به انهن ڪردارن جا گواهه آهن، جن ماٺ ميٺ ۾ سماج جي اڏاوت ڪئي آهي. اهڙن ڪردارن کي نه شهرت جي طلب هوندي آهي، نه ئي ڌن دولت جي هوس ۽ نه ئي اقتدار جي خواهش… پر اهڙا ڪردار ماڻهن جي دلين ۾ هميشه لاءِ هڪ ڪشادي جاءِ ٺاهي وٺندا آهن.

امروٽ شريف به سنڌ جو   اهڙو ئي هڪ ڳوٺ آهي، جنهن تاريخ سان گڏ تاريخي ڪردار به پيدا   ڪيا آهن. هي ڳوٺ روحاني، علمي ۽ تهذيبي مرڪزي پئي رهيو آهي، جنهن جي هوائن ۽ فضائن ۾ صوفياڻو هڳاءُ سمايل آهي ۽ جتان جي بزرگن نه رڳو مذهبي ميدان ۾ پاڻ ملهايو، پر قومي سياست، انگريزن خلاف آزادي جي جدوجهد، علم ۽ ادب ۽ سماجي ڪم ڪارين ۽ سڌارن ۾ بيمثال روايتون قائم ڪيون.

امروٽ شريف جو سادات خاندان سنڌ جي قومي تاريخ جو اهو روشن باب آهي، جنهن کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي. ان ئي خاندان جو هڪ مانائتو فرد سيد سعيد احمد شاهه به آهن جنهن جو ادبي نالو سيد سعيد امروٽي آهي. پاڻ هڪ مثالي استاد، هڪ زبردست شاعر ، هڪ سماجي ڪارڪن ۽ موٽيوشنل اسپيڪر آهي، موسيقي دوست آهي، هڪ علم پرور انسان آهي ۽ سڀ کان وڌيڪ ته هڪ اهڙو بااخلاق نوجوان آهي جيڪو پنهنجي ذات ۾ محبت، اخلاص ۽ خدمت جي خوشبو رکي ٿو.

مان جڏهن به سيد سعيد امروٽيءَ جي باري ۾ سوچيندو آهيان ته مون کي سڀ کان پهرين پنهنجو ننڍپڻ ياد ايندو آهي. اهو ڏينهن بنهه نه ٿو وسري جڏهن مان پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول مان پنج درجا پاس ڪري ڇهين درجي ۾ داخلا لاءِ امروٽ شريف جي مڊل اسڪول آيو هوس. زندگيءَ جي ان نئين مرحلي ۾ ڪيترا ئي چهرا مليا، ڪيترا ئي دوست ٺهيا، پر ڪي ماڻهو اهڙا به هوندا آهن، جيڪي وقت سان گڏ ياد ناهن بڻبا، پر اهي زندگيءَ جو هڪ مستقل حصو بڻجي ويندا آهن. سيد سعيد امروٽي به انهن ئي ماڻهن ۾ شامل آهي. تنهن زماني ۾ اسان کي شايد ان ڳالهه جو احساس ڪونه هوندو هو ته وقت اڳتي هلي اسان کي ڪهڙن رستن تي وٺي ويندو. ڪير استاد بڻبو، ڪير شاعر ٿيندو، ڪير وري زندگيءَ جي هجوم ۾ گم ٿي ويندو. پر ڪن ٻارڙن جي شخصيت ۾ شروع کان ئي هڪ خاص وقار، هڪ خاص روشني ۽ هڪ خاص شائستگي موجود هوندي آهي. سيد سعيد امروٽي به اهڙن

ٻارن مان هڪ هو. سندس لهجي ۾ سدائين ٻاجهه ۽ نرمي رهي ۽ دوستيءَ ۾ سچائي ۽ هر ننڍي وڏي لاءِ ادب ۽ احترام رهيو. اهي ڳُڻ ڪنهن يونيورسٽيءَ مان ناهن ملندا، اهي رڳو گهراڻن جي تربيت مان ملندا آهن ۽ امروٽ شريف جو سادات گهراڻو ته سدائين تربيت، تهذيب، علم، خدمت ۽ روحاني قدرن جو امين پئي رهيو آهي.

 سيد سعيد امروٽي بنيادي طور تي هڪ استاد آهي ۽ هن وقت پنهنجي ڳوٺ ۾ پرائمري اسڪول جو هيڊ ماستر آهي. سچ پڇو ته استاد ٿيڻ رڳو هڪ پيشو ناهي، پر هڪ روحاني ۽ سماجي ذميداري آهي. هر شخص پڙهائي ته سگهي ٿو، پر هر ماڻهو استاد بڻجي نه ٿو سگهي. هڪ استاد رڳو ڪتاب ئي ناهي

پڙهائيندو، پر اهو انسان ٺاهيندو آهي. استاد اهو هوندو آهي، جيڪو ٻارن جي اندر خواب جاڳائيندو آهي، منجهن خود اعتمادي پيدا ڪندو آهي ۽ سندن دلين ۾ علم جي روشني ٻاريندو آهي.

سيد سعيد امروٽيءَ جي شخصيت رڳو هڪ سرڪاري ملازم واري ڪونهي، پر پاڻ هڪ استاد آهي، جيڪو اسڪول کي رڳو حاضري لڳائڻ جي جاءِ ناهي سمجھندو، پر ان کي قوم جي تعمير جو هڪ مرڪز

تصور ڪندو آهي. مان کيس سدائين ٻارن سان محبت، صبر ۽ شفقت سان پيش ايندي ڏٺو آهي. هو ٻارن کي رڳو سبق ناهي ڏيندو، پر کين زندگي گذارڻ سيکاريندو آهي، منجهن ادب ۽ اخلاق پيدا ڪندو آهي، انسان دوستي، سهپ ۽ رواداريءَ جا قدر پيدا ڪندو آهي. هڪ سٺو استاد اصل ۾ سماج جو اڏيندڙ هوندو آهي ۽ سيد سعيد امروٽي به خاموشيءَ سان سماج ۾ اڏاوت ڪري رهيو آهي. ڳوٺن جي اسڪولن ۾ ڪم ڪرڻ ڪو سولو ناهي هوندو. اتي وسيلا گھٽ هوندا آهن، پر مسئلا گھڻا هوندا آهن. غربت هوندي آهي، محروميون هونديون آهن، تنهنڪري اڪثر ٻارن جا خواب اڌورا رهجي ويندا آهن. پر اهڙي ماحول ۾ جيڪڏهن ڪو استاد پوري ديانت، محبت، خلوص ۽ جذبي سان بيٺو رهي ته پوءِ اهو استاد ناهي رهندو، هڪ تحريڪ بڻجي ويندو آهي.

   سيد سعيد امروٽيءَ جي شخصيت جو هڪ ٻيو خوبصورت پاسو سندس شاعريءَ سان گهرو ڳانڍاپو آهي. پاڻ هڪ مڪمل شاعر آهي. سندس شاعريءَ ۾ سنڌ ڌرتيءَ جي خوشبوءِ سمايل آهي. محبت ۽ مزاحمت جي گرمائش، انساني ڏکن ڏولاون جو اونهو احساس ۽ زندگيءَ لاءِ اميد سندس شاعريءَ جا مکيه حوالا آهن. پاڻ اهو شاعر آهي، جيڪو شاعريءَ کي رڳو شغل ناهي سمجھندو، پر شاعريءَ کي ٻوليءَ جو هڪ سگهارو ۽ اثرائتو ذريعو سمجھندو آهي. شاعري سندس شخصيت جو هڪ اٽوٽ حصو آهي، تنهنڪري سندس ڳالهه ٻولهه ۾ پڻ هڪ شاعراڻي شائستگي محسوس ٿيندي آهي.

  سنڌ جون اوطاقون سدائين علم، ادب، لوڪ ڏاهپ ۽ موسيقيءَ جو مرڪز پئي رهيون آهن. انهن اوطاقن ۾ رڳو چانهه ناهي ٺهندي، پر اتي خيال به ٺهندا آهن. اتي فقط محفلون ئي ڪونه مچنديون آهن، پر انسان به ٺهندا آهن. امروٽ شريف کان ٻاهران سيد سعيد امروٽيءَ جي زمين تي ٺهيل اوطاق، جنهن کي هو پيار مان ”ياراڻو“ چوندو آهي، اصل ۾ سنڌ جي قديم اوطاقي روايت جو هڪ نئون روپ آهي. اهو ”ياراڻو“ فقط هڪ اوطاق ڪونهي، پر اهو هڪ تهذيبي مرڪز   آهي ۽ هڪ ادبي پناھگاھه آهي. اها هڪ اهڙي جاءِ آهي، جتي دوست گڏ ٿيندا آهن، ڪتابن تي ڳالهيون ٿينديون آهن، شاعري پڙهي ويندي آهي، موسيقي ٻڌي ويندي آهي، سماج جي مسئلن تي ڳالهايو ويندو آهي، اديبن ۽ عالمن سان رهاڻيون رچايون وينديون آهن ۽ اهڙي طرح انسان ڪجھه دير لاءِ هن بي رحم دنيا کان پاسيرو ٿي ويندو آهي.

 اڄ جي دور ۾ جڏهن ماڻهو هڪٻئي کان پري ٿيندا پيا وڃن ، جڏهن ڪچهريون ختم ٿينديون پيون وڃن، جڏهن ڪتاب جي جاءِ موبائل اچي والاري آهي ۽ جڏهن گفتگوءَ جي جاءِ شور گوڙ  قبضو ڪيو آهي ته اهڙي وقت ۾ جيڪڏهن ڪو نوجوان پنهنجي زمين تي اوطاق ٺاهي اتي علم، ادب، موسيقي ۽ محبت جون محفلون ٿو

مچائي ته اها ڪا گھٽ ڳالهھ ڪونهي.  اها اصل ۾ پنهنجي تهذيب کي بچائڻ جي ڪوشش آهي.   اڪثر ماڻهو يا ته ماضيءَ ۾ قيد ٿي ويندا آهن يا وري جديديت جي نالي تي پنهنجيون پاڙون وساري ويهندا آهن. پر سيد سعيد امروٽي انهن ماڻهن منجهان آهي، جيڪي روايت ۽ جديد شعور جي وچ ۾ هڪ خوبصورت پل اڏيندا آهن سندس شخصيت جو هڪ ٻيو به پاسو سندس سماجي سرگرميون آهن. پاڻ مختلف علمي، ادبي ۽ سماجي تنظيمين ۾ بيحد فعال ڪردار ادا ڪندو پئي آيو آهي. اهي سرگرميون رڳو رسمي ڪونهن، پر اهي عملي نوعيت جون هونديون آهن. پاڻ اوکيءَ ويل ماڻهن جي ڪم ايندو آهي، سندن مدد ڪندو آهي، کين حوصلو ڏيندو آهي ۽ نوجوانن کي اڳتي وڌائيندو آهي. ڳوٺن ۾ اهڙا ماڻهو بيحد اهم هوندا آهن، ڇو جو اتي اڪثر ماڻهو وسيلن کان محروم هوندا آهن، پر هڪ سٺو انسان سندن لاءِ هڪ وڏو سهارو بڻجي ويندو آهي. سيد سعيد امروٽي اهڙن ئي سهارو ڏيندڙ ماڻهن ۾ شامل آهي.   تازو ئي مسجدن جي بحاليءَ جي تحريڪ جي حوالي سان سندس جيڪو ڪردار سامھون آيو آهي، سو سندس تاريخي شعور ۽ پنهنجي ورثي سان محبت جو هڪ چٽو ثبوت آهي. سندس وڏڙي ۽ سنڌ جي هڪ عظيم مذهبي ۽ سياسي شخصيت مولانا تاج محمود امروٽيءَ انگريز دور ۾ مسجدن کي بچائڻ جي تحريڪ شروع ڪئي هئي. بچي ويل مسجدن مان هڪ ”مسجد ڪلواڙي ميربحر“ به هئي. پر وقت گذرڻ سان گڏ اها مسجد ختم ٿي وئي، پر ان جا آثار هن وقت به رائيس ڪئنال ۾ موجود آهن. تنهنڪري سيد سعيد امروٽيءَ ان مسجد جي بحاليءَ جي ڏس ۾ هڪ منظم ۽ پرامن تحريڪ شروع ڪئي آهي. نه رڳو ايترو پر لاڳاپيل ادارن سان پڻ هڪ وڏي ۽ عرصي کان لهه وچڙ ۾ رهندو پئي آيو آهي، پر هن وقت تائين ڪابه عملي پيش رفت ڪونه ٿي سگهي آهي.

سيد سعيد امروٽي هڪ خوش اخلاق انسان آهي. پاڻ هر ڪنهن سان محبت سان پيش ايندو آهي. منجهس ڪو تڪبر ڪونهي، ڪا وڏائي ڪونهي ۽ ڪو به ڏيکاءُ ويکاءُ ڪونهي. اڄ جي دور ۾ ماڻهن کي ڪا ننڍڙي ڪاميابي به ملندي آهي ته اهي بدلجي ويندا آهن، پر اصل انسان اهو ئي هوندو آهي، جيڪو ڪو مان ۽ مرتبو ملڻ کانپوءِ ۽ ساڳيو ئي سادو رهي. سيد سعيد امروٽيءَ جي اهڙي سادگي ڏسي حيرت اچي ويندي آهي. هو دوستن جو دوست آهي، ٻارن جو استاد آهي، ادب ۽ شاعريءَ جو ماڻهو آهي ۽ سماج جو هڪ درد مند انسان آهي. سندس شخصيت ۾ مون کي سدائين سنڌ جو اصل روح نظر ايندو آهي. پاڻ سنڌ سان محبت ڪندو آهي، مهمان نوازي ڪندو آهي، جيڪو موسيقي ٻڌندو آهي، جيڪو ماڻهن جا ڏک ڏولاوا دور ڪندو آهي ۽ جيڪو انسان کي امُلهه انسان سمجھندو آهي. اهڙا ئي ماڻهو سماج جو اصل سرمايو هوندا آهن ۽ ايندڙ نسلن کي اميد ڏيندا آهن.

مون کي پڪ آهي ته سيد سعيد امروٽي خاموشيءَ سان تاريخ ٺاهي رهيو آهي، جڏهن به ايندڙ وقت ۾ امروٽ شريف جي علمي، ادبي ۽ سماجي تاريخ لکي ويندي ته ان ۾ سيد سعيد امروٽيءَ جو ذڪر ضرور ايندو يعني هڪ اهڙي نوجوان طور، جنهن تدريس کي عبادت سمجھيو، دوستيءَ کي روشني سمجھيو، ادب کي زندگي سمجھيو، شاعريءَ کي شعور سمجھيو، موسيقيءَ کي روح جي غذا سمجھيو ۽ سماج جي خدمت کي پنهنجو فرض سمجھيو  ۽ شايد اها ئي اصل ڪاميابي آهي. دنيا ۾ ڪيترا ئي ماڻهو پئسا ڏوڪڙ ڪمائيندا آهن، شهرت حاصل ڪندا آهن ۽ وڏن وڏن عهدن تي پهچندا آهن. پر تمام گھٽ اهڙا ماڻهو هوندا آهن، جن جي باري ۾ عام ماڻهو چوندا آهن ته ”هي هڪ مثالِي انسان آهي.“ سيد سعيد امروٽي به اهڙو ئي هڪ مثالِي انسان آهي ۽ مثالِي انسان سدائين ياد رکيا ويندا آهن.

You might also like