آمريڪا وٽ ايشيا مان نڪرڻ کانسواءِ ڪو دڳ ناهي، فوجون جيڏو جلدي وينديون اوڏو نقصان گهٽ ٿيندن: ايراني فوج

ايراني هٿياربند فوج جي سينيئر ترجمان ميجر جنرل ابوالفضل شڪارچي چيو آهي ته آبناءِ هرمز جو انتظام ايران جي هٿ ۾ آهي، جيڪڏهن آمريڪا آبناءِ هرمز ۾ مداخلت ڪئي ته سندس ٻوٿ ڀڄي پوندو.

ايراني هٿياربند فوج جي ترجمان چيو ته دشمن طرفان امڪاني جارحيت جو هن ڀيري جديد جنگي ٽيڪنالاجي ذريعي جواب ڏنو ويندو.

جنرل شڪارچي چيو ته آمريڪا وٽ اولهه ايشيا مان نڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي، آمريڪي فوجون جيترو جلد خطي مان نڪرنديون، اوترو ئي گهٽ نقصان کڻنديون.

هن وڌيڪ چيو ته ايران نئين عالمي نظام ۾ آمريڪا کي سندس اڳوڻي حيثيت ۾ واپس اچڻ جي اجازت نه ڏيندو.

You might also like