سريلنڪا ۾ مسلمانن جي توهين تي بااثر ٻڌ راهب کي 4 سال قيد جي سزا

ڪولمبو (ويب ڊيسڪ) سريلنڪا ۾ مسلمانن جي توهين تي بااثر ٻڌ راهب کي سزا ٻڌائي وئي.
پرڏيهي ميڊيا موجب ٻڌ راهب Galagodaatte Gnanasara کي مسلمان اقليتي آبادي خلاف فرقيواراڻي نفرت کي هٿي ڏيڻ جي ڏوهه ۾ سزا ٻڌائي وئي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪولمبو هاءِ ڪورٽ ٻڌ راهب کي مسلمانن جي جذبن کي ڇيهو رسائڻ جو ڏوهي قرار ڏنو.
عدالت ٻڌ راهب کي 4 سال پورهئي سان گڏ قيد ۽ هڪ لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي جيل موڪلي ڇڏيو.
رپورٽ موجب ٻڌ راهب 2016 ۾ هڪ پريس ڪانفرنس دوران اسلام بابت توهين جوڳو بيان ڏنو هو.
اهو پهريون ڀيرو ناهي جو ٻڌ راهب جيل ويو هجي، 2018 ۾ کيس هڪ گم ٿيل ڪارٽونسٽ جي گهرواري کي ڊيڄارڻ ۽ توهين عدالت جي الزام ۾ 6 سالن جي سزا ٻڌائي وئي هئي پر 9 مهينن کانپوءِ اڳوڻي صدر ميٿري پالاسري سينا طرفان معافي کانپوءِ کيس آزاد ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.