پريا ڪماري جي آزادي لاءِ ادارا اڳتي اچن

تحرير: خاصخيلي لطيف راولاڻي

سنڌ ۾ ورھاڱي کان پوءِ جيڪي بچيل سنڌي ھندو سنڌ جي مختلف شھرن ۾ آباد ھئا ۽ پرامن طريقي سان پنھنجو ڪاروبار ۽ سنڌ جي خدمت ڪري رھيا آھن اھا ڳالهه ڪنھن کان لڪل ڪونھي. ورلي ڪو اھڙو واقعو يا دانھن ملي ھجي ته ڪنھن سنڌي ھندو ڪا زيادتي يا ڏوه ڪيو ھجي اھڙا واقعا گھٽ ئي رونما ٿيا آھن ھي سدائين پرامن ئي رھيا آھن ۽ بنيادي طور تي ڪاروباري رھيا آھن جن جو واپار سنڌ کان ٻاھر ڏيساور ۾ آھي ۔معاشي ۽ اقتصادي طور تي سنڌي مسلمانن کان مستحڪم رھندا اچن ۔پر ڪافي سالن کان سنڌ جي ٻن ٽن ضلعن ۾ انھن سان مسلسل زيادتيون ٿينديون رھن ٿيون جن مان ڪي خبرون ميڊيا تي اچن ٿيون ته خبر پوي ٿي ته سنڌي ھندوئن سان ظلم و بربريت ٿي رھي آھي ان جا ڪھڙا ڪارڻ آھن اھي ڇو ٿا ٿين جن جو اڄ ڏينھن تائين ڪوبه خاطر خواه جواب نه ملي سگھيو آھي ھڪ ته اھڙيون خبرون تمام گھڻيون رڪارڊ ٿيون ته ھندو ڇوڪرين مذھب مٽائي مسلمان ٿي فلاڻي نوجوان سان شادي ڪري ڇڏي ۔ان تي ڇوڪرين جي مائٽن جو ردعمل ايندو ھو ته انھن جي ڇوڪرين کي اغوا ڪري زوري مسلمان ڪيو ٿو وڃي اھڙا ڪافي واقعا ڪجھه سالن کان ٿي رھيا آھن ان جو نتيجو اھو نڪتو ته سوين خاندان لڏپلاڻ ڪري انڊيا ھليا ويا ۽ اھو سلسلو اڄ ڏينھن تائين ھلندڙ آھي ۔اڄ به ڪافي خاندان ظلم ۽ زيادتين جي ڪري پنھنجا اباڻا ڪک ڇڏيندا وڃن ٿا. اھي خوشي سان ڌرتي ڇڏي نه رھيا آھن ھتي ھنن جو جان مال محفوظ نه آھي ھر ھفتي ڪنھن نه ڪنھن سبب جي ڪري ھنن جي دوڪانن تان ڦر ٿي ڪئي وئي ۽ انھن جا ماڻھو اغوا ڪري کين لکين روپيا ڀنگ جو مطالبو ٿو ڪيو وڃي يا وري ھنن جي خوبصورت نوجوان صرف ڇوڪرين کي اغوا ڪري مذھب مٽائڻ لاءِ دٻاءُ وڌو وڃي ٿو .

اھڙي ئي صورتحال ٽي سال اڳي سنگرار جو علائقو جيڪو سکر ضلعي ۾ آھي جتي ھندو سنڌين جي گھڻائي آھي ۽ اھي به واپاري طبقي سان واسطو رکن ٿا ۽ اتي سڀني ڌرين سان گڏجي ھلن ٿا ۔اخباري رپورٽ ۽ اتي جي صحافين جي خبرن مطابق ته ننڍڙي معصوم ٻار پرياڪماري محرم جي مھيني ۾ احترام ڪندي سبيل ورھائڻ وئي جنھن اتي جي ئي بااثر ظالم صفت انسانيت جي دشمنن ننڍڙي پريا کي اغوا ڪري لڪائي ڇڏيو آھي جنھن جي اڄ ڏينھن تائين ڪابه خبر نه پئجي سگھي آھي ته اھا ڪٿي ۽ ڪھڙي ھنڌ آھي ان کي ڪھڙي مقصد لاءِ اغوا ڪيو ويو آھي اڄ ڏينھن تائين ڪنھن به قسم جي ڊمانڊ نه ٿي آھي ۽ نه ئي اغوا ڪندڙن مائٽن کان ڀنگ وغيره جي گھر ڪئي آھي. ۔مسلسل ماٺ جئين ڪا انڌي گولي اچي ڪري زخمي ڪري ھلي وڃي ھتي به ڪجهھ معاملو اھڙو ئي آھي ڇوڪريءَ جا والدين گذريل ٽن سالن کان مختلف ادارن انساني حقن جي تنظيمن حد جي ايم اين اي، ايم پي اي، سنڌ پوليس ۽ سياسي سماجي اڳواڻن کي درخواستون ڪري چڪا آھن ته ھنن جي معصوم نياڻي کي ظاھر ڪيو وڃي ته اھا ڪٿي آھي ۽ ڪنھن جي قيد و بند ۾ آھي پر ڪٿان به ڪو خاطرخواه جواب اڄ ڏينھن تائين ملي نه سگھيو آھي.

ھاڻي ٻيھر ان مسئلي کي نئين سري سان کنيو ويو آھي ۽ ھڪ ڀيرو وري ان ڪيس کي اٿلايو ويو آھي ته پريا ڪماري کي آزاد ڪريو ۔حد جون سياسي ۽ سماجي تنظيمون ۽ ادارا حرڪت ۾ اچي ويا آھن ۽ ڳولا شروع ڪئي وئي آھي ميڊيا تي به خبرون گشت ڪري رھيون آھن احتجاجي مظاھرا به ٿين پيا پر ڪوبه واضح ڏس پتو نٿو ملي ته معصوم پريا ڪٿي آھي ۔ان اھم مسئلي کي ڪير حل ڪندو يا وري پريا جا به مائٽ ۽ خاندان ٻين وانگر پنھنجي ڌرتي پنھنجا اباڻا ڪک ڇڏي ھليا ويندا جو ھنن کي به ڌمڪيون ملي رھيون آھن خاموش ٿي ويھو نه ته ٻي صورت ۾ سنڌ ڇڏي وڃون ۔ھاڻي ڏسون ٿا سنڌ حڪومت ڳجھا ادارا انساني حقن جون تنظيمون سماج سڌارڪ ڇا ٿا ڪن ان اھم ۽ نازڪ مسئلي کي ڪئين ٿا حل جئين معصوم پريا ڪماري آزاد ٿي مائٽن جي حوالي ٿئي ۔اڃان تائين انھي ڏس ۾ ڪوبه اھڙو قدم نه کنيو ويو آھي سواءِ سنڌي ميڊيا جي جيڪا ان مسئلي کي روزانو پنھنجن اخبارن ۽ ان سان لاڳاپيل چئنل تي نشر ڪري رھي آھي ۽ مسلسل آواز اٿاري رھي آھي ته پريا ڪماري کي آزاد ڪريو ۔انھي ڏس ۾ سوشل ميڊيا به پنھنجو ڪارائتو ڪردار ادا ڪري رھي آھي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.