بشام واقعو، پاڪستان خلاف سازش

تحرير: رحمت الله ٻرڙو

گذريل ڏينهن چين جي شهرين تي بشام ۾ دهشتگرد حملو ٿيو جنهن ۾ سيڪيورٽي عملو هوندي به چيني دهشتگردن جي حملي جو شڪار ٿيا!!

دنيا لاءِ چينين تي پاڪستان ۾ ٿيل حملو معمولي دهشتگرديءَ جو واقعو هجي پر اسان جي اسٽيٽ سيڪيورٽي پاليسيءَ لاءِ ڪنهن غير معمولي واقعي کان گهٽ واقعو ناهي!!

پاڪستان جي هنن معاشي ڳڻتيءَ وارين حالتن ۾ جتي اسان بار بار آءِ ايم ايف جهڙن ادارن ڏي نهاري رهيا آھيون ته هو اسان کي قرض ڏين ته اسان رياست جو وهنوار هلايون انهن حالتن ۾ پرڏيهين تي حملو ڪنهن رياست دشمن عمل کان اهو عمل گهٽ ڪونهي.

هن واقعي سان جتي فقط چينين تي حملو ٿيو آھي ۽ اتي سندس مٿان سيڪيورٽي تي لڳل اداري جا عملدار بچي ويا آھن سو به هڪ اهم ۽ وڏي اهميت وارو سوال آھي؟

سوال ته اهو به اهم آھي ته هن وقت تائين دهشتگرد حملي جو جيڪڏهن ٿورو به وزير داخلا يا سيڪريٽري داخلا کي احساس هجي ها ته هو پنهنجي عهدن تان استعيفا ڏئي هليو وڃي ها.

هن سوال کي به اوهان رد نٿا ڪري سگهو ته هي چائنيز تي حملو سيڪيورٽي فيليوئر ناهي بلڪه پاڪستان خلاف سازش کان گهٽ ناهي.

پاڪستان ۾ هنن معاشي خطرناڪ صورتحال ۾ جڏهن دنيا اسان وٽ پرڏيهي سيڙپڪاريءَ ڪرڻ کان ڀڄي پئي اتي چائنيز جو ڪم ڪرڻ ۽ وري انهن مٿان حملا ٿيڻ ڄڻ ته سڌو سنئون پرڏيهي سيڙپڪاري کي روڪڻ لاءِ راهموار ڪرڻ واري ڳالهھ آھي.

چائينز تي ٿيل حملي کانپوءِ آيل اپڊيٽس ۾ اها ڳالھه به سامهون آئي آهي ته چائنا ڪمپنيءَ سائيڊ تي پنهنجو ڪم بند ڪندي پوري عملي کي خط جاري ڪيو آھي ته في الحال ڪم بندڪيو وڃي ٿو!!

ڳالهھ اتي به ختم ناهي ٿي خود بيجنگ مطالبو ڪيو آھي ته شانگلا حملي جي ذميوارن کي سخت سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪرڻ بعد ان ڳالھه تي به زور ڀريو آھي ته پاڪستان ۾ چينيز جي حفاظت لاءِ سخت قدم کنيا وڃن.؟

چائينيز تي ٿيل حملي کانپوءِ سوال اهو ٿو اٿي ته سڀ کان پهريان مٿن لڳل سيڪيورٽي وارن کي گرفتار ڪري کانئن پڇاڻو ڪيو وڃي ته چائنيز کي هڪ ئي گاڏيءَ ۾ ويهارڻ وارو ڪير هو؟

پاڪ، افغان دوستيءَ واري چڪر ۾ اسان جي رياست گهڻو ڪجهھ ڀوڳي چڪي آھي جنهن جي پس منظر ۾ وزير دفاع جي هن ڳڻتيءَ جوڳي بيان کي رد نٿو ڪري سگهجي ته پاڪستان ۾ دهشتگرديءَ جو سرچشمو افغانستان آھي،افغان حڪومت سهڪار نه پئي ڪري.هن وڌيڪ چيو آھي ته موجوده حالتن ۾ قابل جو سهڪار ناهي ته پاڪستان کي ان جي سرحد تي عالمي قانون لاڳو ڪرڻا پوندا.

انهيءَ صورتحال تي حڪومت ۽ عسڪري قيادت جو گڏيل اجلاس ٿي گذريو آھي جنهن ۾ چيو ويو آھي ته بشام واقعي جا ذميوار ڪٽھڙي ۾ آندا ويندا مهمانن تي خراب نظر وجهندڙ هر دهشتگرد ڳولي ختم ڪنداسين. اجلاس ۾ وزير اعظم شھباز شريف جو چوڻ هو ته سي پيڪ جي دشمنن هڪ ڀيرو ٻيهر بزدلاڻي ڪوشش ڪئي آھي،دشمنن پاڪستان جي ترقي  روڪڻ لاءِ دهشتگرديءَ کي هٿيار بڻايو آھي، وزير اعظم زور ڀريو ته ناپاڪ حربا ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏنا ويندا.

ان سلسلي ۾ اجلاس بعد آرمي چيف جو بيان سامهون آيو آھي جنهن ۾ هن چيو ته دشمنن هڪ ڀيرو ٻيهر رياست ۽ عوام جي ثابت قدمي توڙي حوصلي کي گهٽ سمجهيو، پوري طاقت سان آخري دم تائين سندن مقابلو ڪيو ويندو ۽ يقيني بڻائبو ته هر پرڏيهي محفوظ رهي.

صدر پاڪستان چيني سفارتخاني پهچي تعزيت ڪئي ۽ چيو ته  پاڪستاني قوم چيني عوام جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آھي.

مٿين اجلاسن ۽ بيانن تي نظر رکي رياستي ادارن،ملڪي حڪمرانن ۽ سيڪيورٽي فيليوئرز سببن کي سامهون رکي اها ڳالھه ڪجي ته پاڪستان هڪ وڏي ڊگهي مدي واري دهشتگرد ڪاررواين جي زد ۾ رهيو آھي ته غلط ڪونه ٿيندو.

اها ڳالھه به هاڻي عالم آشڪار آھي ته افغانستان دوستي اسان کي سواءِ نقصان ۽ دهشتگرد حملن ۽ منشيات جهڙي موذي مرض کان ويندي غير قانوني اسلحي جي ڦھلاءِ جو ڪم ڪيو آھي ته ان ۾ ڪو حرج محسوس ڪونه ٿيندو.

هن وقت رياست ۽ رياستي ادارن جي سربراهن ۽ کان ويندي حڪمرانن جي پاليسين کي ڏسندي ڏسندي رياست معاشي طور آءِ سي يو واري صورتحال ۾ داخل ٿي چڪي آھي جيڪا پڻ ڄڻ ته سڌرڻ گهٽ ۽ مزيد بگڙندي نظر اچي رهي آھي.

ان صورتحال ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري کڻي ايندڙ ملڪ چين جي ماڻھن تي هنن حالتن ۾ حملو ڪنهن رياست مخالف سازش کان گهٽ ناهي.

اهي ملڪ خلاف سازشون ٿينديون رهيون آھن،1990 جي ڏهاڪي۾ سنڌ مان چينين جي گم ٿيڻ اغوا براءِ ڀنگ جهڙيون ڪارروايون،ڪراچي پي آءِ ڊي سي وٽ فرينچ تي حملو، گوادر ۾ چينين مٿان حملي جهڙا واقعا ٻڌائن ٿا ته هي ڪاررواين ڪنهن رياست مخالف سازش جهڙيون ڪارروايون پڻ آھن.

هن وقت هنن واقعن مان  اها ڳالھه ڄڻ ته واضع ٿئي ٿي ته اسان جي رياست جي اسٽيڪ هولڊرز کي ملڪي سالميت جي ڪا ڳڻتي ڪونهي؟

ادارن جون انٽيليجنسن ايجنسيون، سيڪيورٽيز تي مامور ٿيل ادارا، پوليس، رينجرز،ايف سي، پاڪ فوج ۽ مختلف سندس مٿان عملداريون ۽ اختياريون هجڻ باوجود هي واقعا ٿين ته پوءِ ڪنهن کي زميوار قرار ڏجي؟

وزير دفاع خواجه آصف ملڪي سياست جو پراڻو نالو آھي سندس جا مشاهداتي بيان ڪنهن ذميوار جا بيان سمجهي افغانستان بارڊر کان ويندي پرڏيهي پاليسيءَ تي نظر ثانيءَ جي قابل بيان آھي. ضرورت ان ڳالھه جي آھي ته پاڪستاني حڪمران حلقن ۽ رياستي عسڪري ادارن کي بشام واقعي تي فقط ڳڻتيءَ جو اظھار ڪرڻ ئي نه پر ان واقعي ۾ ملوث ڪردارن کي ڪيفر ڪردار تي پهچائي پنهنجي پاليسين تي فوري طور تي نظرثاني ڪرڻي پوندي؟

پاڪستان قدرتي وسيلن جي ھوندي معاشي طور هن بدحاليءَ جو شڪار آھي جو آءِ ايم ايف جي زور تي ملڪي اهم ادارن وڪروڪرڻ تي مجبور آھي.

ملڪي ادارن جي نيلامي خود شاهدي ٿي ڏئي ته اوهان جو پاليسي ميڪرز رياست سان سچا ناهن. جيڪڏهن ايئن ئي هجي ته اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان عباسيءَ جي هوائي جهاز ڪمپني، اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي اتفاق فائونڊري،موجوده صدر آصف علي زرداريءَ جون شگر ملز يا ٻين جون ڪمپنيون خساري ۾ ڪونه ٿيون وڃن فقط ننڍڙو مثال ٽي سي ايس ڪمپني جو ئي وٺو ان جي اچڻ کانپوءِ ملڪي نه پر پرڏيهي سروس شروع ٿي ويون آھن پر پاڪستان پوسٽ آفيس جهڙو بهترين ملڪي ادارو ملازمن کي پينشن ڏيڻ ۾ آجو آھي؟؟ ته پوءِ هي قومي ادارا سالن جا سال بجيٽ ۽ قرضن هوندي نقصان ۾ الائي ڪيئن ٿا وڃن؟

هاڻي ٻڌايو ته رياست جيڪا ماءُ جو درجو رکي ٿي تنهن جو حال اهو آھي ته هر ايندڙ ڏينهن تي دهشتگرد واقعا ٿي رهيا آھن ڪنهن کي ڪا ڳڻتي ڪونهي؟

سنڌ صوبو جتي روڊ رستا ۽ شھر محفوظ ناهن هاڻي اتي مين هائيويز جا رستا به سفر لاءِ  محفوظ ناهن رهيا؟

بلوچستان جي صورتحال سڀني جي سامهون آھي.

هاڻي ان ايڏي وڏي  خراب صورتحال ۾ جتي يورپ بلڪل به پرڏيهي سيڙپڪاري ڪرڻ لاءِ تيار ڪونهي،عرب ملڪ به خود ڪم ڪرڻ يا سڌي سيڙپڪاري ڪرڻ لاءِ تيار ناهن ته پوءِ هن ڳڻتيءَ جهڙي معاشي صورتحال ۾ چين جهڙو پراڻو ملڪ پرڏيهي سيڙپڪاري ڪري ۽ وري ان جي شهرين مٿان ههڙا حملا ٿيڻ ڪنهن عالمي سازش پنهنجي جاءِ تي هي اسٽيٽ سيڪيورٽي پاليسي خلاف سازش ٿي لڳي.

ان ڪري اسان جي رياستي ،عسڪري ادران،حڪمران ۽ سياسي حلقن کي گڏجي ملڪ جي ٻڏندڙ معاشي، سياسي ۽ سيڪيورٽي پاليسين تي نظرثاني ڪرڻي پوندي.

ٻي صوت ۾ هي معاشي بدحالي جو شڪار ملڪ جنهن جي پويان عالمي شازشي منصوبا ۽ علائقائي ملڪن خاص طور انڊيا ۽ افغانستان کان سٺي توقع نه رکڻ کپي،پنهنجي قومي رياستي پاليسي جوڙي قوم، رياست ۽ ادارن کي دنيا سامهون سرخرو ڪرڻ لاءِ اهم اپاءُ وٺڻا پوندا. جي نه ته هي اسان جو سيڪيورٽي Failure ناهي ۽ نه ئي چينين تي حملو فقط چين کي ڊيڄارڻ آھي نه نه  قطئي به نه، هي  ملڪ خلاف گهري سازش آھي جنهن تي  پڇتاءُ ڪرڻ کان اڳ غور ڪرڻ پڻ ضروري آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.