سڀ کان پهرين ته پنجاب جي وزيرِاعلىٰ مريم نواز جو شڪريو ادا ڪرڻ گهرجي. هن ڪجهه ڏينهن اڳ اها دعويٰ ڪئي هئي ته هوءَ اسان جي تاريخ جي اها پهرين عورت آهي، جنهن کي گرفتار ڪري جيل ۾ رکيو ويو ۽ جنهن تي تمام گهڻو ظلم ڪيو ويو. هن عاجز ماڻهو (ليکڪ) گستاخي ڪندي هن بيان کي غلط قرار ڏنو ۽ ٻڌايو ته بيگم نصرت ڀٽو، محترمه بينظير ڀٽو، عاصمه جهانگير ۽ فريال ٽالپر سميت ڪيتريون ئي ٻيون عورتون مريم نواز کان گهڻو اڳ جيل وڃي چڪيون آهن، ۽ فرخنده بخاري ته لاهور جي شاهي قلعي ۾ اهڙو ظلم ۽ تشدد برداشت ڪيو، جنهن بابت مريم نواز سوچي به نٿي سگهي. مريم نواز جو تاريخي حوالي سان غلط بيان اهڙي بحث کي جنم ڏنو جو پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ مان مون کي پيغام آيا ته فرخنده بخاري سميت انهن مائرن، ڀينرن ۽ ڌيئرن جا نالا سامهون آڻجن، جن پنهنجي سياسي جدوجهد سبب قيد و بند جون تڪليفون سٺيون، پر اڄ ڪو به انهن جو نالو ياد نٿو ڪري.
جيڪڏهن پاڪستان جي تاريخ تي نظر وڌي وڃي ته تحريڪ پاڪستان جي هڪ سرگرم ڪارڪن بيگم جهان آرا شاه نواز جي ڌيءَ نسيم جهان جي گرفتاري وڏي اهميت رکي ٿي. نسيم جهان 1951ع ۾ راولپنڊي سازش ڪيس ۾ پنهنجي مڙس ميجر جنرل اڪبر خان ۽ فيض احمد فيض سان گڏ گرفتار ٿي. پوءِ هوءَ پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر پڻ بڻجي. 1978ع ۾ جڏهن پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جنرل ضياءَ الحق جي مارشل لا خلاف تحريڪ هلائي ته ان ۾ صحافين رضا ڪاراڻيون گرفتاريون ڏنيون، جن ۾ عورت صحافي به شامل هيون. سينيئر صحافڻ فريده حفيظ اسلام آباد کان لاهور اچي گرفتاري ڏني. مسز اليزبيٿ خالد ۽ انور سلطانه، جڏهن ته پنجاب يونيورسٽي صحافت شعبي جون ٻه شاگردياڻيون دردانا ياسمين ۽ روزي مجيد پڻ گرفتار ٿيون. ان کان علاوه آرا، آصفه رضوي، حميده گهانگهرو، نسرين زهره ۽ ڪراچي جي لاله رخ حسين به گرفتار ٿيون. بيگم نصرت ڀٽو ۽ محترمه بينظير ڀٽو بار بار گرفتار ٿيون ۽ ماءُ-ڌيءَ پنهنجي رئي کي آمريت خلاف مزاحمت جو پرچم بڻائي ڇڏيو. پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شاهده جبين ۽ ثريا سلطانه کي لاهور جي شاهي قلعي ۾ بند ڪيو ويو.
12 فيبروري 1983ع تي عاصمه جهانگير، حنا جيلاني، بشريٰ اعتزاز احسن، مديحه گوهر، شهلا ضياءَ، نگار احمد، روبينه سهگل، انيس هارون، نسرين اظهر، خاور ممتاز، ڪشور ناهيد، شاه تاج قزلباش، مهناز رفيع، شهناز وزير علي سميت ڪيترن ئي عورتن لاهور جي مال روڊ تي جنرل ضياءَ جي مارشل لا قانونن خلاف جلوس ڪڍيو ۽ گرفتار ٿيون. ان جلوس کان پوءِ تحريڪ بحالي جمهوريت ۾ تيزي آئي ۽ سنڌ ۾ به عورتون روڊن تي نڪري آيون.سنڌياڻي تحريڪ جون به ڪيترين ئي عورتن ايم آر ڊي تحريڪ ۾ گرفتاريون ڏنيون، جن ۾ شهناز راهو، غلام فاطمه پليجو، مارئي پليجو، مريم راهو، شهر بانو، ڇهه ساله شبنم پليجو ۽ ٻيون ڪيتريون ئي عورتون شامل هيون. مشهور شاعره فهميده رياض، پروفيسر افضل توصيف، عابده ملڪ، بيگم قيوم نظامي، بيگم رانا شوڪت محمود سميت ٻين ڪيترين عورتن قيد دوران تشدد به برداشت ڪيو.
ڊي ايس ايف جي ڪارڪن حميده گل جي عمر صرف پندرهن سال هئي ۽ کيس فوجي عدالت طرفان ڇهن مهينن جي سزا ٻڌائي وئي. انهيءَ تحريڪ دوران ٽنڊو ڄام جي هڪ ڳوٺ عثمان اندر مان 19 عورتون گرفتار ڪيون ويون، جن مان ٻه حامله هيون. تشدد سبب ٻنهي جو حمل ضايع ٿي ويو. هڪ عورت جو نالو نور خاتون هو، جنهن کي گولي هڻي شهيد ڪيو ويو. اڄ نور خاتون جو نالو به ماڻهو وساري ويٺا آهن. لياري جي ماسي سڪينه کي به ماڻهو وساري چڪا آهن، جيڪا بحالي جمهوريت جي تحريڪ ۾ بار بار گرفتار ٿيندي رهي. لاهور جي امان پٺاڻي ۽ امان پارس جان کي به ماڻهو وساري ويٺا آهن، جيڪي جمهوريت خاطر ڪيترائي ڀيرا جيل ويون. جنرل ضياءَ کان پوءِ جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ به ڪيترين عورتن کي گرفتار ڪيو ويو. مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ بيگم تهمينه دولتانه کي ڇهه مهينا ڪوٽ لکپت جيل، لاهور ۾ بند رکيو ويو. جڏهن به بيگم ڪلثوم نواز سياسي جلوس ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي ته کين گهر ۾ نظر بند ڪيو ويندو هو. هڪ دفعي کين طاهره اورنگزيب سان گڏ راولپنڊي ۾ نجمه حميد جي گهر ۾ به نظر بند ڪيو ويو.
طاهره عبدالله هڪ انساني حقن جي ڪارڪن آهي، کيس جنرل ضياءَ جي دور ۾ هڪ دفعو ۽ پوءِ مشرف جي دور ۾ به بار بار گرفتار ڪيو ويو. هاڻوڪي دور ۾ کيس فلسطين جو جهنڊو کڻڻ جي ڏوهه ۾ اسلام آباد مان پنجين دفعي گرفتار ڪيو ويو. وڪيل ايمان مزاري به هڪ ڀيرو گرفتار ٿي چڪي آهي ۽ اڄڪلهه کيس سوشل ميڊيا تي طاقتور ماڻهن جا ترجمان ٻيهر گرفتاري جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هي سچ آهي ته عمران خان جي دور ۾ مريم نواز کي اڊياله جيل ۾ پنهنجي والد نواز شريف سان گڏ قيد ڪيو ويو ۽ ساڻس ناروا سلوڪ به ٿيو. پر هاڻي مريم نواز پنجاب جي وزيراعلىٰ آهي. سندس دور ۾ ته پنجاب جي ڪنهن به جيل ۾ ڪا به عورت سياسي قيدي نه هئڻ گهرجي ها، پر ڊاڪٽر ياسمين راشد ۽ عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي سميت ڪيترين عورتن کي اڄ سياسي اختلاف سبب مريم نواز جي دور ۾ جيلن ۾ بند ڪيو ويو آهي. پيپلز پارٽي پاڻ کي شهيدن جي پارٽي سڏي ٿي ۽ جمهوريت لاءِ ان جون وڏيون قربانيون آهن، پر بلوچستان ۾ هن پارٽي جي حڪومت ڪيترين عورت سياسي ڪارڪنن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ نظر بند ڪري رکيو آهي.
ڪراچي يونيورسٽي جي هڪ خاتون استاد مون کان گهر ڪئي ته مان نئين نسل کي فرخنده بخاري تي ٿيندڙ ظلم بابت ضرور آگاهه ڪريان، ته کين خبر پوي ته فوجي آمريت اقتدار ۾ اچي ڇا ڪندي آهي. فرخنده بخاري پنهنجي آتم ڪٿا ”هيءَ بازي عشق جي بازي آهي“ ۾ شاهي قلعي ۾ ساڻس ٿيندڙ تشدد جو ذڪر ڪيو آهي. هوءَ اردو ۽ فارسي جي هڪ پروفيسر شهرت بخاري جي گهر واري هئي. کيس ضياءَ جي دور ۾ موهني روڊ، لاهور تان گهر مان کنڀي شاهي قلعي ۾ بند ڪيو ويو. نه کيس عدالت ۾ پيش ڪيو ويو ۽ نه ئي گهر وارن کي ٻڌايو ويو ته کيس ڪٿي رکيو ويو آهي. فرخنده بخاري کان چيو ويو ته هوءَ بيگم نصرت ڀٽو خلاف اهو بيان ڏئي ته هنن اسان کي دهشتگردي جي ٽريننگ لاءِ ليبيا موڪلڻ جو منصوبو ٺاهيو هو. جڏهن فرخنده بخاري انڪار ڪيو ته سندس جسم کي سڙندڙ سگريٽن سان ساڙيو ويو. ٻي طرف بيگم نصرت ڀٽو کيس ڳوليندي رهي ۽ پنهنجي جلسن ۾ ”فرخنده بخاري زنده باد“ جا نعرا لڳرائيندي رهي. انهن نعرا سبب شاهي قلعي ۾ فرخنده بخاري تي ظلم وڌيڪ وڌايو ويندو هو. فوجين فرخنده بخاري تي ايترو ظلم ڪيو جو جيل ۾ مقرر هڪ عورت پوليس ڪانسٽيبل سندس گهر وارن تائين اها خبر پهچائي ته شاهي قلعي ۾ ساڻس تشدد ٿي رهيو آهي. فرخنده بخاري پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته هن جنرل ضياءَ کي بددعا ڏني هئي ته توکي قبر به نصيب نه ٿئي. جنرل ضياءَ جي حادثاتي موت کان پوءِ جڏهن محترمه بينظير ڀٽو پهريون ڀيرو وزيراعظم بڻجي ته هوءَ فرخنده بخاري کي حڪومت ۾ شامل ڪرڻ چاهيندي هئي، پر فرخنده بخاري کيس چيو ته مان آخري ساهه تائين توسان گڏ رهنديس، پر مون توسان گڏ ٿيڻ وزير ٿيڻ لاءِ نه ٿي هئس.
اڄ پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) ۾ فرخنده بخاري جهڙيون ڪيتريون ئي نيڪ نيت ۽ بي لوث عورتون نظر اچن ٿيون؟ اڄ پيپلز پارٽي هڪ اهڙي نظام جو حصو آهي، جتي هڪ اسٽيڪ هولڊر مريم نواز چوي ٿي ته هوءَ پاڪستان جي پهرين عورت آهي جنهن کي گرفتار ڪري جيل ۾ ظلم ڪيو ويو. هي بيان رڳو غلط نه، پر ڏکوئيندڙ به آهي. اسان مريم نواز جي گرفتاري جي به ان وقت مذمت ڪئي هئي ۽ اڄ سندس حڪومت ۾ جن عورتن سياسي اڳواڻن کي جيلن ۾ بند ڪيو ويو آهي، انهن جي گرفتاري جي به مذمت ڪريون ٿا. جن عورتن جو نالو هن مختصر تحرير ۾ نه اچي سگهيو، تن کان معافي سان گڏ مريم نواز جي خدمت ۾ اسرارالحق مجاز جو هي شعر پيش آهي
ترے ماتھے پہ یہ آنچل بہت ہی خوب ہے لیکن
تو اس آنچل سے اک پرچم بنا لیتی تو اچھا تھا