پهريون ڊسمبر 2025ع تي پاڪستان تحريڪ انصاف جي ميمبر صوبائي اسيمبلي نذير عباسي خيبر پختونخوا اسيمبلي ۾ هزاره صوبو قائم ڪرڻ بابت قرارداد پيش ڪئي، جيڪا مبينا طور اتفاقِ راءِ سان منظور به ڪئي وئي. اها قرارداد اهڙي وقت پيش ڪئي وئي، جڏهن صوبي ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت آهي، جڏهن ته مرڪز ۾ پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) جي گڏيل حڪومت آهي ۽ مرڪز ۽ صوبي جا لاڳاپا ظاهر ۾ ٺاهه جوڳا نظر نٿا اچن. پي ٽي آءِ جي اڳواڻ عمران خان، سندس زال ۽ پارٽي جا ڪيترائي اڳواڻ ۽ هزارين ڪارڪن سياسي بنيادن تي قائم ڪيل ڪيسن ۾ جيلن اندر سزائون ڀوڳي رهيا آهن. خيبر پختونخوا اسيمبلي ۾ اڪثريت رکندڙ پارٽي ۽ صوبي جو وزيراعليٰ، جيڪو پاڻ به خير سان پي ٽي آءِ سان تعلق رکي ٿو، هر روز اڊيالا جيل جي سامهون پاڻ ۽ هزارين ڪارڪنن ۽ اڳواڻن سان گڏ ڌرڻو ڏئي رهيو آهي. جڏهن ته عمران خان جون ڀينرون پڻ مهينن کان هڪ ملاقات لاءِ دربدر آهن. اهڙين حالتن ۾ پي ٽي آءِ جو تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان ۾ شموليت اختيار ڪرڻ ۽ خاص طور محمود خان اچڪزئي جي قيادت کي قبول ڪرڻ، بلڪه کيس صدارتي اميدوار بڻائڻ ۽ هاڻي اپوزيشن ليڊر لاءِ نامزد ڪرڻ انتهائي دانائي ۽ بالغ نظري جو ثبوت آهي. پي ٽي آءِ جو ووٽ بئنڪ، نوجوان، جذباتي ۽ جوشيلا ڪارڪن نه رڳو ملڪ ۾ کيس اقتدار ڏياريندا رهيا آهن، پر هاڻي اپوزيشن جي مظاهرن ۽ احتجاجن ۾ به تاريخ رقم ڪري رهيا آهن. ساڳئي وقت سڄي دنيا ۾ ان جا حامي لکن جي تعداد ۾ موجود آهن. تنهن هوندي به، ڪائناتي اصولن مطابق جيئن ڪنهن کي به مڪمل ڪمال حاصل نٿو ٿئي ۽ نه ئي ڪو هر لحاظ کان مڪمل هوندو آهي، تنهن ڪري پي ٽي آءِ ۾ به ڪيتريون ئي خاميون رهيون آهن. جن کي تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان ۽ محمود خان اچڪزئي جي قيادت وڏي حد تائين پورو ڪري ڇڏيو آهي. ان جي ڀرپور، بروقت ۽ درست استعمال پي ٽي آءِ جي احتجاجي تحريڪ کي هڪ طرف قوت بخشي، ته ٻي طرف قومي ۽ عالمي سطح تي ان کي هڪ ساک ۽ سنجيده حيثيت پڻ حاصل ٿي وئي.
حڪومت، اسٽيبلشمينٽ ۽ اشرافيه محمود خان اچڪزئي جي شخصيت، حيثيت، قيادتي صلاحيتن، ايمانداري ۽ ساک کان ڀلي ڀت واقف آهن. پر ڇا ڪجي، نه ته موصوف جي چادر جي قيمت انهن جي وس ۾ آهي، ۽ نه ئي ڪو دٻاءُ يا ڌمڪي هن تي اثرانداز ٿي سگهي ٿي، ان ئي سبب هو کانئس ڊڄن ٿا. ان جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته ڪافي وقت گذرڻ باوجود به محمود خان اچڪزئي جي اپوزيشن ليڊر طور نوٽيفڪيشن جاري نه ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته اهي ڄاڻن ٿا ۽ مڃين ٿا ته اهو پي ٽي آءِ جو حق آهي. ان باوجود، پي ٽي آءِ جي نامزدگي ۽ لکت ۾ مطالبن جي هوندي به نوٽيفڪيشن جاري نٿا ڪن، ۽ ڄاڻي واڻي آئين جي توهين جا مرتڪب ٿي رهيا آهن. ايتري قدر جو پي ٽي آءِ کي اها به آڇ ڪئي وئي آهي ته محمود خان اچڪزئي جي جاءِ تي ڪنهن ٻئي جو نالو ڏئي ڇڏين، ته فوري نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو. آخر ائين ڇو؟ سڀني حربن جي ناڪامي کان پوءِ حڪومت، اشرافيه ۽ اسٽيبلشمينٽ هڪ عجيب چال کيڏي. اهو ته سڀني تي ظاهر آهي ته پختونخوا ملي عوامي پارٽي، جنهن جو سربراهه محمود خان اچڪزئي آهي، ان جو منشور ئي اهو آهي ته پٺاڻن لاءِ هڪ گڏيل صوبي جو قيام، جيڪو چترال کان بولان تائين هجي. اشرافيه انهيءَ نڪتي کي استعمال ڪندي اهڙو وار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪو پي ٽي آءِ ۽ محمود خان اچڪزئي جي وچ ۾ ڀتيون اڏڻ ۽ اختلاف پيدا ڪرڻ لاءِ هڪ ٻاراڻو پر ملڪ جي سالميت لاءِ خطري وارو قدم آهي.
پهريون ڊسمبر 2025ع تي خيبر پختونخوا اسيمبلي ۾ بغير ڪنهن پروگرام، بغير اڳواٽ اطلاع ۽ بغير ايجنڊا ” هزاره صوبي“ جي قرارداد پيش به ڪئي وئي ۽ مبينا طور اتفاقِ راءِ سان منظور به ڪرائي وئي. جيڪڏهن واقعي اتفاقِ راءِ ٿيو هجي ته پوءِ عوامي نيشنل پارٽي جا به ڪجهه يا سڀ ميمبر ان جي حق ۾ ووٽ ڏيندڙ هجن ها. نه حڪومت، نه اشرافيه ۽ نه ئي اسٽيبلشمينٽ اهو خيال ڪيو ته گهٽ ۾ گهٽ عوامي نيشنل پارٽيءَ جو ڪو خيال ڪيو وڃي، جيڪا اڃا ڪالهه ئي سندن بدنام ۽ ناپسنديده 27هين ترميم کي منظور ڪرائڻ ۾ مڪمل ساٿ ڏئي چڪي هئي ۽ هاڻي اهو ئي قدم عوامي نيشنل پارٽيءَ، جيڪا پاڻ به پختون قومپرست جماعت آهي، لاءِ به نيون مشڪلاتون پيدا ڪري ويو آهي.
ان قرارداد جي حيثيت ڇا ٿيندي، ان تي عملدرآمد ٿيندو يا نه، عوامي نيشنل پارٽي، پختونخوا ملي عوامي پارٽي ۽ ٻيون سياسي جماعتون ان تي ڪهڙو ردعمل ڏينديون، اهو ته وقت ئي ثابت ڪندو. پر اهو سوال اڃا تائين قائم آهي ته اها قرارداد آخر ڪنهن جي چوڻ تي، ايتري جلدي ۾ پيش ڪئي وئي؟ ڇا پي ٽي آءِ جي مرڪزي قيادت ان سازش ۾ شامل هئي؟ جيڪڏهن ها، ته جڏهن عمران خان جي صرف ملاقات لاءِ به چونڊيل وزيراعليٰ، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جا ميمبر ۽ خان صاحب جون ڀينرن سميت لکين ڪارڪن خوار ٿي رهيا آهن، ته اهڙي حالت ۾ مرڪزي قيادت جو خان جي مرضي ۽ هدايت کان سواءِ ايترو وڏو فيصلو ڪرڻ ڪيئن ممڪن آهي؟ ۽ جيڪڏهن مرڪزي قيادت ان ۾ ملوث نه هئي ته پوءِ ان جو مطلب اهو ٿيو ته صوبائي قيادت مرڪزي پارٽي، قيادت ۽ خود عمران خان جي مرضي جي خلاف سڀ ڪجهه ڪيو آهي. هر ٻنهي صورتن ۾ اها سازش، پارٽي قيادت ۽ خان سان بغاوت ۽ غداري جي برابر آهي ۽ ان ڳالهه جي به نشاندهي ڪري ٿي ته خان سميت سموري قيادت جي پارٽي تي گرفت ڪمزور ٿي چڪي آهي. ان معاملي جي جاچ، ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ۽ ان قرارداد جي تلافي ڪرڻ انتهائي ضروري ٿي چڪو آهي.