منشيات جي سرپرستي ڪندڙ بااثر سياسي ماڻهن خلاف ڪارروائي ٿيندي:آءِ جي سنڌ

حيدرآباد( رپورٽر)  سنڌ پوليس جي آءِ جي جاويد عالم اوڍو چيو آھي ته منشيات ۾ بااثر سياسي ماڻھو ملوث نڪتا ته انھن خلاف به ڪارروائي ٿيندي،  سنڌ اندر ڏوھن ۾ گھٽتائي آئي آھي ، سياسي يا حڪومتي اثر رسوخ رکندڙ پوليس آفيسر ڀلي ڪيترا به بااثر ھجن ڪم نه ڪندا ٿاڻن تي نه رھندا، پوليس ماڻھن کان منشيات جو سئو سيڪڙو واھپو نٿي ڇڏائي سگھي، منشيات جي سپلائي سائيڊ تي ڪنٽرول ڪري ورتو آھي. دھشتگردن ۽ ڏوھارين لاءِ ڌرتي تنگ ڪري ڇڏي آھي. صوبي ۾ ڪراچي کان ڪشمور تائين امن امان ڪنٽرول ھيٺ آھي. اھڙو اظھار ھن ڪالھ حيدرآباد پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالھائيندي ڪيو. ھن ھڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته جيڪڏھن ايس ايڇ اوز امن امان قائم ڪرڻ سميت عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ ڪرڻ جي ڪارڪردگي نه ڏيکاريندا ته اھي ٿاڻن تي به نه رھندا. ھن چيو ته تازو  صوبائي گھرو کاتي جي قائم ڪميٽي جي اجلاس ۾ اھو طئي ڪيو ويو ته منشيات ۾ ڪير ڪيڏو به بااثر سياسي ماڻھو ملوث ڇو نه ھجي ان خلاف به بنا ڪنھن فرق جي ڪارروائي ڪئي ويندي. سنڌ پوليس ۾ ڏنڊا بردار فورس جو پراڻو روايتي طريقو تبديل ڪري ڇڏيو آھي. سنڌ پوليس ۾ جاچ جو شعبو ڪمزور آھي، ان لاءِ سنڌ حڪومت تازو 2 ھزار جاچ پوليس آفيسر ڀرتي ڪيا آھن. جن جي اچڻ سان جاچ واري شعبي جي بھتري ايندي. ھن چيو ته سڄي سنڌ ۾ منشيات خلاف سخت آپريشن جاري آھي. اسان کي نوجوان نسل کي بچائڻو آھي. ھن چيو ته گھوٽڪي، سکر، شڪارپور جي ڪچي وارن علائقن ٻيلن مان 35 خطرناڪ ڌاڙيلن جو خاتمو ۽ 160 کان وڌيڪ مقابلن ۾ زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيا آھن. آءِ جي سنڌ پوليس جاويد عالم اوڍو پريس ڪلب جي صدر جنيد خانزاده جي تجويز تي صحافين جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڊي آئي جي حيدرآباد طارق رزاق ڌاريجو کي فوڪل پرسن مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪندي کيس ٽيم جوڙي صحافين جا جائز مسئلا حل ڪرڻ جي ھدايت ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.