سنڌ زرعي يونيورسٽي سب ڪئمپس عمرڪوٽ ھڪ اھڙو سکيا جو منصوبو متعارف ڪرايو آهي جنھن ۾ شھري توڙي ٻھراڙيءَ جي عورتن کي جديد زراعت جي سکيا ڏني ويندي آھي جنھن سان شھري توڙي ٻھراڙيءَ جي عورتن جي زندگي ۾ وڏو انقلاب آيو آهي جن ۾ گھريلو سطح تي ڀاڄين جي پوک ھڪ اھم بهترين قدم آھي
گھريلو سطح تي ڀاڄين جي پوک جيڪا گھر جي ننڍي پيماني ۾ اڱڻ يا ڇت تي ڪري سگهجي ٿي.گھر جي واڙي سان اسان کي مختلف قسمن جا فائدا ملن ٿا، جنهن ۾ سڀ کان پهرين ته اسان کي گھريلو پوکيل ڀاڄي ملي ٿي جيڪا صاف سٿري زرعي زهر کان پاڪ، ان سان گڏوگڏ غذائيت سان ڀرپور هوندي آهي.گھر ۾ پوکيل، لڳل ڀاڄي جيڪا گھر جي سونھن کي پڻ وڌائي ٿي، هي هڪ بهترين دل وندرائيندڙ به ثابت ٿئي ٿي، هن سرگرمي کي ڏسي گھر ۾موجود ٻار جيڪو گھر جي واڙي کي مزيد پوکڻ لاءِ پرجوش رهي ائين نئيون شيون سکڻ لاءِ دلچسپي ڏيکاري ٿو.
جيتوڻيڪ ڀاڄيون ننڍي پيماني ٿي پوکي وڃي ٿي جنهن ۾ جيت ايئن بيماري لڳڻ جا خطرا تمام گهٽ ٿين ٿا، جيڪڏهن ڀاڄي ۾ ڪو مرض يا جيت لڳي ٿو ته ان کي آساني سان ضابطي ۾ آڻي سگجَھي ٿو، گھر جي واڙي جنهن ۾ ڪجهه ڀاڄيون جهڙوڪ ساوا مرچ، ميٿي، ڦوڌڻو ،ساوا ڌاڻا، ٽماٽا، مٽر، گجر ، موري، توري، ڀينڊي، واڳڻ، بند گوبي، گل گوبي، شلجم، پالڪ، ڪدو لوڻڪ،ميها،سائي ٿوم وغيره شامل آهن.ڀاڄين کي پوکڻ جو خرچ نه ھئڻ برابر ٿئي ٿو. ڀاڄي کي پوکڻ لاءِ پاڻي جيڪو رڌڻي ۾ استعمال ٿئي ٿو يا بچي ٿو، ان کي استعمال ۾ آڻي سگهجي ٿو. ڀاڄي گهٽ زرخيز واري مِٽي ۾ به آساني سان ٿي سگھي ٿي، جيڪڏهن مِٽي کي زرخيز ڪرڻو آھي ته قدرتي نامياتي ڀاڻ جيڪو فصلن جي باقيات يا گهريلو بچيل، استعمال شده شين مان تيار ٿئي ٿو جيڪو استعمال ڪري سگهجي ٿو،جيڪو بچيل ايئن آساني سان مفت ۾ ملندر آهي، جنهن ۾ چانهن جي پتي ،ڀاڄين جون آنن جون کلون، وڻن مان ڇڻيل پتا، وغيره شامل آهن. جيڪي
نقصان ڏيندڙ ڪيميڪل کان پاڪ آهن. گھريلو واڙي شروع شايد پهرين نظر ۾ هڪ ڏکيو ۽ طويل عمل لڳي ٿو پر حقيقت ۾ اُهوتمام سولو ۽ دل لڳائيندڙ آهي.
توهان پنهنجي گهر جي اڱڻ ۾ جڙي ٻوٽين جو هڪ ننڍو باغ پڻ لڳائي سگهو ٿا. ٻوٽي جي گهرج آهر مِٽي کي انتخاب ڪريو، جيئن اُھي سٺي نموني وڌي سگهن، سٺي مِٽي ٻوٽن لاءِ غذائيت ۽ مهيا ڪري ٿي، ۽ ان سان گڏ واڌ ويجهه لاءِ ماحول مهيا ڪري ٿي. هر ٻوٽي کي وڌڻ ويجهڻ لاءِ مختلف گرمي پد، سج جي روشني ،پاڻي، جي ضرورت پئي ٿي. جيڪڏهن توهان وٽ وڏي جڳهھ موجود آهي، ته پنجن رنگن وارين ڀاڄين کي پوکي سگهو ٿا. هتي ڪجهه آساني سان ٿيڻ وارين ڀاڄين کي پوکڻ جا انتهائي آسان طريقا ڏجن ٿا جنهن ۾ سب کان پهرين مرچ پوکڻ لاءِ مرچ جي ٻج کي بازار مان وٺڻ جي ضرورت ناهي انهن کي اوھان گھر ۾ پيل مرچ مان به حاصل ڪري سگھو ٿا. ٻج کي مِٽي ۾ هلڪو دٻايو ۽ پاڻي ڏيندا رهو. جڏهن ٻج وڌي وڏو ٻوٽو ٿئي ۽ ان مان گل نڪرڻ شروع ٿين ۽ ميوو لڳڻ شروع ٿئي ته پاڻي ڏيڻ گهٽ ڪري ڇڏيو. مرچ جي ٻوٽي کي وڌڻ لاءِ روزانو اٺ کان ڏھ ڪلاڪ سج جي روشني جي ضرورت پوي ٿي. واڱڻ کي پوکڻ لا پهرين ٻج کي زمين ۾ لڳايو ۽ پاڻي ڏيڻ شروع ڪريو، واڱڻ جي سٺي واڌ ويجهھ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ڇهن ڪلاڪن جي ضرورت هوندي آهي، اهڙي طرح ساون ڌاڻن کي لڳائڻ لاءِ انتخاب ڪيل ٻج کي هلڪو زور ڏيو ته جيئن اڌ مان ٽٽي پوي ۽ ان کان پوءِ مِٽي تي پکيڙي ڇڏيو ۽ مِٽي جي هلڪي تھ سان ڍڪي ڇـڏيو ۽ ضرورت مطابق پاڻي ڏيو هن ٻوٽي کي سج جي روشنيءَ جي وڌ کان وڌ ڏھ ڪلاڪن جي ضرورت پئي ٿي. ٽماٽي کي پوکڻ لاءِ گھر ۾ موجود ٽماٽن مان ٻج حاصل ڪري سگهو ٿا، ٽماٽن جي ٻج کي زمين ۾ لڳايو ۽ پاڻي ضرورت مطابق ڏيو، ٻوٽي کي سٺي واڌ لاءِ سج جي روشني ڇہ کان اٺ ڪلاڪن جي ضرورت پوندي آهي.
اهڙي طرح ڦودني جي پوکائي لاءِ ڦودني جي ڏاندي کڻو ۽ سڀ ئي پن هٽايو سواءِ مٿئين پنن جي، هاڻي ان کي هڪ گلاس يا کُليل منھن واري برني ۾ هڪ يا ٻه انچ پاڻي سان رکو ۽ روزانا پاڻي تبديل ڪريو برني کي سج جي روشني کان پري رکو تقريبن هڪ هفتي ۾ ڏانڊي مان پاڙون نڪرڻ کان پوءِ مِٽي ۾ لڳائي ڇڏيو. پالڪ کي پوکڻ لاءِ سڀ کان پهرين ٻج کي زمين ۾ هڪ کان ٻه انچ جي گهرائي تائين لڳايو، ۽ وقت تي پاڻي ڏيندا رهو، پالڪ جي سٺي واڌويجهه لاءِ روزاني ڇهه کان اٺ ڪلاڪن جي سج جي روشني گھربل ھوندي آھي. ونگن يا کيرن جي پوک لاءِ ٻِجُ کي زمين ۾ لڳايو ويندو آهي، مِٽي کي هميشه گهميل رکو پاڻي جي اضافي يا گهٽ هئڻ ڪري ٻوٽي تي منفي اثر پئجي سگهي ٿو ونگن جي سٺي واڌ لاءِ روزانا اٺ کان ڏھ ڪلاڪن جي ضرورت هوندي آهي. ڪريلا پوکڻ لاءِ ٻج کي اڌ انچ تائين زمين ۾ لڳايو ، ۽ پاڻي ڏيندا رهو، ٻوٽي جي سٺي واڌ ويجهه لاءِ روزانه ڇهه کان اٺ ڪلاڪن جي روشني جي ضرورت هوندي آهي،۽ موري کي پوکڻ لاءِ ٻج کي زمين ۾ لڳايو ۽ پاڻي ضرورت مطابق ڏيندا رهو هن ٻوٽي کي وڌڻ لاءِ اٺ ڪلاڪن جي سج جي روشني جي ضرورت پئي ٿي، يا هي ٻوٽو هلڪي ڇانهن واري جڳا تي به ٿي سگھي ٿو، ۽ ان سان گڏ اهڙيون ٻيون به ڀاڄيون آساني سان پوکي سگھجي ٿو.ان انقلابي قدم سان نه رڳو گھريلو ضرورتون بلڪ مناسب ناڻو به ڪمائي سگھجي ٿو.
اچو ته ايس پي او ۽ سنڌ زرعي يونيورسٽي سب ڪئمپس عمرڪوٽ جي ان اهم پروگرام کي وڌائڻ ۾ ساٿ ڏيون.