جعلي ڊگرين وارو معاملو ڪنهن هڪ اداري تائين محدود ناهي

سنڌ اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ جي هڪ اجلاس دوران خبر سامهون آئي آهي ته ڊائو يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز  جهڙي اهم، معتبر ۽ علمي اداري اندر به ڪي ماڻهو جعلي تعليمي ڊگرين جي بنياد تي ڀرتي ٿي سرڪاري خزاني تي بار بڻيل آهن.ڪيڏي نه تعجب جي ڳالهه آهي ته جنهن اداري مان قوم جا ڊاڪٽر، محقق، استاد ۽ سائنسدان پيدا ٿيڻ گهرجن، اتي ئي جهالت ۽ جعلسازي پنهنجو راڄ ڄمايو ويٺي آهي. پي اي سي جي اجلاس ۾ جڏهن معلوم ٿيو ته يونيورسٽي جي 3500 ملازمن مان فقط 450 ملازمن جون ڊگريون تصديق ٿيل آهن، تڏهن اهو سوال  پيدا ٿئي ٿو ته باقي 3050 ملازم ڪهڙي بنياد تي نوڪريون ڪري رهيا آهن، پر اهو به سوال جنم وٺي ٿو ته انهن کي ڀرتي ڪرڻ وارا ڪير هئا؟ انهن جي مقرريءَ تي صحيحون ڪرڻ وارا ڪير هئا؟ ڇا اهو صرف چند ماڻھن جو ڏوهه آهي يا سڄو نظام ئي هڪ منظم طريقي سان اهڙي ڏوهه ۾ شريڪ رهيو آهي؟

جعلي ڊگريءَ تي ڀرتي ٿيل ملازمن جا نالا جڏهن سامهون آيا، تڏهن اهو به واضح ٿيو ته هي ڪو ننڍڙو يا اتفاقي ڏوهه نه آهي، پر سالن کان هلندڙ هڪ منظم ڌنڌو آهي، جنهن ۾ صرف ڀرتي ٿيل ماڻهو ئي نه پر سفارش ڪندڙ، ڀرتي ڪندڙ، اکيون ٻوٽي ويهندڙ ۽ خاموش رهندڙ سڀ شامل آهن. بي ڪام، بي ايس، ايم ڪام جهڙن ڊگرين تي ماڻهو آفيسر، ڪمپيوٽر آپريٽر، ڊيٽا پروسيسنگ آفيسر، بلنگ آفيسر ۽ ايڊمنسٽريٽو آفيسر بڻيل رهيا ۽ اهو سڀ ڪجهه سالن تائين ڪنهن جي نظر ۾ نه آيو.؟ جعلي ڊگرين واري معاملي کان پوءِ جڏهن ڪميٽيءَ سمورين سرڪاري يونيورسٽين کي ٽن مهينن اندر سڀني ملازمن ۽ آفيسرن جون تعليمي ڊگريون تصديق ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي، تڏهن اهو حڪم اميد جو هڪ ڪرڻو ته ضرور آهي، پر ساڳئي وقت اهو پڻ هڪ وڏو سوال آهي ته ڇا صرف يونيورسٽيون ئي جعلي ڊگرين جو ڳڙهه بڻيل آهن؟ ڇا ٻين سرڪاري ادارن، لوڪل ڪائونسلن، تعليمي بورڊن، اسپتالن، پوليس کاتن، روينيو کاتن ۽ ٻين کاتن ۾ سڀ ڪجهه پاڪ صاف آهي؟  حقيقت اها آهي ته جعلي ڊگرين جو مسئلو ڪنهن هڪ اداري تائين محدود ناهي. هي سڄي سماج ۾ پاڙون ڄمائي ويٺل هڪ ناسور آهي، جيڪو آهستي آهستي اسان جي قومي جسم کي کائي رهيو آهي. هر اداري ۾ اهڙا ماڻهو ملي ويندا جيڪي جعلي سند ذريعي ڀرتي ٿيا.

لاڙڪاڻي ميونسپل ڪارپوريشن ۾ جعلي پينشنن ۽ جعلي پگهارن جو معاملو به ساڳئي زنجير جي هڪ ڪڙي آهي. جڏهن ٽن سالن جي آڊٽ ۾ اهو معلوم ٿئي ته پينشنرز کي بغير لائيف ۽ نو ميرييج سرٽيفڪيٽ جي پينشن جاري ڪئي وئي آهي ۽ 150 مان فقط 34 پينشنرز اهڙا آهن جن جا ضروري دستاويز موجود آهن ته باقي 116 پينشنون ڪهڙن نالن تي ۽ ڪهڙن ماڻهن کي ڏنيون پيون وڃن؟ ڇا اهي ماڻهو زنده به آهن؟ يا رڳو ڪاغذن ۾  زنده آهن؟  جعلي ڊگريون اصل ۾ قابليت، ايمانداري ۽ محنت جو قتل آهن. جڏهن ڪو محنتي شاگرد سالن جا سال پڙهي امتحانن ۾ ويهي  ڪا ڊگري حاصل ڪري ٿو ۽ پوءِ ان کان اڳ ڪنهن جعلي ڊگريءَ واري ماڻهو کي ڪرسي ملي وڃي ٿي ته اهو سماج جي سڀ کان وڏي ناانصافي هوندي آهي. اهڙي ناانصافي صرف هڪ شخص سان نٿي ٿئي، اها هڪ نسل سان ٿئي ٿي، هڪ خواب سان ٿئي ٿي، هڪ مستقبل سان ٿئي ٿي. اسان بار بار چوندا رهيا آهيون ته ادارا ماڻهو نٿا بچائين، ماڻهو ادارا بچائيندا آهن. جيڪڏهن هر ڪرسيءَ تي ويٺل انسان پاڻ سان ايماندار ٿي وڃي، ته پوءِ جعلي ڊگري، جعلي پينشن ۽ جعلي ڀرتي جهڙا لفظ خود بخود لغت مان ختم ٿي وڃن. پر افسوس ته اسان وٽ ڪرسيءَ سان پيار آهي، اصولن سان نه؛ اثر رسوخ سان محبت آهي، سچ سان نه؛ ذاتي فائدي سان لڳاءُ آهي، قومي ذميواريءَ سان نه.

پي اي سي پاران تعليمي ڊگرين جي تصديق جو حڪم هڪ مثبت قدم ضرور آهي، پر ڇا ان رپورٽ تي عمل ٿيندو؟ ڇا جعلي ڊگريءَ وارن کي واقعي سزا ملندي؟ يا هميشه جيان اها به هڪ رپورٽ بڻجي فائيلن ۾ دفن ٿي ويندي؟ اسان نٿا چاهيون ته هي خبر به ٻين خبرن وانگر وسري وڃي. اسان چاهيون ٿا ته هي آواز بڻجي، هڪ سوال بڻجي، هڪ تحريڪ بڻجي. ڇو⁠ته جيڪڏهن اڄ به اسان ماٺ رهياسين ته سڀاڻي اسان جي ٻارن کي سچ ۽ ڪوڙ ۾ فرق سمجهائڻ به ڏکيو ٿي پوندو. اهڙي مرحلي تي قوم کي صرف قانوني ڪارروائي نه، پر اخلاقي جاڳرتا جي به ضرورت آهي. هر والدين، هر استاد، هر شاگرد، هر سرڪاري ملازم ۽ هر ذميوار فرد کي اهو سوال پاڻ کان ڪرڻ گهرجي ته: ”ڇا مان به ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ هن نظام جي خرابيءَ جو حصو ته نه پيو بڻجان؟“ جيستائين اسان پاڻ کي تبديل ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿينداسين، تيستائين ڪو به قانون، ڪابه ڪميٽي ۽ ڪا به رپورٽ حقيقي معنيٰ ۾ ڪارآمد بڻجي  نه سگهندي.

ان سلسلي ۾ اسان وڌيڪ اهو پڻ چئون ٿا ته جعلي ڊگرين وارو رڳو نوڪرين سان جڙيل ناهي پر انهن ڊگرين سان قوم جو اعتماد، اخلاق ۽ مستقبل به جعلسازيءَ جي ور چڙهي ويندو آهي. ان لاءِ اسان کي هاڻ حتمي فيصلو ڪرڻو پوندو ته ڇا اسان کي جعلي ماڻهن سان هلندڙ جعلي نظام قبول آهي يا سچ ۽ ايمانداريءَ تي ٻڌل هڪ نئون سماج اڏڻ لاءِ تحرڪ وٺڻ گهرجي.؟

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.