عورتن تي تشدد کان محفوظ سماج: اسان سڀني جي ذميواري

مدثر احمد طاهر

هر سال 25 نومبر کان 10 ڊسمبر تائين، 16 ڏينهن واري مهم اسان کي اهو موقعو ڏياري ٿي ته اسين ايمانداري سان پاڻ کان سوال ڪريون ته ڇا اسان جي گهرن، برادري ۽ ادارن ۾ ڇوڪرين ۽ عورتن سان ٿيندڙ ورتاءُ اطمينان بخش آهي؟ ڪٿي ائين ته ناهي جو اسان جي اکين اڳيان ئي اهي نياڻيون مختلف قسمن جي تشدد جو شڪار ٿي رهيون آهن ۽ اسان بي خبر آهيون؟ اهي سورنهن ڏينهن جون سرگرميون اسان کي اهو به ياد ڏيارين ٿيون ته صنفي بنيادن تي ٿيندڙ تشدد ڪنهن به طرح ڏوهه کان گهٽ ناهي. تشدد جا مختلف روپ روزمره جي زندگي ۾ گهڻو ڪري خاموشي سان، بنا ڪنهن اعتراف جي، هر هنڌ موجود آهن. پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ڇوڪرين ۽ عورتن جي تحفظ جي ضمانت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ اڃا تائين ڪافي قدم نه کنيا ويا آهن. اهي عورتون اسڪول ۾ هجن، ڪم واري جڳهه تي هجن، آن لائين دنيا ۾ هجن يا پنهنجي ئي گهرن ۾ هجن، تشدد جاري رهي ٿو. هي مهم انهن قسمن جي تشدد بابت کلي ڳالهائڻ جي همٿ ڏياري ٿي، جيڪي اڪثر  معمولي سمجهي نظرانداز ڪيا ويندا آهن.

جيڪڏهن اسين سڄي دنيا کي ڇڏي صرف پنهنجي ملڪ پاڪستان جا تازا انگ اکر ڏسون ته اها حقيقت سامهون اچي ٿي ته هي مسئلو ڪيترو ڳڀير شڪل اختيار ڪري چڪو آهي. 2024ع ۾ صنفي بنيادن تي تشدد جا 32 هزار 600 کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا، جن ۾ هزارين زيادتيون، اغوا جا واقعا ۽ غيرت جي نالي تي قتل جا واقعا شامل هئا (پائيدار سماجي ترقي تنظيم، 2024). هر هڪ انگ هڪ اهڙي زندگيءَ جي نمائندگي ڪري ٿو، جيڪا صدمي ۽ خاموشيءَ سبب متاثر ٿي آهي. 2025ع جو رجحان ان کان به وڌيڪ ڳڻتي جوڳو آهي. سال جي پهرين اڌ ۾، پنجاب صوبي ۾ عورتن خلاف تشدد ۽ هراسمينٽ جا 15 هزار کان وڌيڪ واقعا رپورٽ ٿيا. يعني رڳو هڪ صوبي ۾ روزانو ڪيتريون ئي عورتون زيادتيءَ جو شڪار ٿيون (ڊان نيوز، 2025). ڊجيٽل دنيا به هاڻي محفوظ نه رهي آهي، ۽ 2024ع ۾ 3 هزار کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا (ڊيجيٽل رائيٽس فائونڊيشن، 2024).

اهي انگ اکر ته صرف سطحي حقيقت ڏيکارين ٿا، جڏهن ته حقيقت ۾ ڪيترائي متاثر ماڻھو ڊپ، بدنامي يا انهيءَ يقين سبب شڪايت به نٿا ڪن ته ڪجهه به تبديل نه ٿيندو. سزا جي شرح اڃا به نهايت گهٽ آهي ۽ ڪيترائي ڪيس يا ته خارج ٿي وڃن ٿا يا غير رسمي طريقي سان نبيريا وڃن ٿا. ڪمزور جاچ، عدالتي نظام ۾ دير ۽ نقصانڪار سماجي رويا ڪيترين ئي عورتن کي انصاف حاصل ڪرڻ کان روڪين ٿا. هي نظام نه رڳو عدالتن ۾ ناڪام آهي، پر خاندانن ۽ برادرين ۾ به ناڪام آهي.

عالمي صورتحال به ايتري ئي ڳڻتي جوڳي آهي. عالمي ادارو صحت ۽ گڏيل قومن جي مختلف ادارن جي 2025ع واري رپورٽ موجب، سڄي دنيا  ۾ لڳ ڀڳ 840 ملين عورتن پنهنجي زندگيءَ جي ڪنهن نه ڪنهن مرحلي تي ويجهي ساٿي يا جنسي تشدد جو شڪار ٿيون. (عالمي ادارو صحت ۽ گڏيل قومن جا ساٿي ادارا، 2025). صرف گذريل هڪ سال ۾، 300 ملين کان وڌيڪ عورتون پنهنجي ساٿين هٿان تشدد جو شڪار ٿيون آهن. غير ساٿين طرفان ٿيندڙ جنسي تشدد به عام آهي، جيڪو ٻڌائي ٿو ته هي هڪ عالمي بحران آهي، جيڪو عدم مساوات، امتياز ۽ نقصانڪار سماجي روايتن سان ڳنڍيل آهي.

عورتن تي ٿيندڙ تشدد روڪڻ لاءِ رڳو عوامي جاڳرتا ڪافي ناهي. حڪومت تي ذميواري پڻ عائد ٿئي ٿي ته هوءَ قانونن کي مضبوط ڪري، رپورٽنگ جي نظام کي بهتر بڻائي، محفوظ پناهه گاهن ۾ سيڙپ ڪري ۽ پوليس ۽ عدالتن کي تيز ۽ منصفاڻي قدم کڻڻ جو پابند بڻائي. سياستدانن کي صنفي بنيادن تي تشدد کي قومي ترجيح بڻائڻ گهرجي، نه ته رڳو هڪ موسمي موضوع. استادن ۽ تعليمي ماهرن جو به اهم ڪردار آهي ته هو نوجوان نسل کي جنس، احترام ۽ رضامندي بابت نئين سر سان آگاهه ڪن. اسڪول ۽ ڪاليج ايندڙ نسل جي ذهنن ۾ همدردي، برابري ۽ صحتمند رابطن جا اصول ننڍپڻ کان ئي مضبوط ڪن ٿا. پر اداراتي تبديلي اڪيلي ڪافي ناهي. سماج کي به پنهنجي روين تي غور ڪرڻو پوندو. تشدد جا ڪيترائي واقعا بي قابو ڪاوڙ ۽ مردانگي بابت غلط خيالن مان جنم وٺن ٿا. ان ڪري ضروري آهي ته مرد پاڻ اڳواڻي ڪري پنهنجو رويو درست ڪن، پنهنجي ڪاوڙ تي ڪنٽرول ڪرڻ، جذباتي نظم بهتر بڻائڻ ۽ عورت دشمن خيالن کي رد ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪن. تشدد کي روڪڻ رڳو قانوني فرض ناهي، بلڪه ذاتي ۽ سماجي ذميواري به آهي. جڏهن مرد پنهنجي حرڪتن جو جائزو وٺن ٿا ته گهر ۽ عوامي جڳهيون سڀني لاءِ وڌيڪ محفوظ بڻجي وڃن.

هي سورنهن ڏينهن واري مهم اسان کي اهو ياد ڏياري ٿي ته ترقي ممڪن آهي. پاڪستان ۾ ڪيترائي باشعور ڪارڪن، نوجوان گروپ ۽ عورتن جي اڳواڻيءَ هيٺ تنظيمون موجود آهن، جيڪي عورتن جي حقن ۽ تحفظ لاءِ جاکوڙ ڪري رهيون آهن. حقيقي تبديلي تڏهن اچي ٿي، جڏهن ادارا انصاف مهيا ڪن ٿا ۽ مرد وڌيڪ محفوظ ۽ باعزت ماحول ٺاهڻ ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪن ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.