جنگ ۾ شامل نه ٿيڻ تي آمريڪي سينيٽر جي سعودي عرب کي ڌمڪي

واشنگٽن(عوامي آواز نيوز)تڪراري بيانن لاءِ مشهور آمريڪي سينيٽر لنڊسي گراهم وچ اوڀر ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ جي پسمنظر ۾سعودي عرب تي سخت تنقيد ڪندي سوال ڪيو آهي ته جيڪڏهن رياض ايران خلاف جنگ ۾ عملي طور شامل ٿيڻ لاءِ تيار ناهي، ته پوءِ آمريڪا کي ان سان دفاعي معاهدو ڇو ڪرڻ گهرجي؟سينيٽر گراهم چيو ته جڏهن آمريڪا علائقي ۾ ايران خلاف ڪارروائين تي اربين ڊالر خرچ ڪري رهيو آهي ۽ آمريڪي شهري به هن تڪرار جو شڪار ٿي رهيا آهن، ته پوءِ اهو سمجهڻ ڏکيو آهي ته سعودي عرب، جنهن کي آمريڪا جو ويجهو اتحادي سمجهيو وڃي ٿو، سڌي فوجي ڪارروائي ۾ شامل ٿيڻ کان ڇو پاسوڪري رهيو آهي۔آمريڪي سينيٽر جي هن بيان تي نه رڳو سعودي ۽ عرب سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙن طرفان سخت تنقيد ٿي رهي آهي، پر ان سان واشنگٽن ۽ رياض جي لاڳاپن بابت به نئين بحث شروع ٿي ويو آهي.گراهم لکيو ته رياض ۾ آمريڪي سفارتخانو خالي ڪيو پيو وڃي ڇو ته ايران طرفان سعودي عرب تي لڳاتار حملا ٿي رهيا آهن۔هن چيو ته سندس ڄاڻ مطابق سعودي عرب پنهنجي مضبوط فوجي صلاحيتن کي استعمال ڪرڻ کان انڪار ڪري رهيو آهي ته جيئن “هن بربريت ۽ دهشتگردي تي ٻڌل ايراني حڪومت جو خاتمو ڪيو وڃي”، جنهن سڄي علائقي ۾ دهشت پکيڙي ۽ ست آمريڪي شهرين کي قتل ڪيو،گراهم جي بيان کان پوءِ سعودي سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙن سخت ردعمل ظاهر ڪيو. ڪيترن ماڻهن چيو ته سعودي عرب پنهنجي علائقي جو دفاع ڪري ٿو، پر ٻاهرين  جنگين ۾ شامل ٿيڻ نٿو چاهي۔ڪجهه صارفن اهو به چيو ته هي جنگ سعودي عرب جي نه پر آمريڪا ۽ اسرائيل جي پاليسين جو نتيجو آهي، تنهن ڪري نار وارن ملڪن کان اميد نه رکڻ گهرجي ته هو ان ۾ سڌي طرح شامل ٿين۔سعودي اختيارين ۽ مبصرن جو چوڻ آهي ته جڏهن سعودي بادشاهت فوجي ڪارروائي جو فيصلو ڪندي ته اهو پنهنجن مفادن جي بنياد تي ڪندي،

نه ته ٻين ملڪن جي مطالبن تي۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.