آبنائي هرمر ويجهو ٿائي ڪارگو جهاز تي حملو، عملي کي بچائڻ جون ڪوششون جاري

بئنڪاڪ (ويب ڊيسڪ) آبنائي هرمز ويجهو ٿائي ڪارگو جهاز تي حملي کانپوءِ عملي کي بچائڻ جون ڪوششون جاري آهن.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، ٿائيلينڊ جي سامونڊي فوج جو چوڻ آهي ته آبنائي هرمز وٽان گذرندڙ هڪ ٿائي مال بردار جهاز تي حملي کانپوءِ ان کي فوري مدد فراهم ڪئي پئي وڃي.
رائل ٿائي نيوي موجب، جهاز تي عملي جا 23 ميمبر سوار هئا.
ٿائي اختيارين جو چوڻ آهي ته عماني سامونڊي فوج 20 عملي جا ميمبر بچائي ورتا آهن، جڏهن ته باقي عملي کي بچائڻ جو عمل جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.