لنڊن(ويب ڊيسڪ) ايران-آمريڪا ۽ اسرائيل جنگ سبب تيل جي اگهن ۾ مسلسل لاها چاڙها جاري آهن، اهڙي صورتحال ۾ جي سيون ملڪن چيو آهي ته هو تيل جا ”اسٽريٽجڪ ريزروز (ذخيرا)“ جاري ڪرڻ جي حمايت ڪن ٿا.
پر برطانيا جو اسٽريٽجڪ تيل جو ذخيرو ڪٿي آهي ۽ ان کي جاري ڪرڻ سان ڪهڙو فرق پوندو؟
انٽرنيشنل انرجي ايجنسي(آءِ اِي اي) جي سمورن ميمبر ملڪن لاءِ لازمي آهي ته هو ڪنهن به عالمي هنگامي صورتحال لاءِ تيل جا ذخيرا محفوظ رکن، اِهو ذخيرو لڳ ڀڳ 90 ڏينهن جي سپلاءِ جيترو هوندو آهي.
پر اهو تيل ڪنهن هڪ جغرافيائي هنڌ تي محفوظ ناهي رکيو ويندو آهي، شيل ۽ برٽش پيٽروليم جهڙيون تيل پيدا ڪندڙ ڪمپنيون برطانيا جي چوڌاري موجود ٽرمينلز ۽ ريفائنرين ۾ اسٽاڪ رکن ٿيون، ان کانسواءِ اهي ان مقصد لاءِ تيل ٻئي هنڌ به محفوظ ڪري سگهن ٿيون.
جڏهن هي ريزرو جاري ڪيو ويندو آهي ته ان جو مطلب اهو ناهي هوندو ته اوچتو مارڪيٽ ۾ وڏي مقدار ۾ تيل اچي ويندو، پر تيل پيدا ڪندڙ ڪمپنيون ريفائنرين لاءِ مارڪيٽ ۾ وڌيڪ تيل دستياب ڪري ڇڏين ٿيون ته جيئن اهي آرڊر ڏئي سگهن.
ان باوجود به تجزئي نگار چون ٿا ته ”اسٽريٽجڪ ذخيرا“ ڪو جادو ناهي.
برطانوي ميڊيا سان ڳالهائيندي ماهرن جو چو هو ته ريفائننگ صلاحيت جي کوٽ سبب، ان ذخيري کي جاري ڪرڻ سان پيٽرول ۽ جيٽ فيول جهڙين پيٽروليم شين جي فراهمي ۾ فوري واڌ مشڪل آهي، جڏهن ته هن 1.2 ارب بيرل جي ذخيري سان توهان بار بار لکين بيرل تيل جاري نٿا ڪري سگهو.
اهو چوڻ ته توهان ان کي جاري ڪرڻ لاءِ ”تيار آهيو“ يا ”اصولي طور متفق آهيو“ دراصل مارڪيٽن کي اعتماد ڏيڻ جو هڪ طريقو آهي ته حڪومتون خطرن کي سمجهن ٿيون ۽ ان جي حل لاءِ گڏجي ڪم ڪري رهيون آهن، مختصر طور چئجي ته ان سان تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي شايد نه ٿئي، پر وڌيڪ واڌ کي ضرور روڪي سگهجي ٿو.