شوال جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي ڪميٽي جو اجلاس 19 مارچ تي طلب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) شوال جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس 19 مارچ تي طلب ڪيو ويو آهي.
اجلاس جي صدارت مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد ڪندو، جڏهن ته اجلاس ۾ سڀني فرقن جا عالم، موسميات کاتي ۽ لاڳاپيل ادارن جا نمائندا شرڪت ڪندا.
اجلاس ۾ سڄي ملڪ مان چنڊ ڏسڻ بابت شاهديون وصول ڪيون وينديون ۽ جائزو ورتو ويندو، جنهن کانپوءِ ڪميٽي اعلان ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.