پاڪستان ۾ عيدالفطر جي امڪاني تاريخ سامهون اچي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپارڪو عيد الفطر جي حوالي سان اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
سپارڪو موجب شوال جو چنڊ 19 مارچ 2026 تي صبح 6 لڳي 23 منٽن تي پيدا ٿيندو ۽ سج لٿي وقت چنڊ جي عمر تقريبن 12 ڪلاڪ 41 منٽ هوندي.
پاڪستان جي سامونڊي علائقن ۾ سج لهڻ ۽ چنڊ لهڻ وچ ۾ تقريبن 28 منٽن جي فرق جو امڪان آهي.
سپارڪو جو چوڻ آهي ته 19 مارچ جي شام شوال جو چنڊ نظر اچڻ جا امڪان گهٽ آهن ۽ عيد 21 مارچ تي ٿيڻ جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.