ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) ٽن هڪ ڏينهن واري ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ ۾ بنگلاديش پاڪستان کي عبرتناڪ شڪست ڏئي 8 وڪيٽن تان ميچ پنهنجي نالي ڪري ورتو.
بنگلاديشي ٽيم پاڪستان طرفان ڏنل 115 رنسن جو هدف 16 هين اوور ۾ حاصل ڪري ورتو.
بنگلاديش جي نجم الحسين شانتو 27 رنسون ٺاهيون جڏهن ته تنزيد حسن 67 رنسن جي ناقابلِ شڪست اننگز کيڏي.
پاڪستان طرفان شاهين آفريدي ۽ محمد وسيم هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.
ڍاڪا جي شيرِ بنگلا ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ بنگلاديش جي ڪپتان مهدي حسن ميراز ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو.
پاڪستان طرفان صاحبزاده فرحان ۽ معاذ صداقت اننگز جي شروعات ڪئي پر صاحبزاده فرحان 27 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو جڏهن ته شمائل حسين به رڳو 4 رنسون ٺاهي سگهيو، معاذ صداقت به پنهنجي ڪيريئر جي پهرين ميچ ۾ 18 رنسن جو مهمان ثابت ٿيو.
بنگلاديشي بالرن پاڪستان جي بيٽنگ لائين جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي ۽ پوري ٽيم 31 هين اوور ۾ 114 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، جيڪو بنگلاديش خلاف ون ڊي ۾ پاڪستان ٽيم جو سڀ کان گهٽ اسڪور آهي.
پاڪستان طرفان فهيم اشرف 37 رنسون ٺاهي نمايان رهيو جڏهن ته محمد رضوان 10، سلمان آغا 5، حسين طلعت 4، عبدالصمد 0، شاهين آفريدي 4 ۽ محمد وسيم 0 رنسن تائين محدود رهيا جڏهن ته ابرار احمد 0 تي ناٽ آئوٽ رهيو.
بنگلاديش جي ناهيڊ رانا ون ڊي ڪيريئر جي بهترين بالنگ ڪندي 24 رنسون ڏئي 5 وڪيٽون ورتيون جنهن کي کيس پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو، جڏهن ته مهدي حسن ميراز 29 رنسن عيوض 3 وڪيٽون ورتيون.
واضح رهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم طرفان 4 رانديگرن ون ڊي ڊيبيو ڪيو ، صاحبزاده فرحان، معاذ صداقت، عبدالصمد ۽ شمائل حسين پنهنجي ڪيريئر جي پهرين ون ڊي ميچ کيڏي، هي 2008 کانپوءِ پهريون موقعو آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم طرفان هڪ ئي وقت ايترن رانديگر ڊيبيو ڪيو.