هفتي ۾ 4 ڏينهن ڪم ڪرڻ جو فيصلو، نوٽيفڪيشن جاري

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ به هفتي ۾ 4 ڏينهن ڪم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.
رجسٽرار لاهور هاءِ ڪورٽ هفتي ۾ 4 ڏينهن ڪم ڪرڻ بابت باظابطا نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن موجب هاءِ ڪورٽ ۽ صوبي جي ماتحت عدالتن ۾ سومر کان خميس تائين ڪم ٿيندو.
نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ نوان ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ارجنٽ سيل سومر کان خميس تائين 50 سيڪڙو عملي سان ڪم ڪندو جڏهن ته جمعي ۽ ڇنڇر جي ڏينهن رڳو 10 سيڪڙو عملي سان ڪم ٿيندو.
نوٽيفڪيشن موجب،سيڪيورٽي ۽ صفائي وارو عملو سڄو هفتو پنهنجي شيڊيول موجب ڪم ڪندو ۽ ڪنهن به قسم جي واڌو پروٽوڪول تي پابندي هوندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.