رياض (ويب ڊيسڪ) پاڪستان آبنائي هرمز جي بندش سبب بحر احمر جي رستي تيل وٺڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.
ذريعن موجب, پي اين ايس سي جو جهاز سعودي عرب جي ينبع پورٽ تي پهچي ويو آهي جتان اهو جهاز پاڪستان لاءِ 73 هزار ٽن ڪچو تيل کڻي سڀاڻي ڪراچي لاءِ روانو ٿيندو.
شپنگ ذريعن موجب، پي اين ايس سي جو هڪ ٻيو جهاز شالامار وار زون مان تيل لوڊ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي.