حڪومت قبيلائي دهشتگردي کي روڪڻ ۾ ناڪام ڇو؟

آفتاب عالم مهر

سنڌ جي بدقسمتي اها آهي ته ڪيترن علائقن ۾ اڃا تائين سرداري نظام حڪومت کان وڌيڪ مضبوط بڻيل آهي. پوليس ڪيترن هنڌن تي سردارن جي مرضيءَ کانسواءِ ڪارروائي نٿي ڪري سگهي، جنهن سبب ڏوهاري وڌيڪ بيخوف ٿي وڃن ٿا. عدالتن جو عمل به سست ۽ ڏکيو آهي. هڪ ڪيس جو فيصلو ڪرڻ ۾ 10، کان 12، سال ڪڏهن ڪڏهن 15 سال به لڳي وڃن ٿا. جڏهن عدالت دير ڪري ٿي، ماڻهو چون ٿا ته بدلو پاڻ وٺجي ۽ نتيجي ۾ رتوڇاڻ جو سلسلو وڌندو رهي ٿو. نسل در نسل دشمني، انا ۽ ضد جي باهه سان ٻار، بزرگ، جوان ۽ بيگناهه ماڻهو هر روز ساڙيا پيا وڃن. قبيلائي دهشتگردي تعليم ۽ روزگار کي به ختم ڪري ڇڏيو آهي. ڪيترائي اسڪول بند آهن، استاد اسڪول وڃڻ کان ڊڄن ٿا، ٻار خوف سبب پڙهائي ڇڏي ڏين ٿا. ڪاروبار تباهه، چوپايو مال چوري، هارين جون زمينون ويران، ڪٽنب گهرن ۾ قيد ۽ شام ٿيڻ سان گڏوگڏ ڳوٺن ۾ خوف ۽ دهشت پکڙجي وڃي ٿي. سنڌ جو سماج جيڪو مهمان نوازي ۽ امن جي ڪري مشهور هو، اڄ خوف، بندوق، رت ۽ لاشن جي تصوير بڻجي چڪو آهي.

جتوئي ۽ مهر قبيلن جي وڏين ڌرين واري تاريخي فيصلي بابت 30 نومبر وارو اجلاس، جيڪو هزارين ماڻهن لاءِ اميد جو سبب بڻيل هو، ملتوي ڪيو ويو. اهو ملتوي ٿيل فيصلو پاڻ ۾ هڪ وڏو سوال ڇڏي ويو آهي، ڇاڪاڻ⁠ ته هر ملتوي ٿيل فيصلو وڌيڪ رت، وڌيڪ لاش، وڌيڪ ڏک ۽ وڌيڪ يتيمي پيدا ڪندو آهي. جيڪڏهن فيصلو به طاقتور قبيلن جي سردارن جي مرضيءَ تي هلي ٿو، ته پوءِ انصاف جو حقيقي ڏينهن ڪڏهن ايندو؟ سنڌ جا ماڻهو اڃان ڪيترو وقت قبيلائي رتوڇاڻ جو نشانو بڻجندا رھندا،  آخر حڪومت ناڪام ڇو آهي؟ ڇو⁠تہ قانون ڪمزور آهي، پوليس سياسي دٻاءَ هيٺ آهي، عدالتون سست آهن، هٿيار کلي عام ملن ٿا، ڏوهاري طاقتور آهن، سرداري انا قانون کان مٿي آهي، ۽ ڪيترن علائقن ۾ حڪومت پنهنجو اختيار وڃائي چڪي آهي. جتي حڪومت خاموش هجي، اتي بندوق ڳالهائيندي آهي. جتي قانون ڪمزور هجي، اتي ڏوهاري طاقتور ٿيندا آهن

هاڻي سوال اهو نه آهي ته قبيلائي دهشتگردي ڇو ڇا جي ڪري آهي، پر سوال اهو آهي ته حڪومت ان کي روڪڻ ۾ ناڪام ڇو آهي؟ جيڪڏهن حڪومت واقعي امن چاهي ٿي، ته پوءِ وٽس ھنن قدمن کڻڻ کانسواءِ چاڙھوممڪن ناهي، قبيلائي دشمني تي پابندي، جديد هٿيارن جي واپسي، ڏوهارين خلاف گڏيل آپريشن، سياسي اثر کان آزاد پوليس، متاثر علائقن کي نو گو ايريا قرار ڏيڻ، سردارن جي ناجائز طاقت ختم ڪرڻ، فاسٽ ٽريڪ عدالتن جو قيام، تعليم ۽ شعور جي وڏي مهم ۽ متاثر علائقن لاءِ خاص ترقياتي پيڪيج لازمي ڏيڻ کپن. جيستائين حڪومت نه جاڳندي، ۽ قانون قبيلائي دهشتگردي کي دفن نه ڪندو، تيستائين هي سلسلو نه رڪجندو، نه گهٽجندو، نه ختم ٿيندو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.