ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي سينيئر اداڪار انوپم کير انڪشاف ڪيو آهي ته گذريل 15 ڏينهن دوران سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي سندس نوَ لک کان وڌيڪ فالوورز گهٽجي ويا آهن.
انوپم کير ايڪس تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ ايلون مسڪ کي مخاطب ڪندي پڇاڻو ڪيو ته ” منهنجا گذريل گذريل ڏينهن دوران نوَ لک فالوورز گهٽجي ويا آهن، ڇا توهان يا توهان جي ٽيم اوچتو فالوورز گهٽجڻ جو سبب ڄاڻو ٿا؟“
هن پنهنجي ڳالهه جي وضاحت ڪندي وڌيڪ لکيو ته ” هي منهنجو مشاهدو اهي، ڪا شڪايت نه آهي.“
ايلون مسڪ يا سندس ٽيم مان ڪنهن اڃا تائين انوپم کير جي ٽوئيٽ جو جواب ناهي ڏنو.
ڪجهه سوشل ميڊيا واهپيدار ڀارتي اداڪار جي ان سوال جو جوا ڏيندي ڪمينٽ سيڪشن ۾ لکيو ته ” توهان جي فالوورز جي انگ ۾ گهٽتائي پليٽ فارم تي مسڪ جي بوٽ اڪائونٽس جي مسلسل معطلي سبب ٿي آهي.“
هڪ واهپيدار مزاحيه انداز ۾ تبصرو ڪندي لکيو ته ” ايلون مسڪ ايڪس جو مالڪ آهي، ملازم نه.“
You might also like