سنڌ  ارسا آرڊيننس 2024 کي مڪمل طور رد ڪري ڇڏيو

سنڌ جي قومپرستن پارٽين نگران حڪومت جي جاري ڪيل ارسا آرڊيننس 2024 کي رد ڪندي ان کي سنڌ سڪائڻ جي سازش قرار ڏئي ڇڏيو.قومپرستن جو چوڻ ھو تھ چونڊيل حڪومت فوري طور تي ان آرڊيننس کي رد ڪري سنڌ خلاف ٿيندڙ سازش کي ختم ڪري.ٻي صورت ۾ عيد بعد احتجاجي تحريڪ ھلائي ويندي.

عام طور تي عوام جي خواھشن جي خلاف فيصلا چور دروازي کان آيل قوتن کان ڪرايا ويندا آھن،ڇاڪاڻ جو اھي سڌي ريت عوام وٽ جوابدھ نھ ھوندا آھن،اھڙو ھڪ فيصلو گذريل نگران حڪومت کان ڪرايوويو. اھو سڀ ڪجھه قانون جي ابتڙ ھو انڪري جو نگران حڪومت وٽ  ان جو ڪو مينڊيٽ ئي نھ ھو.سنڌ سان پاڻي ۽ ناڻي جي سلسلي ۾ ھڪ وقت کان زيادتيءَ ٿيندي رھي آھي.جنھن تي سنڌ جو عوام سراپا احتجاج آھي. ان ھوندي بھ وفاق اھڙن تڪراري فيصلا ڪرڻ کان مڙڻ جي لاءِ تيار نھ آھي.وفاق جو ھڪڙو فورم گڏيل مفادن واري ڪائونسل ھوندي آھي،جيڪي بھ تڪرار اڀرن ٿا انھن تي اتفاق ڪرڻ جي لاءِ انھن کي سي سي آءِ ۾ آڻبو آھي.پر ھاڻوڪي نگران حڪومت ھڪ تڪراري معاملي کي اڪلائڻ جي لاءِ قانون جي سنگين لتاڙ ڪندي ان ۾ ترميم ڪري ارسا جي قانون موجب جوڙيل باڊي کي ڊاھي ان جو اختيار ڪل وفاق جي ھڪ ڪاموري حوالي ڪري ڇڏيو.اھو عمل خود قانون جي ڀڃڪڙي آھي.جنھن جي بنياد تي ن ليگ جي قيادت ۾ ھاڻوڪي اقليتي حڪومت پنھنجا پير پختا ڪرڻ کان اڳ ئي سخت تڪراري شخص کي ان جو چيئرمين مقرر ڪيو،جنھن خلاف سنڌ جي عوام جي سخت احتجاج بعد اھو فيصلو تھ واپس ورتو ويو پر نگران حڪومت پاران جاري ڪيل آرڊيننس کي ختم نھ ڪيو ويو آھي.

سنڌ جي قومپرست ڌرين ان آرڊيننس کي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آھي تھ ھڪ تھ اڳ ئي سنڌ کي مقرر ڪيل فارمولي موجب پاڻي جو حصو نٿو ملي،ان سبب سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين سمنڊ ڳڙڪائي ويو آھي.ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم کان هيٺ پاڻي نه ڇڏڻ ڪري ڊيلٽا تباهه ٿي ويو آهي ۽ ٺٽي، سجاول ۽ بدين ضلعي جون زمينون ڳڙڪائي رھيو آھي.

قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجي ، جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سينيئر نائب صدر روشن علي ٻرڙي، سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل حيدر ملاح ۽ عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار چيو تھ نگرانن جو ارسا ايڪٽ ۾ تبديلي آڻي جاري ڪيل ارسا آرڊيننس سنڌ دشمني تي ٻڌل آھي. ارسا ايڪٽ تحت ارسا چيئرمين مقرر ڪيو وڃي ۽ 91ع واري پاڻي ٺاھه تحت سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي. تازي ارسا آرڊيننس جي ذريعي 1991ع واري پاڻي ٺاھه جي به حيثيت ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.چونڊيل حڪومت کي نگرانن جي آرڊيننس کي واپس وٺڻ ۽ بنا دير سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏيڻ گھرجي.

ھنن جو چوڻ ھو تھ پنجاب هر معاملي ۾ سنڌ سان ظلم ڪندو رهيو آهي، انگريز دور ۾ سنڌ ۽ پنجاب وچ ۾ ٿيل 1945ع واري پاڻي ٺاهه جي پنجاب پاڪستان ٺهڻ کان وٺي 91ع تائين ڀڃڪڙي ڪندي آيو آھي.پنجاب جي هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ زمين آباد ٿي آهي ۽ سنڌ جي 40 لک کان وڌيڪ زمين غير آباد ٿي وئي آھي.پنجاب ٿل ڪئنال، چشما جهلم لنڪ ڪئنال ۽ چاربهار ڪئنال سميت ٻين طريقن سان سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو ھنيو آھي.

قومپرست اڳواڻن جو چوڻ ھو تھ 91ع واري ارسا ايڪٽ جي مقابلي ۾ آرڊيننس جاري ڪرڻ قانون جي لتاڙ آھي. نگرانن جو اھو ڪم غير آئيني آھي.

سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت آهي ۽ (ن) ليگ سان گڏ وفاق ۾ اتحادي جماعت آهي، جڏهن ته صدر به پيپلزپارٽي جو آهي، ان ڪري پيپلزپارٽي تي اها ذميواري اچي ٿي ته هو ارسا آرڊيننس کي واپس ڪرائي ۽ 91ع واري پاڻي ٺاهه تحت ئي سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏياري.

سنڌ جي اڳواڻن جو چوڻ ھو تھ نگران حڪومت پاران ارسا آرڊيننس 2024ع لاڳو ڪرڻ کانپوءِ ن ليگ ۽ پ پ جي گڏيل وفاقي حڪومت اڃا تائين غير آئيني آرڊيننس جي خلاف قانون ساز ڪرڻ کان انڪار ڪري بيٺي آهي، جنهن سان مستقبل ۾ خطرو پيدا ٿيو آهي ته سنڌو درياهه جي پاڻي تي قبضو ڪيو ويندو. هنن چيو ته جمهوري وفاق ۾ شامل قومن ۽ اڪاين جي گڏيل فيصلن سان ئي فيڊريشن ۾ معاشي ۽ سياسي استحڪام پيدا ٿيندو آهي.

سنڌ جي قومپرست اڳواڻن جو چوڻ ھو تھ  ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪرڻ جو نگران حڪومت کي ڪو به قانوني اختيار نه هو، نگران حڪومت قانون جي لتاڙ ڪري ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪئي.جنھن سان ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ 91ع پاڻي ٺاهه موجب 10 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي نٿو ڇڏيو وڃي، لکين ايڪڙ زمين سنڌ جي سمنڊ ڳڙڪائي ويو آهي، تمر جا ٻيلا ختم ٿي ويا آهن، ماهيگيري کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي. هن چيو ته ارسا ايڪٽ ۾ تبديلي بدترين مارشل لا جو ثبوت آهي.

اڳواڻن چيو ته ملڪ جو صدر آصف زرداري آهي، جنھن جو تعلق سنڌ سان آھي.ھن  کي قانون موجب ارسا آرڊيننس کي ختم ڪرڻ جو اختيار آهي، پر پيپلز پارٽي ارسا آرڊيننس ختم نه ڪندي، پيپلزپارٽي پاڻي سيمت سنڌ جي وسيلن تي وفاق جي ڌاڙي ۾ شريڪ آهي. هنن چيو ته ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ۽ سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو ۽ زمينن تي قبضن کي سنڌ جو عوام ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندو.

ھتي اسان ھي پڻ چٽو چوڻ چاھيون ٿا تھ وفاق ڪنھن ھڪ نھ پر سمورن صوبن جي مفادن جو سٽوڊين ھوندو آھي.ان ڪري سمورن ايڪائين جو خيال ڪرڻ ۽ انھن جي مفادن کي بچائڻ وفاق جو ڪم ھوندو آھي پر وفاق جي ڪنھن فيصلي سان ھڪ يونٽ کي فائدو  ۽ ٻئي کي نقصان ڏنو وڃي تھ ان سان وفاق جو روح ۽ وفاق جو بنيادي تصور مڪمل طور ڊھي ٿو وڃي.ان ڪري وفاق کي فوري طور تي تڪراري ارسا آرڊيننس کي رد ڪندي وفاق جي يونٽ ۾ پئدا ٿيل بي چيني ختم ڪئي وڃي جئين وفاق وڌيڪ مضبوط ٿئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.