”ڊيليوري بوائز کي ٽپ ناهيان ڏيندي“ ندا ياسر جي بيان تي فضا علي جي ڇتي تنقيد

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا، ماڊل ۽ ٽي وي ميزبان فضا علي ندا ياسر جي ڊيليوري فوڊ بوائز بابت بيان تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته رائيڊرز کي ٽپ ڏيڻ فرض ناهي، پر کين ذليل ڪرڻ ڏوهه آهي.
ڪجهه ڏينهن اڳ ندا ياسر پنهنجي پروگرام ۾ چيو هو ته کاڌو پهچائيندڙ ڊيليوري بوائز ڪڏهن ڪڏهن کُليا پئسا نه هجڻ جو بهانو بڻائي ڪوڙ ڳالهائيندا آهن ۽ ٽال مٽول ڪندا آهن، جنهن سبب انهن کي ٽپ ڏيڻ تي دل ناهي چوندي.
ان بيان تي جتي ٻين ماڻهن ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، اتي فضا علي پنهنجي انسٽاگرام وڊيو ۾ ردعمل ڏيندي بنا ڪنهن جو نالو وٺڻ جي تنقيد ڪئي.
هن چيو ته هر ڪنهن جو ڪم عزت وارو آهي، رائيڊرز کي به عزت ملڻ گهرجي ۽ سندن ڪم کي ننڍو نه سمجهڻ گهرجي.
فضا علي چيو ته ڊيليوري بوائز جا به گهر ڀارتي هوندا آهن، سندن ماءُ، ٻار ۽ زال سندن اوسيئڙي ۾ هوندا آهن ۽ هنن ڪمائي جو واحد ذريعو اهو ئي ڪم آهي.
اداڪارا زور ڏنو ته رائيڊرز کي ذليل ڪرڻ ڪنهن به صورت ۾ سٺو ڪم ناهي ۽ سندن خلاف ڳالهائڻ غلط آهي.
هن سڀني کي پيغام ڏنو ته رائيڊرز کي عزت ڏني وڃي، ٽپ ڏيڻ فرض ناهي پر ذليل ڪرڻ ڪو به صورت ۾ درست ناهي ، انسانيت نه مرڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.